mhjamali
سينيئر رڪن
هڪ موالي غربت کان تنگ ٿي پيو سو سوچيائين ته ڇو نه خودڪشي ڪيان، ويچاري وٽ خودڪشي لاٌٌٌ به زهرجي شيشي جيترا پئسا به ڪونه هئا ويو گهر پيتي جو کوليائين ته ڏاڏي سائين جو پراڻو پٽڪو ملي ويس، بس موالي دير ئي ڪو نه ڪئي پٽڪو کڻي ڇت واري پکي ۾ ٽنگيائين ۽ کڻي پاڻ کي جو مڏ تان ٽپ ڏنائين ته پٽڪو ته جڏو هو سو ژڦاٽي پيو موالي وڃي فرش ته ڦهڪو ڪيو، ويچاري ڪپڙا ڇنڊيا چيائين، مرڳو مئو هئس رب بچايو با!