جيئن ته مان آهيان مزمل سومرو مان بينڪ م نوڪري ڪندو آهيان ميزان بينڪ سکر ۾ مون کي سنڌ سلامت تي اچڻ جو ڏاڍو شوق هيو هاڻي مان سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيس مون کي سنڌي لکڻ جو شوق آهي :x-@};- سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيس مان سنڌ سلامت جو ٿورائتو اهيان جو مون کي ميمبر ڪين هاڻي سڀني سنڌي ڀائرن منهنجي طرفان سلام آهي
جواب: سلام من سنگت کي مزمل سومرا صاحب، دل جي گهراين سان ڀليڪار، پر يار! تعرف ۾ ڪنجوسي ڪئي اٿوَ، ڪجهه ته حالي احوالي ٿيو ها ۔۔۔ ڪو اتو پتو ڪو ڪم ڪار ۽ ڪي شوق ۽ چاهتون ته ونڊ ڪيو ها ۔۔۔ اميد ته اوهان اوطاق تي پنهنجا قرب ڪندا ۽ ڀيرو نه ڀڃندا هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار سنڌي ماڻهون سهڻا جڳ جڳ شال جيئن
جواب: سلام من سنگت کي ادا مزمل سومرا صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جو رڪن ٿيڻ تي ڀليڪار ٿا چئون توهان سکر شهر جا رهواسي آهيو معنى مون جي پاڙي جا رهواسي آهيو اها ته خوشي جي ڳالهه آهي ادا توهان کي سنڌ سلامت فورم بابت ڪنهن آگاهي ڏني ؟ يا وري چاچي گوگل توهان جي مدد ڪئي ؟ ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: سلام من سنگت کي سائين منهنجا۔آسلام عليڪم توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چون ٿا۔آميد ت توهان هن آوطاق تي بهترين معلومات ونڍ ڪندا۔توهانجي لکڻين جو انتظار رهندو۔
جواب: سلام من سنگت کي وعليڪم السلام ادا مزمل اوهان کي ڀليڪار۔ ادا اميد ته اوهان کي هن فورم تي مزو ايندو تعارف پورو ڪرائيندا ته مهرباني
جواب: سلام من سنگت کي ادا هڪ دوست ته منهنجو به آهي ”مزمل سومرو“ جي نالي سان۔۔۔ اهو به بينڪ ۾ آهي۔۔ پر ”الفلاح بينڪ“ ۾۔۔۔ جنهن کي پيار مان داني سڏيندا هئاسين۔۔۔ سنڌ سلامت تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار آهي ادا۔۔۔ هي ناچيز ”اسد علي ميرجت“ المعروف مست هن محفل ۾ اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو ڪري۔۔۔
جواب: سلام من سنگت کي ادا سولنگي صاحب و عليڪم السلام ڀلي ڪري آيو ادا اوهان تعارف سيڪشن ۾ وڃي نئون موضوع کولي پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرايو ته دوست اوهان کي آجيان ڪن باقي هتي ادا مزمل سومرو جو تعارف هلي رهيو آهي جنهن کي به سنڌ سلامت جي سنگت طرفان ڀليڪار چئون ٿا