• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏسون ٿا

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڏسون ٿا



هلو ڀلا هوا ۾ تير هلائي ڏسون ٿا
پرچي نه پرچي اسان پرچائي ڏسون ٿا

اسان جو ڪم آهي انهن کي ريجھائڻ
ريجهي نه ريجهي اسان ريجهائي ڏسون ٿا

اسان لاتي آهي هاڻي هن جي مرضي آهي
پاڻ نڀائي نه نڀائي اسان نڀائي ڏسون ٿا

مختار پنهنجي مرضي جو هن جي مرضي
ڳُٿي سلجهي نه سلجهي سلجهائي ڏسون ٿا

هنن جي ويڇا وڌايا اسان گهٽايون ٿا
گهٽجن نه گهٽجن اسان گهٽائي ڏسون ٿا

ڀلي هن وڌي آهي ڪنن ۾ ڪپھ جي
ٻڌي نه ٻڌي اسان ٻڌائي ڏسون ٿا


ڏاڏل تنهجون روڻ جهڙيون ڳالهيون قدر
ڪري نه ڪري اسان نير وهائي ڏسون ٿا
 
جواب: ڏسون ٿا

انتهائي لاجواب خيال آهن۔۔۔ جيئن استاد بخاري چوي ٿو۔۔
پيار ڏئي پيار گهرين ٿو حيف هجئي استاد
عاشق نه آهين، ڪو آهين وڏو واپاري۔۔۔
سو توهان به پنهنجو فرض نڀائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔ ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته موٽ ۾ ڪجهه ملي يا نه۔۔۔
 
جواب: ڏسون ٿا

انتهائي لاجواب خيال آهن۔۔۔ جيئن استاد بخاري چوي ٿو۔۔
پيار ڏئي پيار گهرين ٿو حيف هجئي استاد
عاشق نه آهين، ڪو آهين وڏو واپاري۔۔۔
سو توهان به پنهنجو فرض نڀائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔ ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته موٽ ۾ ڪجهه ملي يا نه۔۔۔


سائين الله اوهان جهڙن سٻاجهڙن جي ڇانَوَ اسان جهڙن نادارن ۽ نادارن تي دائم ۽ قائم رکي اوهان جون ڪوششون سنڌ جي جنت ۾ وڏو مان رکن ٿيون اوهان جي پسنديدگي اسان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي الله اوهان تي پنهنجي رحمت جا دروزا هميشه کليل رکي جو اوهان اسان اترو پري ويل ساٿين کي ڳنڍيو پيا اچو الله اوهانجو حامي و ناثر۔
وسلام
 
جواب: ڏسون ٿا

تمام بهترين ادا ڏاڏل۔۔۔
لا جواب۔۔۔۔۔
اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو آهي۔۔
 
Back
Top