[JUSTIFY]آمنه ابڙو مما شوز پايان؟ مما اڄ بريڪ ٽائيم ٿيندو؟ مما شرٽ جي هيٺان وارو سوئيٽر اڄ نه پايان، متان گرمي ٿئي؟ مما اڄ ته ڏاڍو مزو ايندو ۽ اهڙيون انيڪ ڳالهيون....هو ”امن“ آهي، منهنجو پنجن سالن جو ننڍڙو پُٽُ ۽ اڄ هن جي اسڪول ۾ ايمرجنسي ڊرل آهي، ان ڪري هو روز کان وڌيڪ اتساهيل آهي. ڇا ڪرائيندا ايمرجنسي ڊرل ۾؟ مان کانئس پڇان ٿي، ۽ هو پنهنجن پتڪڙين آّڱرين تي ڳڻي ٻڌائڻ شروع ٿو ڪري، ٽي ڳالهيون سيکاريندا هڪ باهه لڳي ته ڇا ڪجي، ٻيو زلزلو اچي ته ڇا ڪجي، ۽ ٽيون ڪو چور اسڪول ۾ گهڙي اچي ته ڇا ڪجي؟ چور نه، خود ڪش حمله آور....امن کان ٻه سال وڏو سندس ڀاءُ امن جي تصحيح ٿو ڪري ۽ منهنجي دل مروٽجڻ لڳي ٿي. هو مون کان پڇي ٿو مما، توهان کي ڊرل ۾ مزو ايندو هو؟ منهنجي اسڪول ۾ ايمرجنسي ڊرل نه ٿيندي هئي امن، اسان وڻ پوکيندا هئاسين، بيت ڳائيندا هئاسين ۽ اسان راند جي ميدانن ۾ کيڏندا هئاسين، اسان ڊرل نه ڪندا هئاسين. مان کيس ٻڌايان ٿي. مما ! جڏهن توهان ننڍڙا هوندا هئا ته ٻارن کي مارڻ وارا ڪنا انڪل نه هوندا هئا؟ ۽ ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ وري چوي ٿو جيڪر مما اسان به تڏهن هجئون ها نه....۽ سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن مون کي ٻڌايو هو ته مما، ڪلاس ۾ ٽيچر سڀني ٻارن کان انهن جي نالن جي معنيٰ پڇي ته مون به ٽيچر کي پنهنجي نالي جي معنيٰ ٻڌائي. توکي تنهنجي نالي جي معنيٰ اچي ٿي امن؟ ها امن معنيٰ خوشي. هن ٺهه پهه وراڻيو. اهو توکي ڪنهن ٻڌايو آهي ته امن معنيٰ خوشي؟ مرڪندي منهنجي ڳلي ۾ پنهنجون ٻانهون وجهي جهولندي چيائين توهان جو چوندا آهيو ته تون منهنجي خوشي آن...ته امن معنيٰ خوشي ٿي يا نه؟ مان سوچيان ٿي واقعي امن جي اصلي ۽ حقيقي معنيٰ خوشي ئي ته آهي. هو مون کان ڏاڍا ڏکيا سوال پڇندو آهي، مما اسان ڪراچيءَ ڇو نه ٿا هلئون؟ ڪراچيءَ جون حالتون صحيح ناهن امن. ڪراچيءَ جي حالتن کي ڇا ٿيو آهي مما؟ ڪراچيءَ ۾ جهيڙا ٿا هلن امن. جهيڙو ڪير ٿو ڪري مما ۽ ڇو؟ ماڻهن جا ٻه ٽولا امن. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ پنهنجون حيران اکيون کڻي وري مون کان پڇي ٿو، مما اهي اينجلز ۽ ايولز آهن؟؟ نه امن اهي ماڻهو آهن. انسان، انسان.. هو سوچ ۾ پئجي ٿو وڃي پر مما اسان جي ٽيچر ته چوندي آهي انسانن کي الله سائينءَ سڀني کان وڌيڪ عقل ڏنو آهي، پوءِ مما انهن کي اهو عقل ڪونهي ته جهيڙو نه ڪرڻ گهرجي؟ هو امن آهي پر هن جا سوال پرامن ناهن. بجليءَ جي لامحدود لوڊشيڊنگ سڀني کي منجهائي ڇڏيو، گڏو گڏ امن کي به....سو پڇيائين مما اسان جي سامهون وارو روڊ ڇو بلاڪ ڪيو اٿن؟ بجلي گهڻي ٿي وڃي، ان ڪري ماڻهو ڪاوڙ ٿا ڪن. بجلي ڇا مان ٺهندي آهي مما؟ پاڻيءَ مان....۽ ڪنهن کيس ٻڌايو ته هماليه کان سنڌو نڪري ٿي اسان ڏانهن پاڻي کڻي اچڻ لاءِ، پر مٿان کان ئي پنجاب اهو پاڻي جهلي ٿو ڇڏي.....۽ امن منجهي پئي ٿو، هن جي سوشل اسٽڊيز جي ڪتاب م لکيل آهي ته سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان پاڪستان جا صوبا آهن ۽ پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ٻڌي ۽ ڀائيچارو قائم آهي ۽ ڪجهه ڏينهن کان هو هر هر ڪري مون وٽ اچي مون کي ٻڌائي ٿو، مما مون هڪ بالٽي پاڻيءَ جي ڀري رکي آهي. نيٺ هڪ ڏينهن مان هن کان پڇان ٿي، امن تون روز روز پاڻيءَ جي بالٽي ڇو ٿو ڀري رکين؟ ڏک منجهان جواب ڏنائين پنجاب سنڌوءَ کي روڪي ڇڏيو آهي، پاڻي ڄاڻ ختم ٿيو، پوءِ ڇا ڪنداسين!؟ ننڍڙن ٻارن کان اڪثر پڇبو آهي ته، تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟ امن به ڪڏهن ڊاڪٽر، ڪڏهن انجنيئر، ڪڏهن ڪجهه ته ڪڏهن ڪجهه ٿيڻ جا ارادا ڏيکاري مون کي خوش ڪندو رهندو آهي. هڪ ڏينهن هن مون کان سوال پڇيو ته، توهان وڏا ٿي ڇا ٿيندئو؟ مون کلي ورندي ڏنيمانس مان وزير اعظم ٿينديس...هو روئي پيو ۽ سڏڪندي سڏڪندي چيائين پوءِ توهان به بينظير ڀٽو وانگر مري ويندئو مما، پليز توهان بس اسان جي مما هججو، وزيراعظم نه ٿجو. سوات ۾ عورت کي سزا طور ڪوڙا لڳڻ واري وڊيو امن به ڏٺي ۽ گڏ گڏ وڏن جي ٽيڪا ٽپڻي به ٻڌائين، هن مون کان پڇيو آنٽيءَ کي ڇو ٿا مارين؟ مان منجهي پوان ٿي، کيس ڇا جواب ڏيان، پر جواب ڏيڻو ته آهي، ان ڪري چوانس ٿي، هُن پرائي انڪل سان ڳالهايو هو، ان ڪري!! هو چپ ٿي ويو، ۽ سوچ ۾ پئجي ويو سراپا سوال بنجي، ۽ ڪنهن ڏينهن کين اسڪول کان گهر وٺي اچڻ مهل رستي ۾ مون فروٽ واري کان فروٽ جو اگهه پڇيو هو، ڊپ وچان امن جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. ڇا ٿيو امن؟ مما پليز پرائي انڪل سان نه ڳالهايو، هُو متان توهان کي به نه مارين. منهنجي هٿ کي زور سان پڪڙيندي چيائين. اسان جي ملڪ ۾ ڏوهه ڪرڻ معمولي ڳالهه آهي ۽ ان کان به سوَلو آهي سزا کان بچڻ لاءِ ان ڏوهه خلاف ٺهيل قانون کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ. غيرت جي نالي تي ماءُ ڀيڻ ڪُهي سزائن ۾ نرمي وٺڻ پراڻي ڪِرتِ آهي، ڪوُڙا پوليس مقابلا ڏيکاري سنگت نه رکندڙ، يا ڀتا نه ڏيندڙ نوجوان مارڻ به ايڏي نئين ڳالهه ناهي، پر هاڻي ته مذهب کي پنهنجي مفادن پٽاندڙ استعمال ڪرڻ جو جنونيت ڀريو رواج هلي نڪتو آهي. هڪ ڏينهن امن چيو مما توهان اسان کي پنهنجي ننڍپڻ جي ڪهاڻي ٻڌايو. منهنجي اکين ۾ ساروڻين جي سهائي ڦهلجي وڃي ٿي، مان کيس ٻڌايان ٿي، جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اسان سڀ ٻار گڏجي زور زور سان بيت ڳائيندا هئاسين، گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ اغوا ٿيڻ جي ڊپ بنا اکَ ٻوُٽ ۽ چور سپاهي رانديون کيڏندا هئاسين. ميلن ۽ ميدانن ۾ گهمندا هئاسين، ڇو ته تڏهن بم ايڏا سستا نه هئا ۽ جتي ڪٿي نه ڦاٽندا هئا. جڏهن سياست جي معنيٰ عقل ۽ ڏاهپ بيان ڪئي ويندي هئي. جڏهن ڪپڙا ۽ ٿانوَ وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندڙ پٺاڻن کي دروازي جي ڏيڍيءَ وٽ بيهاري سڄي ويڙهي جون عورتون بنا خطري، بنا پردي اچي گڏ ٿينديون هيون ۽ پراڻا قرض لاهي نوان قرض کڻنديون هيون. جڏهن ٿورن پئسن عيوض گهڻي شيءِ ملندي هئي. جڏهن عيدگاهن ۾ عيد نمازن جا وڏا ميڙاڪا ٿيندا هئا ۽ خودڪش حملن جو ڊپ نه هوندو هو، ۽ جڏهن اسان جي سوالن جي جواب ۾ اسان جا مائٽ اداس ٿي منجهي نه پوندا هئا... aminaabro@yahoo.com ڪاوش جي ٿورن سان[/JUSTIFY]