[justify]سنڌ سلامت جي معزز رڪن غلام مصطفي ميمڻ سنڌ سلامت تي هڪ صلاح رکي ته سنڌ سلامت جي اوطاق اندر قانوني صلاحن ۽ مشورن جو هڪ ڪمرو هجي ۔۔۔ جنهن تي سڀني دوستن هاڪاري صلاح ڏني هئي ۔۔۔ اڄ ادي رشيد هن اڱڻ تي ان ڪمري جو اضافو ڪري اسانجي خواهش پوري ڪئي آهي ۔۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جا سڀ دوست پنهنجي ڄاڻ آهر قانوني سوال يا انهن جا جواب هن ڪمري ۾ موڪليندا ته جيئن اسان سڀ دوست هن مان لاڀ حاصل ڪري سگهون ۔۔۔ سائين محترم ميمڻ صاحب اوهانجي صلاح تي عمل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ اوهان هن ڪمري ۾ اچي دوستن کي پنهنجا مشوره ڏئي سگهو ٿا ۽ جيڪي دوست ڪي سوال موڪلن ته انهن جو جواب به عنايت ڪندا ته جيئن هن ڪمري جي افاديت ۽ رونق برقرار رهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔۔ هڪ ٿورا ميمڻ صاحب جا ته ٻيا ٿورا رشيد سمون جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره ادا رشيد جي مهرباني مان سمجهان ٿو سائين ميمڻ صاحب ۽ عبدالڪريم چانڊيو صاحب جن هن سيڪشن کي بهتر نموني هلائي سگهن ٿا ۔ دوستن کي گذارش ته پنهنجون قانوني الجهنون هتي ونڊ ڪن جيئن انهن جي مدد ۽ رهنمائي ٿي سگهي۔
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره سنڌ سلامت جي انتظاميه طرفان ميمڻصاحب جي محنت کي ڏسندي هي جيڪو سيڪشن تيار ڪيو ويو آهي اهو تمام بهترين قدم آهي ، دوستن مان اميد آهي ته هن سيڪشن کي پنهنجي قيمتي رائين سان سنواريندا
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره تمام سٺو هاڻ سائين ميمڻ صاحب ۽ عبدالڪريم چانڊيو صاحب جن کي گزارش رکجي ٿي ته دوستن جي سوالن جا جواب به ڏين
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره ادا سائين اسان پنهنجون خدمتون توهان لاء آڳئي والينٽريلي پيش ڪيون هيون۔اسان کي محترم ميمبرن جي قانوني مسئلان ۾ رهنمائي ڪري ڏاڍي خوشي ٿيندي۔ادا رشيد کي لکيل پيار ڀري شڪايت نامي تي گهڻي توجه ن ڏيندا
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره چوندا آهن ته پاڪستان ۾ انصاف ملڻ مشڪل آهي۔۔۔ پر بي انتها مشڪلن ۽ تڪليفن کان پوءِ جڏهن جج بحال ڪيا ويا ته ڪجهه اميد نظر آئي ۔۔۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن ماڻهون فون تي مذاق واري ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته "هاڻي عدالتون آزاد ۽ منصف قابل آهن ۔۔ ان ڪري مون کان ڊڄ۔۔" پر ڪافي وقت گذرڻ باوجود ڪو خاص کڙتيل نظر نه آيو۔۔۔ ان باوجود پاڪستان يا ٻين ملڪن جي قانونن کي سمجهڻ اسان لاءِ نه صرف ضروري آهي پر خدانخواسته ڏکئي وقت اچڻ تي مددگار به ٿي سگهي ٿو۔۔۔ ادا مصطفى مان اميد رکجي ته هن مشڪل عنوان کي اسان اڳيان آسان صورت ۾ پيش ڪندا ته جيئن سمورا دوست لاڀ حاصل ڪري سگهن۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره ادا سائين هي پاڪستان جون ڪورٽون آهن جن ۾ ماڻهون جون آکيون انصاف لاء کتيل آهن۔آڄ به ماڻهون پنهنجا سمورا مسئلاء ڪورٽن جي ذريعي حل ڪرڻ کي ترجيحي ٿا ڏين۔ماڻهن جو ڪنفيڊيسن هاڻي ڪورٽن تي تمام گهڻو بحال ٿي ويو آهي۔جيڪڏنهن پاڪستاني ڪورٽون فال نه هجن ان ته پاڪستان اسٽيل مل ،ريلوي ۽ پي آئي اي ڀڳڙن جي مله تي وڪامي وڃن هان۔توهان کي ڪنهن چيو ته پاڪستان جي ڪورٽن مان نه ٿو ملي سگهي۔ها دير ٿئي ٿئ پر انجو سبب ڪورٽون نه آهن ڪجه ٻيا سبب به آهن۔سڄي پاڪستان ۾ ججن جو تعداد 5000 هزارن ان کان مٿي نه هوندو ۔جڏهن ته ڪيسن جو تعداد 18 لکن کان مٿي آهي ۔ڇا ايترو تعداد ڪيسن جو شارٽ پريڊ ۾ ختم ٿي سگهي ٿو جڏهن ته نوان ڪيس به اندراج داخل ٿي رهيا آهن ۔ڪن مو قعن تي پارٽيون ۽ انهنجا وڪيل هڊين آبجيڪٽ ي ڪري ڪيس نه هلندا آهن ۽ مختلف طريقڪار اختيار ڪندا آهن جنهن سان ڪيس جو فيصلو جلدي نه ٿئي۔اسان وٽ آڃا تائين آنگريزن جو ڇڏي ويل قانون ڪورٽن ۾ هلي رهيو آهي جنهن ۾ ڪيس جي ٽرائيل جو langthy پروسڊير آهي ۔هر اپيڪلشن تي آرڊار جي خلاف آپيل ۽ رويزن داخل ڪئي ٿي وڃي ۽ ڪيس جي ٽر ائيل فار ٽائيم بينگ آسٽي (معطل)ڪئي ٿي وڃي،آهو به هڪ سبب آهي ڊلي ڊسپو زل آف دي ڪيس جو۔ڪرمنل ڪيسن ۾ گواهن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي ۔پوليس پنهنجو آهو فرض صحيحي نموني نه ٿي نڀائي ۔گواه حفاظتي آقدام پوليس جي طرفان نه هجڻ جي ڪري محفوظ مقامن تي شفٽ ٿي وڃن ٿا هنن کي ڳولڻ ۽ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ ۾ پوليس کي تمام گهڻو ٽائيم لڳي ٿو۔جيل هر ڊسٽرڪٽ ۾ نه آهن۔انڪري ملزم ٻين ڊسٽرڪن جي جيلن ۾ قيد ڪيا ٿا وڃن ۔اتان انهن جي هر تاريخ تي پرڊيڪشن نه ٿي ٿئي۔اهو به هڪ سبب آهي ڊلي جو۔پر آهو چوڻ غلط هوندو ته پاڪستان جون ڪورٽون انصاف ڊيلور نه ٿيون ڪن۔آميد ته ادا رشيد سمون پنهنجي رائي هي جواب پڙهڻ کانپوء چينج ڪندو ۽ پاڪستاني ڪورٽن تي ٽرسٽ ڪندو۔
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره ادا اول ته اوهان کي مبارڪ باد هجي جو اوهان جون ڪوششون ڪورٽ سان گڏ هت به ڪاميابي سان همڪنار ٿيون آهن۔ عدالتن جو ڪم واقعي قابل فخر آهي اڃان اميد جا ڪرڻا آهن جنهن آڌار ملڪ هلي پيو ، اها ئي دعا آهي ته هن سعي لا هر ڪو ڪوشش ڪري۔ رڳو اسان تنقيد برائي تنقيد ۾ پيا هلون جيڪر ڪو اصلاح لا قدم ٿو کڻين ته پنهجا ئي ڪڍ پئجي ٿا وڃن ۔ الله تعالى کان دعا آهي ته مسلمانن جون دليون نرم ڪرڻ ۽ مثبت سوچ رڪڻ جي توفيق عطا ڪري ۔ آمين
جواب: سنڌ سلامت تي قانوني صلاح مشوره اوهان کي مبارڪ باد هجي ميمڻ صاحب سنڌ سلامت فورم تي هڪ بهترين واڌارو آهي اميد ته ڪافي دوستن کي سهي راهه ملندي دوستن کي پڻ گذارش آهي ته پنهنجا قانوني مسئلا هن سيڪشن ۾ شيئر ڪند مهرباني