ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين
    جي اين مغل


    [JUSTIFY]هاڻ ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي ته پنجاب ۽ پنجاب جي سياسي قيادت سڀ جمهوري ۽ معقوليت وارا رويا ترڪ ڪري واپس نوي، سٺ ۽ پنجاهه واري ڏهاڪي واري سياست ۾ موٽي وئي آهي. جڏهن ته اڳوڻي سرحد صوبي، بلوچستان، سنڌ جي قوم پرست ۽ وطن دوست قيادت خلاف اهي لڳايا ويندا هئا ته اهي پاڪستان جا دشمن ۽ هندستان جا ايجنٽ آهن.

    اڱاري تي هڪ اين جي اوز ”پلڊاٽ“ طرفان ڪراچيءَ ۾ ”پاڻي جو بين الصوبائي مسئلي“ تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. هڪ ته خود پلڊاٽ جو رويو ڏاڍو پراسرار محسوس ٿئي ٿو. پلڊاٽ هن کان اڳ به ڪراچيءَ ۾ هڪ، اڌ، سيمينار ڪرايو جنهن ۾ ڪراچي جي اڪثر سنڌي صحافين کي نظرانداز ڪيو ويو. جڏهن هيءُ سيمينار منعقد ڪيو ويو ته وري به اڪثر سنڌي صحافين کي نظرانداز ڪيو ويو. ٻن، ٽن صحافين کي اڻ سڌي طرح دعوت ناما مليا جيڪي ڪنهن طرح انهيءَ سيمينار ۾ پهچي ويا.

    ان کان سواءِ، پلڊاٽ سنڌ مان جن کي انهيءَ سيمينار کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني تن ۾ پي ايم ايل (ن) جو رهنما الاهي بخش سومرو جي شموليت قابل توجهه هئي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته الاهي بخش سومرو بنيادي طور تي هڪ انجنيئر آهي ۽ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ انڊس بيسن ٽريٽي لاءِ نيويارڪ ۾ عالمي بئنڪ جي سهاري هيٺ 50 جي ڏهاڪي ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان جي وفد ۾ ان وقت شامل ڪيو ويو جڏهن محمد صالح قريشي کي سنڌ جي مفادن وٽان ڪجهه نقطا اٿارڻ تي هن کي وفد مان ڪڍيو ويو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته الاهي بخش سومرو ڊيمن بابت هڪ ماهر جي حيثيت رکي ٿو. پر شايد هن کي ان ڪري ان سيمينار کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي جو ان جو تعلق پي ايم ايل (ن) سان آهي. جنهن جون واڳون هڪ پنجابي سياستدان جي هٿ ۾ آهن. ان کان سواءِ اخباري اطلاعن موجب هن ڪالاباغ ڊيم واري اشوءَ کي انتهائي ڪمزور موقف اختيار ڪيو ۽ چيو ته ”جيڪڏهن ڊيمن جي ضرورت آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو وڃي“ سنڌ مان الاهي بخش سومري کان سواءِ آبپاشيءَ واري اڳوڻي سيڪريٽري ادريس راجپوت کي به مدعو ڪيو ويو. هن ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ”جڏهن درياهه ۾ پاڻي آهي ئي نه ته ڊيم ڪيئن ٺهندو؟“ هن چيو ته رڳو هڪ سال جي ٻوڏ جي پاڻي تي ڊيم نه ٿو ٺاهي سگهجي“ ادريس راجپوت شايد ان کان وڌيڪ سخت موقف ان ڪري نه رکي سگهيو جو سيمينار ۾ سنڌ مان ڊيم مخالف ٻين ماهرن کي مدعو نه ڪيو ويو هو هو شايد پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو. اي جي اين عباسي کان وڏو پاڻي جو ماهر ئي ڪو نه ته پوءِ ان سيمينار کي خطاب ڪرڻ لاءِ عباسي صاحب کي ڇو نه گهرايو ويو هو. رٿابندي ۽ منصوبابندي واري اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي کي مدعو ڇو نه ڪيو ويو؟ پاڻي جي هڪ ٻئي ماهر سينيٽر قاضي عبدالمجيد کي ڇو نه گهرايو ويو؟ بشير ڏهر کي ڇو نه دعوت ڏني وئي؟ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي نمائندن کي ڇو نه شامل ڪيو ويو؟ سيد قربان علي شاهه کي مدعو ڇو نه ڪيو ويو؟

    انهيءَ سيمينار جي سڀ کان اهم ۽ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها تقرير آهي جيڪا ارسا جي چيئرمين رائو ارشاد، جيڪو ارسا ۾ پنجاب جو نمائندو آهي، ڪئي. اخباري اطلاعن مطابق هن الزام مڙهيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ هندستان جي مفادن جو تحفظ ڪري رهيا آهن. هن نه فقط اهو چيو پر اهو به الزام مڙهيو ته اهي يا ته تيل ڪمپنين جا ايجنٽ آهن يا هنن جو تعلق سنڌ جي ڪچي ۾ زمين تي قبضو ڪندڙ جاگيردارن سان آهي.

    جيستائين تيل ڪمپنين جي ايجنٽ هئڻ جو مهڻو ڏيڻ جو تعلق آهي ته تيل لابي ته پنجاب جي مفادن جي چوڪيداري ڪندي اچي. اهو ئي سبب آهي جو ”تيل لابي ۽ ڪالاباغ لابي گڏجي پهرين ڏينهن کان ٿر جي ڪوئلي جي ترقي ۽ ان تي بجلي گهر قائم ڪرڻ وارين رٿائن کي سبوتاز ڪنديون پيون اچن. جيستائين سنڌ جي ڪچي بابت ڏنل مهڻي جو تعلق آهي ته سنڌ جو ڪچو پنجاب جي ماهرن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر آهي. ياد رهي ته سنڌ جي مشهور تحقيقدان مرحوم ايم ايڇ پنهور سنڌ جي ڪچي کي سنڌ جي پاڻيءَ جي بئنڪ قرار ڏنو هو. ڪچي جي حوالي کان سنڌ جو هڪ الڳ ڪيس آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين نه سنڌ جي ڪنهن حڪومت ۽ نه سنڌ جي آبپاشي ماهرن کنيو آهي، جنهن جو ذڪر آئون هن ڪالم ۾ اڳيان هلي مختصر طور ڪندس.

    في الحال، سنڌ جي حڪومت کي سنڌ جي مڙني سياسي ڌرين کي سنڌ جي مڙني آبپاشي ماهرن ۽ سنڌ جي عوام کي ارسا جي پنجابي چيئرمين جي انهن الزامن جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ هندستان جي مفادن جي پاسداري ڪري رهيا آهن يعني اهي هندستان جا ايجنٽ آهن.

    اسين انهن الزامن جو ذميوار پي ايم ايل (ن) جي قيادت کي سمجهون ٿا جنهن جون واڳون نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي هٿن ۾ آهن، اسان وٽ نواز شريف جي لاءِ نرم گوشو پيدا ٿيڻ لڳو هو. پر سمجهجي ٿو ته سنڌ جي ڪجهه حلقن جي اها راءِ درست نه آهي. شريف ڀائر اڄ به 90 جي ڏهاڪي ۾ بيٺا آهن جڏهن هنن زور بار وجهي 1991ع ۾ سنڌ دشمن پاڻي ٺاهه مسلط ڪيو هو، هاڻ ڳالهه ظاهر ٿي پئي آهي ته شريف ڀائر اڄ به نوي جي ڏهاڪي ۾ بيٺا آهن جڏهن ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ شرط آمريڪا جي ڪمپني سيپا جي سهڪار سان ڪيٽي بندر ۾ هڪ نئون سامونڊي بندر تعمير ٿيڻ ۽ اتي ٿر جي ڪوئلي تي ڪيئن بجلي گهر قائم ڪرڻ وارو محترمه بينظير ڀٽو جي رٿا کي بيدردي سان ترڪ ڪيو ويو تنهن ڪري هڪ ته سنڌ ترقي جو سئو سالن جو ڇلانگ لڳائڻ کان محروم ٿي وئي ۽ ٻئي طرف ڪوئلي مان سستي ۽ تمام گهڻي مقدار ۾ بجلي ٺهڻ جي ڪري ڪالاباغ ڊيم جو جيڪو رينگٽ بند ٿيڻو هو سو نه ٿي سگهيو. ان کان سواءِ، اهو وسيع پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ سان سنڌ جي تمام گهڻو شاهوڪار ٿيڻ جا روشن امڪان هيا. هاڻ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شريف ڀائر اڄ به ان هنڌ بيٺا آهن جتي هنن ڪالاباغ ڊيم ٺاهه جو اعلان ڪيو هو جنهن جو نه فقط سنڌ پر سرحد ۽ بلوچستان صدين ۾ شديد ردعمل ٿيو هو. سنڌ جي عوام سنڌي قوم پرست صحافين جي سهڪار سان محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد اوٻاوڙي وٽ تاريخي ڌرڻو هنيو هو. ان کان سواءِ سرحد ۽ بلوچستان صوبن ۾ پڻ ڪالاباغ خلاف وڏيون ريليون ڪڍيون ويون.

    هن وقت ڪالاباغ ڊيم جي خلاف تفصيل سان دليل ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. ڇاڪاڻ ته دوست توڙي دشمن کي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي ته ڪالاباع ڊيم بابت سنڌ جو ڪيس ڪهڙو آهي. اسان جو مختصر طور، اهو موقف آهي ته درياهن ۾ ايترو پاڻي ئي نه آهي جو ان تي ڪو ڊيم ٺاهي سگهجي. ان ڪري سنڌ جو عوام نه فقط ڪالاباغ ڊيم پر اپ اسٽريم تي هر ڊيم ٺاهڻ جي خلاف آهي. سنڌ جي عوام کي ان ڳالهه تي به اعتراض آهن ۽ ڀاشا ڊيم تي سنڌ جي آبپاشي واري اڳوڻي سيڪريٽري ۽ موجوده حڪومت ڇو اعتراض ناهن واريا؟ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي شجاع جوڻيجي ۽ موجوده حڪومت کي سنڌ جي عوام آڏو ڪٽهڙي ۾ اچي پنهنجو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو.

    منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي موجوده حڪومت کي تربيلا ڊيم جي ڪري سنڌ کي پهتل نقصان جو ڪيس تيار ڪري تربيلا ڊيم جي ڪري سنڌ کي پهتل نقصان جو سروي ڪري اهو نقصان سنڌ کي ڀري ڏنو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهو موقف اختيار ڪيو وڃي ته سنڌ کي سڀ کان بهترين تربيلا ڊيم جي ڪري پهتل نقصان جو حساب ڏنو وڃي ان کان پوءِ ڪو ٻيو ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ۽ سنڌ کي قائل ڪيو وڃي.

    جڏهن تربيلا ڊيم ٺاهيو پئي ويو ته ان وقت ون يونٽ هئي. سنڌ جو ڪو به وجود نه هو. جو سنڌ اولهه پاڪستان جو هڪ حصو هئي. تنهن ڪري انڊس بيسسن ٽريٽي تي دستخط ڪرڻ وقت ۽ تربيلا ڊيم ٺاهڻ وارو فيصلو ڪرڻ وقت سنڌ جي راءِ معلوم ئي نه ڪئي وئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سان ان وقت ٿيل ان ناانصافي جو چيپٽر نئين سر کوليو وڃي. حالانڪ پاڪستان ٺهڻ وقت توڙي ون يونٽ ٺهڻ وقت جيئن سنڌ جي قيادت سان ٻيا واعدا ڪيا ويا هئا تئين اهو واعدو به ڪيو ويو هو ته پاڻي بابت سنڌ جي تاريخي موقف جي برعڪس ڪو به قدم نه کنيو ويندو ۽ سنڌ جي مفادن کي ڪو به ڇيهو نه رسايو ويندو.

    اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ تمام ضروري آهي ته تربيلا ڊيم وقت بوقت تربيلا واري هنڌ جي سروي ڪئي وئي ته تربيلا ڊيم ٺاهڻ سبب اتان جي ڪيترن ماڻهن کي ئي ڪنهن هنڌ منتقل ٿيڻو پوندو حالانڪه، تربيلا ڊيم ٺهڻ ڪري سڀ کان گهڻي Displacement سنڌ ۾ ٿي جيڪا تاريخي نوعيت جي هئي. تربيلا ڊيم ٺهڻ سبب سنڌ جون ٻه مڪمل دنيائون تباهه ٿي ويون ۽ اڄ انهن جو ڪو به وجود نه آهي. واضح رهي ته تربيلا ڊيم ٺهڻ کان اڳ سنڌو درياهه جي کاٻي توڙي ساڄي ڪناري وارو ڪچي جو انتهائي وسيع علائقو، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ٻڏندو هو، انهن ٻنهي پاسن واري ڪچي جي علائقن ۾ ٻوڏ کان پوءِ تمام گهڻو فضل ٿيندو هو جڏهن ته ان تي خرچ تمام گهٽ ايندو هو. ڪچي جي ان زمين کي نه پاڻي جي ضرورت هوندي هئي ۽ نه ڀاڻ جي ضرورت هوندي هئي، هاري ناري فقط ٻج پوکي ڇڏيندا هئا جنهن کان پوءِ عاليشان فصل لڻڻ جو انتظار ڪندا هئا. تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ان ڪچي جو چوٿون حصو به مشڪل سان ٻڏي ٿو، جنهن ڪري سنڌ وڏي پئماني تي زرعي اپت کان محروم ٿي وئي. ان تي گذران ڪندڙ هاري ۽ انهن جا خاندان بيروزگار ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيڻ لڳا. جيئن مون مٿي ڄاڻايو آ ته ڪچو سنڌ جي پاڻي جي بئنڪ آهي. ڪچو نه ٻڏڻ سبب سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي وسيع علائقن ۾ زير زمين پاڻي جي سطح تمام گهڻو هيٺ لهي وئي جنهن ڪري هڪ ته کوهن جو پاڻي ڪڍڻ مشڪل ٿي پيو ته ٻئي طرف سنڌ ۾ سوڪ منهن ڪڍيو جنهن سنڌ کي ساڻو ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ان ڪري اڃا تائين پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه سگهي آهي.

    جڏهن ايڏي وڏي پئماني تي ڪچو ٻڏندو هو ۽ فصل تمام سٺا ٿيندا هيا ته اتي رهندڙ وٽ تمام گهڻو چوپايو مال هوندو هو. جنهن ڪري ڪچي ۾ هزارين مڻ کير پيدا ٿيندو هو ان کان سواءِ مکڻ ۽ سٺو گهه تمام گهڻي تعداد ۾ دستياب هو. پر تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ڪچي جا ٽي حصا ٻڏڻ کان رهجي ويا ته چوپايو مال ۽ مالونڌا بک مرڻ لڳا. بعد ۾ اهو چوپايو مال ۽ اهي مالوند ڪيڏانهن گم ٿي ويا. ان جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي ڪا خبر نه آهي، جڏهن تربيلا ڊيم ٺهڻ کان اڳ ڪچو تمام گهڻو ٻڏندو هو ته سنڌ جو سلو به عروج تي هو ۽ ان ۾ ماکي ۽ ڪاٺيون به تمام وڏي مقدار ۾ پيدا ٿينديون هيون پر تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪچي جا ٻيلا به سڪڻ لڳا ته سنڌ ماکي ۽ ڪاٺين واري دولت کان به محروم ٿي وئي. جيڪي خاندان ماکي ۽ ڪاٺيون وڪرو ڪرڻ تي گذر پيا ڪندا هئا سي به بک ۾ مرڻ لڳا. اها خبر نه آهي ته اهي ماڻهو به ڪيڏانهن ويا؟ اهڙي طرح تربيلا ڊيم ٺهڻ جي نتيجي ۾ سنڌ کان سندس ٻه دنيائون ڦرجي ويون، جنهن جو حساب سنڌ کي ڏيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حڪومت، سنڌ جي ٻين سياسي ڌرين ۽ سنڌ جي مڙني ساڃاهه وندن جو فرض آهي ته هو اهو حساب وٺن.

    هتي اها ڳالهه به رڪارڊ تي آڻڻ گهرجي، اڄ ڏينهن تائين ان ڳالهه جي به کوجنا نه ڪئي وئي آهي ته 80 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل فئڪٽر ڇو سڀ اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا؟ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ان جي پويان هڪ ته انهن قوتن جو هٿ هو جيڪي سنڌ جي سياسي ردعمل کان ڊنل هئا ۽ هنن خود سنڌ اندران سنڌ لاءِ خطرا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. پر ان ڳالهه جي به کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته تربيلا ڊيم ٺاهڻ جا اثر ڌاڙيل فئڪٽر جي پيدا ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب ته نه هو؟ ڇو ته سنڌ جي ڪچي جا ٽي حصا نه ٻڏڻ سبب اتي زراعت، چوپائي مال ۽ ٻيلن جي ختم ٿيڻ سبب جيڪي هزارين خاندان بک جو شڪار ٿيا ڇا انهن جا ڪجهه فرد ڌاڙيل ته نه بڻجي ويا؟

    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن مڙني محرڪن جي کوجنا ڪئي وڃي ته ٻئي طرف سنڌ جي حڪومت، سنڌ جون مڙيئي سياسي ڌريون؟ سنڌ جا سڀ ساڃهه وند مرڪزي سرڪار کان تربيلا ڊيم ٺهڻ سبب سنڌ کي پهتل وسيع نقصان جي ڪٿ ڪرڻ ان نقصان جو معاوضو وٺڻ جو مطالبو ڪري[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    ادا سليمان بهترين ونڊ، ٿورا اوهان جا دوست،،،
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    ادا توهانجي ڳالهه بلڪل درست آهي

    پنجاب پنهنجا واعدا ڪڏهن پاڙيا آهن
    هو سمجهن ٿا ته اسانکي سنڌي ڇا ڪندا
    ائين ئي پيا ڪندا سين پر هاڻ ائين نه ٿيندو

    هاڻ ايترو آسانيء سان هنن کي هر شئي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    تمام ڳريون حقيقتون لکيل آهن، انهن تي غور ويچار ۽ بحث‌ڪرڻ جي ضرورت آهي۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    معلوماتي، وقتائتو ۽ سنڌ دشمنن جي منهن تي چپاٽ لڳڻ جهڙو مضمون ونڊ ڪري ٿورا لايا آهن اوهان ۔۔۔ پر ڪو چوي ته پاڻي جو حساب وٺون، ڪو چوي ته ناڻي جي ڦرلٽ جو حساب وٺون ۔۔۔ آ ته چوانٿو ته سڀني سورن جو پلئه ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ ۽ 1940 واري قراداد پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ٿيل ويساه گهاتين جو حساب ٿيڻ گهرجي ۔۔۔

    پر اسانجو پيارو دوست هن اڱڻ جو رڪن چوندو آهي ته ٻلي کي گهنڊڙي ٻڌندو ڪير ۔۔۔۔؟ اصل ۾ سوال اهو آهي ۔۔۔ ڏسجي ته ڪڏهن ٿو گهنڊڙي ٻڌڻ وارو ڏينهن اچي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    مهرباني ادا طاهر

    هن ونڊ جو مقصد اسان تائين ڄاڻ جي فراهمي آهي۔ مان اميد ڪندس ته دوست مڪمل ڄاڻ رکي ڪنهن به فورم تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف دليل ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندا۔ منهنجي ڪوشش آهي ته ادريس راجپوت صاحب جو پاڻيء جي موضوع تي لکيل ڪتاب به دوستن سان شيئر ڪجي
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    ڳاله اها آهي ته اسان جون حڪومتون ۽ اسان جا موڪليل نمائنده ڪهڙو ڪردار ٿا ادا ڪن۔ اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٽيڪنوڪريٽس ۽ سياستدانن تي پريشر وڌائجي جيئن هو پنهنجي صحيح فيصلن تي اٽل ارادن سان بيٺا رهن۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    مهرباني مست

    يقينن اسان جي فورم کي به اهي شيون اجاگر ڪرڻ کپن ۽ دوستن خاص ڪري اوهان ، عمران درويش ۽ سائين نثار ابڙو کي گهرجي ته سنڌ جي مسئلن ۽ تاريخي حقيقتن تي جامع مضمون لکي دوستن سان ونڊ ڪن ۽ اخبارن تائين اهي ڪالم پهچائن۔ سنڌ سلامت کي هر روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ تحقيقي ڪالم آڻڻ‌گهرجي۔

    اميد ته هن ڳاله کي دوست سنجيدگيء سان ڏسندا ۽ غور ڪندا
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪالاباغ جا حامي پهرين تربيلا جو حساب ڏين

    سائين نثار مهرباني

    پاڻي تي لڳل ڌاڙي وارو ڪيس سنڌ کي عالمي عدالت ۾ کڻڻ گهرجي ها ۽ هن مسئلي تي هڪ تمام زورائتي تحريڪ اٿي ها جيڪا پوء انقلاب ۾ تبديل ٿئي ها ته بهتر هيو۔ ڇو ته منهنجي نظر ۾ ماڻهن کي ڪنهن هڪ گڏيل مسئلي تي ئي گڏ ڪري سگهجي ٿو پر افسوس اهو آهي ته اسان وٽ هاڻي اها ڪميٽيد ۽ سڇائيء واري ليڊرشپ ڪونهي۔

    هن وقت افسوسو سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جون مذهبي ، وفاقي ۽ قومي سياست واريون پارٽيون پنهنجي نظرين کان هٽي ذاتي فائدن واري سياست ڪري رهيون آهن۔ ڏک ٿيندو آهي جڏهن اسان پنهنجي ئي ماڻهن سان دوکو ٿيندي ڏسندا آهيون۔

    پر پوء به مايوسي ڪفر آهي۔ اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن سنڌ مان انقلاب جو ٻج ڦٽي نڪرندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو