عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
احتجاج ۽ سياسي وارا (ڀيرا) .
لفظ “انقلاب” جنهن جو مطلب دنيا جا ڪجهه ئي ماڻهون سمجهن ٿا يا ائين ئي چئجي ته انقلاب هر عام و خاص ماڻهون جي وس جي ڳالهه نه آهي. هلندڙ دور ۾ انقلاب جي تاريخي ڪتابن جي ورقن ۾ اضافو ٿيو ۽ پهريان تيونس پوءِ مصر جو انقلاب به تاريخ جي روئيداد ۾ رقم ٿي ويا ۽ يقينن هي ناقابل فراموش ۽ ناقابل نظرانداز واقعا آهن، ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه انقلاب تمام سستو ٿي ويو آهي يا وري انقلاب هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ٿي چڪو آهي پر اهو حقيقت جي بالڪل ابتڙ آهي، هلندڙ وقت ۾ ماڻهون پنهنجي مطالبن جي مڃتا جي لاءِ ڪيل احتجاج جي ڪاميابيءَ کي انقلاب چوڻ لڳا آهن ته ڪي وري عوام کي روڊ تي آڻي پنهنجي سياست چمڪائڻ کي انقلاب سمجهن ٿا. هي تمام صورتحال تاريخي انقلابن جي توحين برابر آهي. ڀلا جيڪڏهن هرڪوئي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ روڊ بند ڪري ويهي رهيو ۽ ان کي انقلاب جو نائُن ڏئي ته پوءِ ان احتجاج ۾ ۽ ننڍڙي ٻار جي ضد ۾ ڪوئي فرق نه آهي. ڇو ته ٻار کي جنهن شيءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ نه ملندي آهي جنهن تي هو ليٿڙندي ۽ روئندي ان شي کي پنهنجي هٿن ۾ آڻڻ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي مسئلو اهو آهي ته ان ٻار کي گهربل شي جي منفي اثرات جي خبر نه هوندي آهي. ڇو ته ٻار اڪثر ماچيس، شيشي جي شين جي خواهش ڪندو آهي، ماچيس جي ٻرڻ ۽ شيشي جي ٽٽڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو اهو ان ٻار جي علم ۾نه هوندو آهي. هي ته ٻار آهي پر جيڪڏهن اسانجي ملڪ جا سياستدان پنهنجي مطالبن جي مڃتا ڪجهه ان انداز سان ڪرائن ته پوءِ انکي انقلاب چئجي يا ذهني نابالغي؟. اڃان ڳالهه اتي ئي نه آهي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسان جي مولانا صاحبان جي هڪ وڏي ريليءَ جو منظر ايم اي جناح روڊ تي ڏسڻ ۾ آيو. ان ريليءَ کان اڳ انهن مولانا صاحبان جو چوڻ هيو ته انقلاب اچڻ تي پهتو آهي. ڀلا روڊ تي ماڻهون گڏ ڪري تقرير ۾ تنقيد ڪرڻ سان به ڪو انقلاب ايندو آهي. خئير اها ريلي گذري ختم ٿي پر ساڳيا ٽڪر ساڳ سان! مطلب ته مولانا صاحبان پنهنجن بنگلن تي ۽ عوام پنهنجي جهڳين ۾ ڇا اهو انقلاب هيو؟. گذريل ڪجهه ئي وقت پهريان تبديلي جا وڏا واڪا هر طرف کان ٻڌڻ پئي آيا ڪوئي چوي پيو ته اسان تبديلي آڻي ئي رهنداسين، ته ڪنهن چيو تبديلي اڻٽر ٿي چڪي آهي. ڏٺو وڃي ته تبديلي ڇاجي گهربل هئي ؟ حڪومت جي؟ مولانا فضل الرحمان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ترت پوءِ ايم ڪيو ايم به حڪومت کان الڳ ٿي ويئي. ڏٺو وڃي ته ان وقت ئي تبديلي آڻي سگهجي ها پر جنهن وقت تبديلي جو جِنُ بوتل کان نڪري آيو ته ان جي دهشت ۾ ڪوئي به ان جو آقا بڻجڻ جي لاءِ تيار نه هيو. مطلب ته تبديلي جا نعرا هڻندڙ سياسي ڌرين ڪڏهن به ذميواري کڻڻ جو تجربو ڪونه ڪيو آهي ۽ نه ئي انهن ڏکئي وقت ۾ ملڪ کي سنڀالڻ جو سبق پڙهيو آهي شايد انڪري ئي هر طرف کان تبديلي ءَ جا آواز اچڻ بند ٿي ويا. ڪنهن چيو ته اسان حڪومت کي ڪيرائڻ نه ٿا چاهيون ۽ وري ڪنهن چيو ته اسانجي خواهش آهي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري. هر سياسي ڌر جو هڪ دم موقف تبديل ٿيڻ انهن جي ذميداري طور تي نااهلي جو ثبوت آهي؟. تبديليءَ جي ماٺ کانپوءِ هاڻي ويچارو انقلاب اسان جي سياستدانن مان ڦاٿو آهي. اهو انڪري ته هر احتجاج کي انقلاب جو نالو ڏنو پيو وڃي.يا ايئن چئجي ته احتجاج جو نالو تبديل ڪري انقلاب رکيو ويو آهي........... ؟ شايد.
گذريل ڏينهن ۾ پي آئي اي جي ملازمن جو احتجاج به سانڊي جيان رنگ تبديل ڪري ويو پهريان وڏي واڪي اهو مطالبو ٿي رهيو هيو ته تُرڪيءَ سان ٿيل معاهدو ختم ڪيو وڃين جيڪڏهن ختم نه ڪيو وي ته پوءِ مرندِ گهڙيءَ تائين احتجاج جاري رهندو. پر هي ڇا خبرپيئي ته ڪوئي معاهدو ڪونه ٿيو آهي ۽ نه ڪو فيصلو ٿيو آهي. اهوٻڌي احتجاج ڪندڙ ٽولي پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ سانڊي جي رنگ جيان مطالبي کي معاهدي جي خاتمي مان تبديل ڪري ايم ڊي پي آئي اي جي برطرفي ڪري ڇڏيو. ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهياهاڻي اهو احتجاج انقلاب جي نالي ۾ تبديل ٿيڻ لڳو پر ننڍڙي ٻار جيان ضد ڪري ماچيس جي خواهش ڪرڻ سان مشابهت رکندڙ هي احتجاج جنهن کي ڪرڻ وارن کي شايد اهو احساس نه هيو ته صرف ٽن ڏينهن ۾ انهن پي آئي اي کي اربين رپين جو نقصان رسيو آهي، سسوين اڏامون معطل ٿيون جنهن سبب هزارين مسافرن کي بي حد ڏکاين سان منهن ڏيڻو پيو. حڪمرانن جڏهن ڏٺو ته احتجاج ڪندڙن کي پنهنجي روزگارجي ذريعي يعني (پي آئي اي) کي ٿيندڙ نقصان جو ڪوئي احساس نه آهي ۽ اربين روپين جي نقصان ڪرڻ باوجود هو پنهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏئي احتجاج جاري رکي ويٺا آهن پوءِ قومي اداري کي ٿيندڙ نقصان کي روڪڻ جي لاءَ حڪمرانن احتجاج ڪندڙ ملازمن جي ٽولي جون ذاتي خواهشون پوريون ڪرڻ جو اعلان ڪيو. خبرن مطابق 5 ارب روپين کان وڌيڪ نقصان جي پرواهه نه ڪندي صرف ذاتي مفادن کي مطالبن جي طور مڃائڻ ڇا انقلاب آهي؟. ماشاءَ الله اسانجي ملڪ جو ميڊيا انکي انقلاب چوندي فخر محسوس ڪري رهيو آهي. افسوس!
اهو ئي نه پر هاڻي ڪجهه چئنلز هاڻي ايس ايم ايس ووٽنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي اهو هيئن ته ڇا توينس ۽ مصر جهڙو انقلاب پاڪستان اچڻ گهرجي؟ پاڪستان ۾ انقلاب ڪيئن ايندو ۽ ڇا ڪندو؟ هتي سياسي ڌريون پنهنجي حڪمراني جي واري اچڻ کي انقلاب جو نالو ڏئي ويٺيون آهن. 30 سالن جي آمريت کي ٽن سالن جي جمهوري حڪومت سان مشابهت ڏيڻ ڇا ڪنهن عقل بالغ انسان جو ڪم آهي؟ ان ڳالهه کان منهن لڪائڻ منافقت آهي ته هلندڙ جمهوريت پنهنجي اصل ڍانچي تي پوري نه پئجي سگهي آهي. پر جيڪڏهن هي جمهوري سلسلو جاري رهيو ته بهتري جي وقت جو آسرو به ڪري سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن احتجاج کي انقلاب ۽ سياسي واري کي تبديليءَ جو نالو ڏئي حڪومت مَٽائڻ جو تجربو جاري رهيو ته شايد حالات اڃا به خراب ٿي سگهن ٿا.
عمران درويش سومرو
۔
روزاني هلال پاڪستان ۾ 18 فيبروري تي شايع ٿيو۔

۔
روزاني مقدمو ۾ پڻ 18 فيبروري تي شايع ٿيو۔

۔
۔
۔