ڏڪي پٽ تي ڳيرو، تنبي اڀ تي باشو، نچي ڇت تي پسٽل، لڇي پٽ تي لاشو۔ بيانن جا باجا، دلاسن جون ڊفليون، ته ڇا، قتل غارت به آهي تماشو؟ استاد بخاري