ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ناهي منهنجي مون تي حڪمراني
ناهي منهنجي مون تي حڪمراني
منهن ماڻهن جهڙو حقيقت حيواني
ڪٽ منهنجي قلب تي دل ڌٻڻ
سک سمجهيم تن وڌائي پريشاني
لوڪ کان لڄ خدا جو خوف ناهي
پائي پاند ڳچي چوان فقير سيلاني
جي حق جي هادي جو هٿ وٺي هليا
خالق بخشي آهي تن سعادت سلطاني
جن جي ءَ ۾ جذب ڪيو جانب کي
تن کان پيري پري وڌي تن جي جواني
خاموش رهيا خلق ۾ کلڻ تان سدائين
فڪر ۾ فنا ٿيئڙا ظاهر ۾ رهيا زاني
ڏاڏل کي ڏاهن ڏنو اهو ڏس ڏاڍو ڏکيو
ڪيٻاءِ نه ڪڏهن ڪم ڪندي مسلماني
منهن ماڻهن جهڙو حقيقت حيواني
ڪٽ منهنجي قلب تي دل ڌٻڻ
سک سمجهيم تن وڌائي پريشاني
لوڪ کان لڄ خدا جو خوف ناهي
پائي پاند ڳچي چوان فقير سيلاني
جي حق جي هادي جو هٿ وٺي هليا
خالق بخشي آهي تن سعادت سلطاني
جن جي ءَ ۾ جذب ڪيو جانب کي
تن کان پيري پري وڌي تن جي جواني
خاموش رهيا خلق ۾ کلڻ تان سدائين
فڪر ۾ فنا ٿيئڙا ظاهر ۾ رهيا زاني
ڏاڏل کي ڏاهن ڏنو اهو ڏس ڏاڍو ڏکيو
ڪيٻاءِ نه ڪڏهن ڪم ڪندي مسلماني