[justify]هڪ ڀيرو ڪجهه انگريز گهمڻ لاءِ پاڪستان آيا، هڪ ڏينهن رستي ۾ انهن جي مهانگي ڪار خراب ٿي وئي، انهن جو ڊرائيور مٿو هڻي هڻي بيهي رهيو گاڏي نه هلي... اهو منظر هڪ پاڪستاني واٽهڙو ڏسي رهيو هو، ان چيو ڇا مان مدد ڪري سگهان ٿو..؟؟؟ انگريزن چيو ڪوشش ڪري ڏس.. پاڪستاني ٻن منٽن ۾ گاڏي اسٽارٽ ڪري ڏني.. انگريزن حيرانيءَ مان پڇيو.. گاڏي ته امپورٽڊ هئي، اهو ڪم ڀلا ڪيئن ڪيئي؟؟ پاڪستاني خوش ٿيندي چيو ” جڳاڙ سان“ انگريز حيران رهجي ويا... وري ٻئي ڏينهن اهي انگريز مووي ڏسڻ سئنيما ويا ته اتي هائوس فُل جو بورڊ لڳل هو.. هڪ شخص کان پڇا ڪين ته ان بنا دير جي ٽڪيٽون ارينج ڪري ڏنيون.. انگريزن پڇيو سئنيما ته هائوس فُل هئي تون ٽڪيٽون ڪٿان آنديون؟؟؟ ان شخص چيو ”جڳاڙ سان..“ هنن سمجهيو جڳاڙ ڪا وڏي شئي يا وڏو سسٽم آهي.. اهي انگريز جڏهن وطن واپس ويا ته پنهنجي ملڪ جي وزير اعظم سان ملاقات ڪري کين جڳاڙ جي افاديت کان آگاهه ڪري مطالبو ڪين ته پاڪستان کان جڳاڙ حاصل ڪيو وڃي.... جڏهن ان وزير اعظم پاڪستان جي صدر سان رابطو ڪري جڳاڙ سسٽم جي لاءِ فرمائش ڪئي ته صدر صاحب فرمايو.. اهو ممڪن ئي ناهي ته اسان توهان کي جڳاڙ ڏيون.. [-x ڇو ته پاڪستان ته هلي ئي پيو ”جڳاڙ سان =)) “ [/justify]
جواب: جڳاڙ سان... هاهاهاها واه يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳاله ته بلڪل صحيح آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پياري پاڪستان جي ڪهڙي ڳاله ڪجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها
جواب: جڳاڙ سان... [justify]ادا۔۔۔ پاڪستان تي ڪهڙي معيار۔۔ پاڻ واري سنڌ به جڳاڙ تي پئي هلي، هتان جي تعليم به جڳاڙ تي، هتان جون پارٽيون به جڳاڙ تي ، هتان جا ادارا به جڳاڙ تي۔۔۔ ڇا ڳالهه ڪجي جڳاڙ جي ۔۔ پاڪستان ۾ جڳاڙ جي کوٽ نهآهي۔[/justify]۔