کڄي ٿو سونهن جي منهن تان نقاب آهستي آهستي، اچي ٿو عشق جي گهر انقلاب آهستي آهستي۔ ڏيڻ وارو شباب آهي، ملڻ وارو شراب آهي، هتي جو ڪجهه به ملندو آ جناب آهستي آهستي، مٿوڦاڙي وڌو فرهاد ڇو ٿا چئو هڪ ڌڪ ۾، انهيء ڪم ڪار ۾ ٿيو ڪامياب آهستي آهستي، زمانوڏاڍو سادو هو ء سهڻو هو، سدورو هو، خدا ڄاڻي ته ڪيئين ٿي ويو خراب آهستي آهستي، غريبي پنهنجي گيرب ۾ ائين ڌيري هلي ٿي پئي، جئين ديري تي هلندو آ نواب آهستي آهستي، تاري تاري جي گلي تي وهائي وقت ٿو ڪاتي، ڪهائي رات پيو ٿو آفتاب آهستي آهستي، اٿڻ سان زندگي مونکان پڇيو تو جوسوال آهي، جيان ٿو پيو ڏيان ٿو پيو جواب آهستي آهستي، ملاقاتون ء راتيون ڌيري ڌيري جهومنديون آهن، رڳون استاد جون بنبيون رباب آهستي آهستي، (بخاري)
جواب: کڄي ٿو سونهن جي منهن تان نقاب آهستي آهستي تاري تاري جي گلي تي وهائي وقت ٿو ڪاتي، ڪهائي رات پيو ٿو آفتاب آهستي آهستي، ڪيا بات هي سائين۔۔۔
جواب: کڄي ٿو سونهن جي منهن تان نقاب آهستي آهستي اٿڻ سان زندگي مونکان پڇيو تو جوسوال آهي، جيان ٿو پيو ڏيان ٿو پيو جواب آهستي آهستي، بهترين ونڊ۔۔۔۔۔۔ استاد جي عشقيه شاعريء جي ڇا ڳاله ڪجي۔
جواب: کڄي ٿو سونهن جي منهن تان نقاب آهستي آهستي زمانوڏاڍو سادو هو ء سهڻو هو، سدورو هو، خدا ڄاڻي ته ڪيئين ٿي ويو خراب آهستي آهستي، تمام سهڻو غزل ۔۔۔ واه استاد واه ۔۔۔ هن غزل مان اها به خبر پئي ته فرهاد پنهنجو مٿو ڦاڙيو هو ۔۔۔ کير جي ندي وهائڻ ته ٻڌو هو پر اڄ اها به خبر پئي آهستي آهستي ٿورا دوست