ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
خيال ڪر
ڪڏهن ته لبن جي لالي سان مونکي لال ڪر
منهنجي آهن جو تون ٿورڙو کڻي خيال ڪر
ڄاڻين ٿو پوءِ برتي بي رخي نه جيئڻ جنجال ڪر
مرڪي مون ڏي نهاري نه وايون بتال ڪر
ڪڏهن ڀري محفل مونکي چئي پنهنجو
نوازي نيڻن سان اداسين کي با ڪمال ڪر
سمجهان ٿو تنهنجي حسن اڳيان حاجت ناهي
اچ هيڪر ، پوءِ ڀلي پيرن سان پامال ڪر
مذاق ناهي خدا جو قسم سچ آهي سراسر سچ
بي رخي جي بهاني اسان کي نه ائين بي حال ڪر
تون مون ۾ رهين مان تو ۾ رهان هر پل
زندگين جو هڪ ٻئي ۾ اهڙو انتقال ڪر
جي تو کي منهنجو شرم ناهي ته نه سهي
پر ڏاڏل پنهنجي عمر جو کڻي خيال ڪر
منهنجي آهن جو تون ٿورڙو کڻي خيال ڪر
ڄاڻين ٿو پوءِ برتي بي رخي نه جيئڻ جنجال ڪر
مرڪي مون ڏي نهاري نه وايون بتال ڪر
ڪڏهن ڀري محفل مونکي چئي پنهنجو
نوازي نيڻن سان اداسين کي با ڪمال ڪر
سمجهان ٿو تنهنجي حسن اڳيان حاجت ناهي
اچ هيڪر ، پوءِ ڀلي پيرن سان پامال ڪر
مذاق ناهي خدا جو قسم سچ آهي سراسر سچ
بي رخي جي بهاني اسان کي نه ائين بي حال ڪر
تون مون ۾ رهين مان تو ۾ رهان هر پل
زندگين جو هڪ ٻئي ۾ اهڙو انتقال ڪر
جي تو کي منهنجو شرم ناهي ته نه سهي
پر ڏاڏل پنهنجي عمر جو کڻي خيال ڪر