• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پٺاڻ ۽ موٽر سائيڪل۔۔۔۔

مست

سينيئر رڪن
هڪ همراهه پنهنجي قيمتي پراڊو جيپ کي ڊرائيو ڪري وڃي رهيو هيو۔۔۔
هڪ پٺاڻ موٽر سائيڪل هلائيندي پراڊو جيپ واري جي شيشي جي ڀرسان اچي چوڻ‌ لڳو۔۔۔۔
”وڙا! تون ڪڏهن موٽر سائيڪل ڏٺو آهي۔۔؟؟“
پراڊو واري ڪاوڙ مان چيوۡ؛ ”وڃ وڃ پنهنجو ڪم ڪر، مون کي تنگ نه ڪر“
وري ڪجهه دير بعد پٺاڻ ساڳئي نموني موٽرسائيڪل کي پراڊو جي ويجهو ڪندي پڇيو
”وڙا! تون ٻڌائين ڇو ڪونه ٿو، تون ڪڏهن موٽر سائيڪل ڏٺو آهي۔۔؟؟“
پراڊو واري چيس؛”پاڳل ته نه آهين جو تون منهنجي 60 لکن جي پراڊو جي اڳيان پنهنجي 30 هزارن واري موٽر سائيڪل پيو ڏيکارين“
ڪجهه دير کان بعد پراڊو واري ڏٺو ته موٽر سائيڪل ڪاٿي ڪري پئي آهي ۽ پٺاڻ‌ڪاٿي ڪريو پيو آهي۔۔۔
پراڊو واري گاڏي روڪي پڇيو۔۔۔”هي ڇا ٿيو؟؟“
پٺاڻ چئيس ”وڙا‌!‌ڪڏهن موٽر سائيڪل ڏٺو اٿئي؟؟“
پراڊو واري ڪاوڙ مان چيس۔۔۔ ”ها ڏٺي آهي هاڻي ٻڌاءِ‌ڇا ٿيو۔۔؟؟“

پٺاڻ معصوميت مان چيو۔۔
جي موٽر سائيڪل ڏٺو اٿئي ته اهو ٻڌاءِ ‌ته هن ۾‌ بريڪ ڪيئن لڳندو آهي۔۔؟؟؟“​

mechanics_suspension_fat_motorcycle.jpg
 
جواب: پٺاڻ ۽ موٽر سائيڪل۔۔۔۔

ويچارو مخت ۾ مار کائي ويو، گهٽ ۾ گهٽ عاشق سان ته صلاح ڪري ها، يا وري فقير سان!!
مستن جو ته مڙئي خير آهي۔۔۔
 
Back
Top