مبارڪ کانپوءِ قذافي، صالح ۽ شاهه حامد جو وارو !؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]نئون سال عرب دنيا ۾ جهڙي ريت سياسي تبديلي جو سال ثابت ٿيو آهي، ۽ جيئن عرب عوام هڪٻئي پٺيان انقلابي سگهه وسيلي آمريت جا محل ڊاهڻ جا سانباها ڪندي نظر اچي رهيو آهي، تنهن مان جيتوڻيڪ ٻيا ته گهڻا ئي تجزياتي نقطا اخذ ڪري سگهجن ٿا، پر هڪ اهم ڳالهه جيڪا ان سلسلي مان ظاهر ٿئي ٿي، سا آهي عرب دنيا ۾ رياست ۽ سماج وچ ۾ وڌندڙ ويڇا. تيونس ۽ مصر کانپوءِ بحرين، اردن، لبيا ۽ يمن سميت هاڻي وري اڳوڻي سلطنتِ فارس، ايران، مان به انقلابي سدائون بلند ٿي رهيون آهن، جنهن مان اهو عيان ٿئي ٿو ته نه صرف عرب، پر لڳ ڀڳ سموري مسلم دنيا ۾ حڪمران طبقو حقيقتن کي سمجهڻ کان ڪيتريقدر قاصر آهي. عرب (۽ مسلم) دنيا تي گهري نظر رکندڙ ڪيئي ماهر هاڻي اهو چئي رهيا آهن ته موجوده حالتون عرب عوام، پنهنجين رياستن جي نه صرف طاقت کي چئلينج ڪري رهيو آهي، بلڪه ان جي وجود تي ئي اعتراض واريندي سُڻي سگهجي ٿو. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو ئي آهي ته اهي رياستون بدلجندڙ ماحول سان مطابقت اختيار ڪرڻ، ۽ پنهنجي طريقيڪار ۽ سرشتي ۾ حالتن پٽاندڙ تبديلي آڻڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. لڳ ڀڳ ستر ورهين کان عرب رياستن سدائين پنهنجن معاشرن کي پنهنجي گرفت ۾ رکڻ لاءِ سندن معيشت تي قبضو ڄمائي رکيو آهي، هر چڱي ڄاڻ، هر چڱي لاڙي کان محروم رکيو آهي، عوام سان دوکيبازي پئي ڪئي آهي، ۽ هر قسم جي قانون نافذ ڪندڙ توڙي دفاع کي يقيني بنائيندڙ اداري کي عوام خلاف استعمال پئي ڪيو آهي. ورهين تائين رياستن جي حق ۾ فائديمند ثابت ٿيڻ وارا اهي طريقا نيٺ عوام کي پنهنجون مجبوريون، پنهنجا ڊپ، پنهنجيون غلط فهميون، سڀئي دٻائڻ تي مجبور ڪري ويا، ۽ اڄ نتيجا اوهانجي آڏو آهن.

    عرب رياستن، خاص طور يَمن، اردن، لبيا، مصر، تيونس، بحرين جهڙين انقلاب کي منهن ڏيندڙ رياستن جن جمهوريتن جو لبادو پائي، پنهنجي عوام توڙي دنيا کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي، تن کي ٽيڪو ان ڳالهه جو هو ته انهن ملڪن ۾ متوسط ۽ هيٺانهون طبقو پنهنجين رياستن کي سدائين محافظ وارو ۽ مسيحائي ڪردار ادا ڪندڙ رياستون سمجهندا رهيا. اهو ڇل هاڻي پنهنجو اثر ڇڏي چڪو آهي ته ان جو هڪ مک ڪارڻ انهن طبقن پاران پنهنجين ڏکيائين لاءِ نيٺ رياست کي ذميوار سمجهڻ واري سجاڳي آهي. ان سجاڳي جو بنياد وري گذريل ڏهاڪي ۾ انهن رياستن جون هر هر تبديل ٿيندڙ پاليسيون بڻيون، جيڪي عوام کي عالمي سامراج جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ واريون رهيون.

    فقط ايئن نه ٿيو آهي ته عرب دنيا ۾ غريب ۽ متوسط طبقي معاشي طور پاڻ کي معذور محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ رياستن کي ان جو ذميوار قرار ڏنو آهي، بلڪه اهو بورجوا طبقو جنهن کي انهن ئي عرب رياستن، جهڙوڪ مصر، الجيريا ۽ تيونس وغيره، 1950ع ۽ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ عوام دشمن قرار ڏئي جلاوطني تي مجبور پئي ڪيو، تنهن کي ئي واپس آڻڻ شروع ڪيو، جيڪا ڳالهه پڻ انهن انقلاب جي ور چڙهندڙ ملڪن جي عوام کي تيش ۾ آڻڻ جو باعث بڻي آهي.

    ان سموري صورتحال ۾ ”انفارميشن ٽيڪنالاجي“ جي ڪردار جي اهميت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان دور کي پڄاڻي تي پهتي به ورهيه ٿيا جڏهن رياستن اهو فيصلو ٿي ڪيو ته عوام تائين ڪهڙي ڄاڻ پهچڻ گهرجي. عرب ملڪن ۾ عربي توڙي پرڏيهي سيٽلائيٽ چينلز هر ڏينهن وڌيڪ سماعتون ۽ بصارتون پاڻ ڏانهن ڇڪيندا رهيا آهن ۽ سرحدون انهن سيٽلائيٽ چينلز جي سگنلز کي روڪي نه سگهيون آهن. رياست جي پنهنجي ميڊيا مشينري هاڻي ڪنهن به ملڪ ۾ عوام لاءِ احترام جوڳي ناهي رهي.

    لبيا، يَمن ۽ اردن:

    وچ اوڀر ۾ انقلاب جي موسم ڪيترن آمرن ۽ شهنشاهن کي اقتدار ۽ تخت کان ڌار ڪري ويندي، ان جو اڃان تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو، جو هر ڏينهن انهن ملڪن جو انگ وڌي رهيو آهي جتي ماڻهو پنهنجين حڪومتن خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن ۽ تيونس ۽ مصر کانپوءِ ڄڻ کين اهو يقين ٿي ويو آهي ته اهي پنهنجي ملڪ ۽ ان جي مستقبل جا مالڪ پاڻ آهن.

    لبيا ۾ بن غازي شهر ۾ اربع ڏهاڙي پرتشدد حڪومت مخالف مظاهرن کانپوءِ لبيا جي سرڪار طرفان شهر ۾ وڌيڪ سيڪيورٽي فورسز ۽ جنگي سامان لاٿو ويو آهي، ۽ اهو طئي ٿي ويو آهي ته ليبا جي حڪومت هاڻي پنهنجي ئي عوام خلاف جنگ جوٽي رهي آهي، پر ان باوجود احتجاج جو زور نه ٽٽڻ اهو واضح ڪري چڪو آهي ته لبيا جي عوام به ان آمراڻي جنگ جو ڀرپور انقلابي جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. لبيا جي سرڪار جيتوڻيڪ نه ئي مارجي ويلن جو انگ پيئي ٻڌائي، نه وري زخمي ٿيلن جو، پر هيومن رائيٽس 30 کن ماڻهن جي حڪومت مخالف مظاهرن ۾ سيڪيورٽي فورسز هٿان قتل ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. لبيائي سرڪار ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشنز تي مڪمل طور قبضو رکندي آئي آهي، ان ڪري لبيا ۾ جاري عوامي تحرڪ بابت ڪا انگن اکرن تي ٻڌل ڄاڻ حاصل ڪرڻ عالمي ميڊيا لاءِ به ڏکيو ٿي پيو آهي. سوشل نيٽورڪنگ ويب سائيٽس تي لبيا منجهان ئي صارفين ٻڌائين پيا ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو هيل تائين رياست هٿان قتل ٿي چڪا آهن. روايتي انداز ۾ رياست پاران حڪومتي ميڊيا وسيلي اها ڄاڻ ڏني پيئي وڃي ته حڪومت مخالف مظاهرن جي جواب ۾ ملڪ جي سربراهه جي حق ۾ به لکين مظاهرين گهٽين تي نڪري آيا آهن.

    لبيا ۾ اڳ به حڪومت مخالف احتجاج جي لهر وقتن فوقتن اڀرندي رهي آهي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ڪاميابي سان پئي دٻايو آهي، پر اهي قصا زين العابدين ۽ حسني مبارڪ جي زوال کان اڳ جا آهن. نوجوان، تعليم يافته عرب آبادي جي هڪ وڏي اڪثريت جو خيال آهي ته معمر قذافي جي اقتدار جا ڏينهن هاڻي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي بچيا آهن. قذافي 42 ورهين کان لبيا تي حڪومت ڪندو رهيو آهي، جنهن سبب هو عرب دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وقت حڪمراني ڪندڙ ليڊر به آهي. عمان جي سلطان قبوس کي به حاڪميت ڪندي ايڏو وقت ناهي ٿيو! ڏيکاءُ خاطر قذافي حڪمران ناهي، ۽ لبيا تي حڪومتي ڪاميٽي جي حڪمراني آهي، جنهن تحت سوشلسٽ پيپلز لبين عرب جمهوريه جهڙا نوان نوان نالا به لبيا کي ملندا رهن ٿا، پر حقيقت ۾ لبيا هڪ پوليس اسٽيٽ آهي، جتي سياسي پارٽين تي پابندي آهي ۽ عوام جي ڪنهن به تحرڪ کي دٻائڻ لاءِ هر ممڪن طريقو آزمايو ويندو آهي. ڪرنل قذافي ۽ سندس خاندان طاقت ۽ مراعتن جو ڀرپور مزو ماڻيندو رهيو آهي، پر هو ان ڦرمار ۾ اڪيلو ناهي، حڪومت سان ڳنڍيل هر وڏي نالي جو اهو ئي حال آهي، تنهنڪري اهو به چيو پيو وڃي ته لبيا جي فوج ۽ ان جا قبيلائي اڳواڻ پنهنجي هن آقا کان اقتدار کسڻ جي گستاخي ڪرڻ کان اڳ مرڻ گهڙيءَ تائين پيا سوچيندا!

    لوڪربي ڪيس کانپوءِ ۽ گڏيل قومن پاران پابنديون هٽائڻ کانپوءِ لبيا ٻيهر جوهري قوت بڻجڻ واري پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪندو رهيو آهي. تيل ۽ گئس جي وڏن ذخيرن جو گهر، لبيا، مغربي تيل ڪمپنين لاءِ به اهم مارڪيٽ آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ملڪ کي انقلاب کان محفوظ نه ٿو بڻائي. ايندڙ وقت ۾ لبيا ۾ جاري احتجاجي تحريڪ ۾ ڪجهه به ٿئي، پر اڌڙوٽ ڪرنل قذافي لاءِ هاڻي سياسي آزادي واري عوامي مطالبي کي دٻائڻ ڏکيو ضرور ثابت ٿيندو.

    يَمن ۾ ڏاکڻي حصي ۾ واقع عدن شهر ۾ به حڪومت مخالف مظاهرن ۾ درجنين مظاهرين زخمي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 5 مظاهرين قتل ٿيڻ جون رپورٽون بين الاقوامي ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن. هڪ ٻئي يمني شهر، تعز ۾ به حڪومت مخالف مظاهري تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. يمني صدر علي عبدالله صالح جي 32 سالا دور اقتدار جي خاتمي جو مطالبو ڪندڙ مظاهرين سان نه صرف، مصري انقلابين وانگر، حڪومت جا حمايتي ڀاڙيتا جهڙپون ڪري رهيا آهن، پر يمني سيڪيورٽي فورسز به مظاهرين تي تشدد ۽ هٿيارن جي استعمال کان نه پيون مڙن. يَمن ۾ ته مظاهرن جي هن تازي سلسلي جي شروعات جو سبب ئي سيڪيورٽي فورسز هٿان 6 حڪومت مخالف مظاهرين جو قتل بڻيو. رياستي ٽي وي موجب لکين ماڻهو هن وقت يمني شهرن ۾ گهٽين تي حڪومت مخالف مظاهرن ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن. هوڏانهن اردن جي راڄڌاني عمان ۾ ڪالهه لاڳيتو ستين ڏينهن به بادشاهت جي مخالفت ۾ احتجاجي مظاهرا جاري رهيا.

    مصر جي ٻي تصوير، بحرين:

    وچ اوڀر جي هي ننڍي رياست بحرين خطي ۾ تازو ئي حڪومت مخالف مظاهرن جي لهر جي ور چڙهڻ واري رياست آهي. بحرين ۾ حڪومت مخالف عوامي تحرڪ جي شروعات سومر تي ٿي، جنهن جو باعث فرقيواريت ڄاڻائي پيئي وڃي. الخليفه خاندان، جيڪو بحرين ۾ ورهين کان حڪمرانيءَ جو حقدار بڻيل رهيو آهي. ان خاندان ۽ ان جي قائم ڪيل حڪومتي نظام خلاف احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته حڪومت کين سندن فرقي جي ڪري تفريق جو نشانو بڻائيندي آئي آهي، ۽ الخليفه خاندان ان جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. 2010ع دوران ان ئي مد ۾ حڪومت پاران ڪريڪڊائون ڪري فرقيواريت جي بنياد تي گهڻيون ئي گرفتاريون ڪيون، جن مان اڪثريت اڃان بحرين جي قيدخانن حوالي آهي. بادشاهه حماد بن عيسيٰ الخليفه کان مظاهرين جو مطالبو آهي ته کين سڌارا گهرجن، نج عوامي سڌارا. بحرين جي بادشاهه احتجاج کي دٻائڻ لاءِ هر خاندان کي 1000 دينار (لڳ ڀڳ سوا ٻه لک رپيا) ڏيڻ جو اعلان به ڪيو آهي ۽ ڪي ٻيون گهرجون به پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پر ان سان ڪو خاص فرق ناهي پيو ۽ صورتحال ويتر خراب ٿيندي پيئي وڃي. حماد الخليفه پاران ڪالهه ئي حالتون مستحڪم ٿيڻ بعد قومي سطح تي سياسي مفاهمتي عمل شروع ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي ويئي هئي، پر ڪجهه ئي گهڙين کانپوءِ بحرين جي شهر مناما ۾ سيڪيورٽي فورسز حڪومت مخالف مظاهرين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ درجنين مظاهرين گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي حالت ۾ اسپتالن تائين پهچايا ويا.

    هڪ ننڍو ٻيٽ بحرين، جيڪو آمريڪي شهر نيويارڪ کان 100 کن چورس ميل وڌيڪ ايراضي رکندڙ مس آهي، خليج فارس ۾ سعودي عرب وٽ واقع آهي. هن عرب رياست کي به آمريڪا جو اتحادي هئڻ جو اعزاز حاصل آهي، جنهن کي قائم رکڻ لاءِ رياست ڪجهه به ڪرڻ تي آماده رهندي آئي آهي. اتي آمريڪي بحري فوج جو هڪ وڏو جٿو، ففٿ فليٽ به مقيم آهي ۽ ٻيٽ تي هڪ آمريڪي زميني فوجي اڏو به آهي. 91 سيڪڙو شرح خواندگي رکندڙ، لڳ ڀڳ 10 لک کان ٿوري وڌيڪ آبادي رکندڙ هن ٻيٽ جي معيشت تيل، خاص طور پيٽرول جي پراسيسنگ ۽ رفائيننگ تي انحصار رکي ٿي، گڏوگڏ بحرين هڪ بين الاقوامي بيڪنگ مرڪز به آهي.

    Courtesy: the Gulf News, the Washington Post, the Sky News & the BBC.[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو