مست
سينيئر رڪن
ڏس منهنجي مٺڙي سنڌ امـــان.
مان تنـــــهنجا ڪهڙا سور لکان،
تنـــــــهنجو هر هڪ سور سوايو آ،
ڪو ڪاٿو ناهي ڪيئن ڏسيان۔
هـــــــــر روز ٿا تـــــوکي ســـــور مــــلن..
ڪجهه پنهنجن ۽ ڪجهه ڌارين کان
توکي وڪڻيو تنهنجي پنهنجن آ،
ڪجهه ڳاڙهــن ساون نوٽن سان،
توکي جهـــــير ڏنا ڌارين گڏجي،
هر جهير مٿان پيو جهير ڏسان،
تو جـــــــــن کي پاڻ پناهه ڏني،
پئي سور سهين اڄ انهن هٿان،
تنهنجا ڌاريا سَنڌَ سڪائين پيا،
پر پُٽ ٿــــا تنهنجا وڙهن اڃان..
ڪــــهڙن ڪـــهڙن تـــــوکــــي تڙپايو
ڏس مست مان ڪنهنجو نانءُ کڻان.