ملڪ جون حالتون فوجي انقلاب طرف وڌن پيون:پاڳارو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]پير جو ڳوٺ/خيرپور (نمائندن وٽان) حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته ملڪ جون حالتون فوجي انقلاب طرف وڌن پيون، انقلاب جي صورت ۾ اقتدار ۾ اچي حڪمراني ڪندڙ واڳ ڌڻي سخت احتساب ڪندا، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه پيرڳوٺ ۾ ساڻس ملاقات لاءِ آيل ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل خيرپور جي فنڪشنل ليگ جي نامزد اميدوارن ايڊووڪيٽ شفقت مهيسر ۽ ٻين سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي پير پاڳاري چيو ته انقلاب کانپوءِ چورن ۽ پاٿاريدارن جو پڻ خاتمو اچي ويندو، احتساب سان ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ بهتري ٿيندي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي خزاني کي لٽيندڙ ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندا، پير پاڳاري چيو ته مهاجرن جو مستقبل ڪوبه ڪونهي ۽ ڪراچي جون حالتون وڌيڪ بگڙڻ جي صورت ۾ ”برگيڊيئر ضياءُ الحق“ ظاهر ٿيندو ۽ هو پنهنجو ڪم ڏيکاريندو، پير پاڳاري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي ۽ جتي تعليم نه هجي ته اتي ڪهڙو حال هوندو، اهو سڀ ڪو محسوس ڪري سگهي ٿو، ان موقعي تي پير پاڳاري ملاقات لاءِ آيل وڪيلن جي پئنل کان خيرپور ضلعي جي سياسي ۽ سماجي صورتحال بابت معلومات ورتي، ملاقات ڪندڙن ۾ ايڊووڪيٽ شفقت مهيسر، ياسر عرفات شر، ايڊووڪيٽ رعنا شاهه، ايڊووڪيٽ عبدالقيوم شيخ، حبيب الرحمٰن شيخ، ارشاد ڌاريجو، نثار ڀنڀرو، شمس لاڙڪ، ايڊمنسٽريٽر ڪنگري خليل الله ميمڻ، انجنيئر شڪيل شيخ، ٽي او فنانس عبدالرشيد خاصخيلي ۽ ٻيا شامل هئا، ٻئي طرف پير پاڳاري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن کي زيارت ڪرائي ۽ دعا گهري.
    ڪاوش[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو