• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رخسانه پريت جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

رخسانه پريت

سو ر ج ڏانهن چتـايـو ڇو ٿـا
هـر جـا ئن کي چاهيـو ڇو ٿـا

پـاڻ بڻا ئـي ست رنگ پو پٽ
شـاعر کي ا لجهايو ڇو ٿـا

لفظن مان هٿيار ڪو ٺهندو !
گـيتن کان گهٻرايو ڇو ٿـا

جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري
تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا

مس مس نيـڻ کنيا سَتُ ساري
هـاڻ اوهـان شـرمـايو ڇـو ٿـا

پنهنجو ٿيـڻـو نـاھ هـو هر هر
ڳـالھ اهـا ورجـايـو ڇـو ٿـا

67k5j9.jpg
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

لفظن مان هٿيار ڪو ٺهندو !
گـيتن کان گهٻرايو ڇو ٿـا

جهڙي بهترين شاعري اهڙي بهترين اوهان جي ڊزائين۔۔
خاص ڪري مٿيان لفظ ته ننڊ مان جاڳائڻ‌ جي مثل آهن۔۔۔ ان کان علاوه پوپٽ جي مثال سان گڏ اوهان ڊزائين به اها رکي آهي۔۔۔ زبردست۔۔۔ مهرباني اهڙي بهترين شاعري ونڊ‌ ڪرڻ جي۔۔​
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

ادا سليمان زبردست ڊزائين سهڻا، ٿورا۔۔۔
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

جهڙي بهترين شاعري اهڙي بهترين اوهان جي ڊزائين۔۔
خاص ڪري مٿيان لفظ ته ننڊ مان جاڳائڻ‌ جي مثل آهن۔۔۔ ان کان علاوه پوپٽ جي مثال سان گڏ اوهان ڊزائين به اها رکي آهي۔۔۔ زبردست۔۔۔ مهرباني اهڙي بهترين شاعري ونڊ‌ ڪرڻ جي۔۔​

مهرباني ادا مست

محترمه رخسانه پريت اسان جي دور جي وڏي شاعره آهي۔ مون ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ته سهڻي شاعريء کي رنگ به ايڏا خوبصورت ڏجن۔ ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان اهو ته دوست ئي ٻڌائي سگهن ٿا۔
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

مهرباني ادا مست

محترمه رخسانه پريت اسان جي دور جي وڏي شاعره آهي۔ مون ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ته سهڻي شاعريء کي رنگ به ايڏا خوبصورت ڏجن۔ ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان اهو ته دوست ئي ٻڌائي سگهن ٿا۔

ادا ڪاميابي ئي ڪاميابي آهي، جاري رکو۔۔۔
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

ڪمال جون تشبيهون ۽ ترنم سان ٽمٽار غزل

سورج ڏانهــــن چتـايـو ڇو ٿـا
هـر جـا ئن کي چاهيـو ڇو ٿـا

جڏهن هرجائي محبوب ٿئي ته کائنس ڏسڻ سان اکيون نڪرن ٿيون، اهڙي سهڻي تشبيح ۔۔۔ واه

لک شاباسون ادي وساڻ کي جو هو سنڌ جي سهڻن شاعرن جا سهڻا نظم ونڊ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي ٿو ۽ اسانکي به ريجهائيندو رهي ٿو ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
مهرباني سائين نثار

ادي رخسانه جي شاعري به غضب جي هوندي آهي ۽ تشبيھ به لاجواب هوندي آهي۔ سندس ڪجه لائنون آهن ته :

چوٽ هئي اوچتي پڇو ڇا ٿا
دل ته ڄڻ پئي ٽٽي پڇو ڇا ٿا

پٺيان جذبي جي جنهن رلي وياسين
نانء هئس دل لڳي پڇو ڇا ٿا
 
بلڪل ادا سليمان لاجواب ونڊ ۽ تشبيهون۔۔۔
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري
تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا

مس مس نيـڻ کنيا سَتُ ساري
هـاڻ اوهـان شـرمـايو ڇـو ٿـا

واه سائين واه

تمام بهترين چونڊ ڪئي اٿو

لڳي ٿو ادي طاهر کي ڀڄڻو پوندو
 
ادا عرس بلڪل هاڻ اسان کي به ائين ئي لڳي ٿو ته اسان کي ڀڄڻو پوندو!!!
 
مهرباني ادا عرس

شاعر پاڻ به عاشق مزاج هوندا آهن ۽ عشق جون ڳالهيون پاڻ به ڪندا آهن ۽ ٻين جون به ٻڌندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻي طاهر به شاعرن واري لسٽ ۾ اچي ويو آهي ۔۔۔۔۔۔ هن کي ڪٿان چوٽ آئي اهو ته هو پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿو يا سائين نثار ناز پنهنجي تجربي جي آڌار تي ڪا راء ڏئي سگهي ٿو۔

اسان شاعر ته ناهيون پر شاعري پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جا شوقين ضرورو آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سٺي شاعري سڀني دوستن سان شيئر ڪندا آهيون ۔۔ باقي طاهر ڀڄڻ وارن مان ڪونهي ۔ لڳي ٿو هو اسان کي ڀڄائي پوء ساه پٽيندو ۔۔۔
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

ادا عرس بلڪل هاڻ اسان کي به ائين ئي لڳي ٿو ته اسان کي ڀڄڻو پوندو!!!

طاهر ۽ ڀڄي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي شايد 21 فيبروريء تي هو هٿ نه اچي ۽ ڀڄي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

طاهر ۽ ڀڄي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي شايد 21 فيبروريء تي هو هٿ نه اچي ۽ ڀڄي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها

اهو ادا ان ڪري جو آءُ اسلام آباد وڃان پيو۔۔۔
 
جواب: جن کان تنهنجي واٽ وئي وسري ، تن لا ء نيڻ وڇا يو ڇو ٿـا (رخسانه پريت)

ادا سليمان صحيح پيا چئو

ادا طاهر کي به عشق لڳي ويو آهي
شاعري باذوق ماڻهن جي پسند آهي

جيڪو بد ذوق هوندو اهو پاڻ ئي ڀڄي وندو
 
ان جو مطلب ته 21 تي طاهر کي ڀڄڻ نه کپي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top