سورج مکي جي فصل جي پوکائي جو وقت ۽ ان جا فائدا

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سورج مکي جي فصل جي پوکائي جو وقت ۽ ان جا فائدا
    عبدالرحمان جروار

    [​IMG]
    [JUSTIFY]
    سورج مکي هڪ اهڙو فصل آهي جنهن مان گهٽ خرچ مان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر گهڻن آبادگارن کي ان جي صحيح ڄاڻ نه هئڻ سبب آبادگار وڏا فصل ڪمند، ڪڻڪ، ڪپهه پوکي هن فصل مان گهٽ فائدو حاصل ڪن ٿا، ڏسون ته آخرڪار هي فصل ڪهڙي سبب آبادگارن لاءِ وڌيڪ اپت ۽ فائديمند آهي. سورج مکي جي فصل جي تاريخ: سورج مکي جنهن کي انگريزي ۾ Sun Flower باٽنيڪل نالو Holian thus ammus ۽ فيملي Coon positee اٿس، جيڪو سڀ کان پهرين 16 هين صدي ۾ روس ۽ هالينڊ پهتو، جتان 18 هين صدي بعد اهو فصل آمريڪا ۾ متعارف ٿيو ۽ پاڪستان ۾ اهو فصل تيلي ٻجن جي فصل سبب 1960ع ۾ پوکيو ويو، جنهن بعد سال 71-1970ع ۾ هي فصل سنڌ ۽ پنجاب ۾ 666 هيڪٽرن تي پوکيو ويو، جنهن مان 482 ٽن پيداوار حاصل ٿي، سال 88-1987ع ۾ اهو فصل سنڌ ۽ پنجاب ۾ 33122 هيڪٽرن تي پوکيو ويو جنهن مان 42531 ٽن پيداوار حاصل ٿي. سورج مکي جي تيل جا فائدا: سورج مکي جنهن مان تقريبن 39-49سيڪڙو تائين تيل حاصل ٿئي ٿو ۽ انهيءَ جو دنيا جي تيل ۾ 14 سيڪڙو پراڊڪشن آهي، (6.9 M.T سال 86-1985ع) آهي، جڏهن ته يورپ ۾ ان جو مقدار دنيا جي لحاظ کان 60 سيڪڙو آهي، هن جو تيل انسانن لاءِ کاڌي جي طور تي استعمال ٿئي ٿو، ان کان علاوه هن جي تيل مان صابڻ ٺاهڻ، پيٽيسائيڊ، ليبريڪينٽس پڻ استعمال ٿئي ٿو، ان کان علاوه آمريڪا ۾ ٻئي نمبر تي ڊيزل فيول هجڻ سبب ڊيزل جي انجڻ ۾ پڻ الٽرنيٽ طور استعمال ٿئي ٿو.
    سورج مکي لاءِ گهربل زمين: سورج مکي هلڪي وارياسي ۽ لٽياري زمين تي پوکيو وڃي ته بهتر پيداوار ڏئي ٿو ۽ هن لاءِ ميڊيم ۽ هاءِ مائڪرو نيوٽس گهربل هوندا آهن، سٺي پيداوار لاءِ پر تنهن هوندي به هي فصل گهڻي ڪلراٺي زمين کان علاوه ٻين تقريبن سڀني زمينن لاءِ موزون سمجهيو وڃي ٿو ۽ گهربل 6.5 کان 8.0 پي ايڇ رينج وارين زمينن تي پوکي سگهجي ٿو.
    سورج مکي جي فصل جو پوکڻ جو وقت: هيءَ فصل سال ۾ ٻه ڀيرا پوکي سگهجي ٿو ، پهريون ڀيرو سال ۾ پهرين جنوري کان پهرين فيبروري ۽ اتر سنڌ ۾ 15 ڏينهن دير سان پوکي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻيو ڀيرو هي فصل 15 جولاءِ کان 15 آگسٽ ۽ اتر سنڌ ۾ 15 ڏينهن دير تائين به پوکي سگهجي ٿو.
    سورج مکي پوکڻ لاءِ ٻج جو مقدار: سورج مکي جي ٻج جو حساب ٻج جي ڪوالٽي تي هوندو آهي پر تنهن هوندي به هي فصل ورائٽي جنس 5 کان 8 ڪلو هيڪٽر ۽ هائبرڊ ٻج 2 کان 3 ڪلو في هيڪٽرن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته هن ۾ ٻوٽن جو تعداد تقريبن 75000 کان 85000 تائين في هيڪٽر هجڻ گهرجي.
    سورج مکي جون جنسون: سورج مکي جون جيڪي جنسون آهن انهن ۾ Ho-1، Noor, SF-187، سيمن ۽ هائبرڊ جنسن ۾ Hydum-33-38 وغيره هائبرڊ پوکيا وڃن ٿا.
    سورج مکي کي ڀاڻ جي ضرورت: سورج مکي اهڙو فصل آهي جنهن کي صرف 3 کان 4 پاڻين جي ضرورت هوندي آهي، پهريون پاڻي 20 کان 30 ڏينهن جي اندر، ٻيو پاڻي پهرئين پاڻي جي 15 ڏينهن بعد، ٽيون پاڻي گلن جي ٺهڻ وقت ۽ چوٿون پاڻي گلن ۾ ٻج ٺهڻ وقت.
    سورج مکي جي فصل جي لڻائي: سورج مکي جو فصل تقريبن 90 کان 110 ڏينهن اندر پچي تيار ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن سورج مکي جي گل جو رنگ سائي مان ڦري ڦڪو ٿي وڃي ته ان کي ڪٽجي.
    سورج مکي جي فصل جي پيداوار: سورج مکي جي فصل جي جيڪڏهن سٺي سار سنڀال لهجي ته هي فصل 25 کان 30 مڻ في ايڪڙ پيداوار ڏئي سگهي ٿو.
    سورج مکي جي فصل تي لڳندڙ جيت: سورج مکي جي فصل تي گهٽ بيماريون لڳن ٿيون پر تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن اسٽيم لاٽ، روٽ ، سٽ ، وائيٽ فلائي ۽ جيڊ وغيره جو هملو ٿئي ٿو، جنهن کي ڪنهن زرعي ماهر سان لهه وچڙ ۾ اچي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
    آبادگار ڀائرو توهان ڏٺو ته سورج مکي جي فصل ۾ ڪيترو فائدو آهي ۽ ان ۾ خرچ اسان جي وڏن فصلن جي ڀيٽ ۾ بلڪل گهٽ آهي، جيڪڏهن اسان جا آبادگار سورج مکي کي وڌ کان وڌ پوکين ته يقينن ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ سٺو فائدو پئجي سگهي ٿو
    ڪاوش اسپيشل ايڊيشن کان ورتل
    تاريخ 19 فيبروري 2011
    [/JUSTIFY]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سورج مکي جي فصل جي پوکائي جو وقت ۽ ان جا فائدا

    بهترين ادا مست۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو