• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترمه دروپدي ڌنواڻي جي شاعري

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
چَوَڻَ لاءِ تَه
گھَرَ سَڀئيِ مُنهنجا هُئا
پَرَ ڪنهنِ بِه گھَرَ تي
مُنهنجو حَقُ نَه هو
ڪوئيِ بِه گھَرُ
مُنهنجي نالي نَه ٿيو.
مُنهنجو گھر
هُئس مان جڏهن ننڍي
ڌيءُ جنهنجي هُئس
گھر جنهن ۾ هُئاسين
گھرُ اُهو اَسانجو
پيءُ نالي هُئو.

وڏيِ ٿِيس
پيءُ نَه رهيو
ڀاءُ هٿُ رکيو
گھَرُ پوءِ اَسانجو
ڀاءُ نالي ٿيو

شادئَ کانپوءِ
مان ٿيس جنهنجيِ
اُهو مُنهنجو ٿيو
هِڪُ گھرُ ڇُٽو، ٻيو مليو
پر گھرُ ------
مُنهنجي گھوٽ جي نالي هو.

پُٽُ وَڏو ٿيو
ڌڻيِ نَه رهيو
۽ مان بِه وڏيِ ٿيس
گھرُ مُنهنجو، منهنجي نالي نَه
پُٽَ نالي ٿيو.

هر گھر ۾ موُن
زندگيِ گُذاري

محترمه ڌروپدي ڏنواڻي​
 
ڪير ٿو چوي اڄ عيد آهي

ڪيرُ ٿو چوي
اَڄُ عيدَ آهي
عيدَ تَه اُنَ ڏينهُن هُئي
پهريون دفعو جڏهن
ٻئي پاڻَ گڏيا هُئاسيِن
نظروُن خاموشُ هُيوُن
چَپَ چُپ هُئا ٻنهي جا
باغ ۾ سائي گاهَه جي
وِڇايل غاليچي تي
عشق جيِ باهِه ۾
ٻَه جِسمَ
ٻريِ ڪري هِڪُ ٿيِ ويا
اَڄُ توُن ڪِٿي آهيِن
مان ڪِٿي آهيان
ڪنهن کي ڪُجھُه خبر ڪونهي
عيدَ هُجي
۽ اَسيِن جُدا هُجوُن
ڇا اِها وفا آهي
يا مجبوُري آهي
ڪيرُ ٿو چوي تَه
اَڄُ عيدَ آهي.
ڌنواڻي​
 
ناريِ مهان

هر مُلڪ جي هر شهر ۾
هر گھر ۾ ناريِ هوُنديِ آهي.

هر ناريِ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ
يا زال ٿينديِ آهي.
ماءُ ڀنگياڻيِ بڻجيِ
ٻارن جو مل موُتر کڻندي آهي
ڀيڻ ڌوٻياڻيِ بڻجيِ
ڀائرن جا ڪپڙا ڌوئنديِ آهي.
ڌئُ باسڻن واريِ بڻجيِ
گھر جا جوُٺا باسَڻَ صافُ ڪنديِ آهي
زال گھر جيِ نوڪرياڻيِ بڻجيِ
گھَرَ سڄي جو فرش ٻُهارو ڪنديِ آهي
هر روُپ ۾ ناريِ مردَ کي
ڪُجھه نَه ڪُجھه ڏيِنديِ آهي.
رشتن جيِ اُس ۾
زندگيِ پنهنجيِ سُڪائي ڇڏيِندي آهي.
ڌنواڻي​
 
مَئِنا

بند پِڃري ۾
تڙڦندو ڏِسيِ
مَئِنا کي
مان سمجھيو
اُڏامڻُ چاهي ٿيِ
کُليلَ آسمانَ ۾
مِلَڻُ چاهي ٿيِ
وَڃيِ پَنهِنجن سان باغ ۾.

پِڃرو کولي
ڏنومانس اُڏاميِ وَڃَڻَ لاءِ
ڪونَه نِڪتيِ پوءِ بِه
چيومانس
اُڏاميِ وَڃُ، مِلُ وڃيِ پنهنجن سان
روئيِ ڏِنو ويچارئَ
چَوَڻَ لڳيِ
پَرَ ڪَٽي ڇڏيا
ڪَنهِن مُنهنجا
پَرَن بنان ڀلا
ڪيرُ اُڏاميِ سگھيو آهي؟ ممتا
 
ٻَڪرن سان گَڏُ

ٻَڪرن سان گَڏُ
ڪاسائئَ وٽِ هِڪَ
ٻَڪريِ بِه اَچيِ وَئي
جيڪا پيٽَ سان هُئي
روزُ هِڪُ هِڪُ
ٻَڪرو گھٽجندو وِيو
ٻَڪرا ڪيڏانهُن ٿا وڃن
ٻڪرئ کي ڄاڻ ڪونَه هُئي
جَنهِن ڏيِنهُن ڪاسائي
آخريِ ٻڪري کي
وَٺڻَ آيو،
ٻڪريِ بِه چُپچاپ
اُنجي پُٺيان هلنديِ رهيِ
ٻَڪرئَ جڏهِن
سِسيِ ٻَڪري جيِ
ڌَڙَ کان اَلڳ ٿيِندي ڏِٺيِ
خوُنُ ٽهڪڻَ لڳُس
چئني پاسي ٽَنگيل
سُڪَلَ کَلوُن ڏسيِ پَنهنجن جوُن
مَنُ ڀرجيِ آيُس
تڏهن اُن سوچيو
هاڻِ ماءُ نَه ٿيِنديس ڪَنهنجيِ
۽ وَڃيِ بيِٺيِ
ڪاسائئَ جي سامهوُن
سِسيِ پَنهنجيِ ڪَٽائِڻ لاءِ.
محترمه دروپدي ڌنواڻي​
 
سگريٽ

خيِسي مان
هِڪُ نَئون نوٽُ ڪڍيِ
اَدَب سان موُنکي
خريِد ڪيو تو.
هٿن ۾ کڻيِ
سُٺي طريقي سان
پيار جي نظرُن سان
موُنکي ڏِسيِ ڪري
لڳايُئه پنهنجن چَپَن سان
ماچيِس جيِ تيِلئَ سان
ٻاريُئه موُنکي ٻئي پاسي کان
جسمُ مُنهنجو ٻرندو رهيو
۽ توُن دوُنهين کي ڏسندو رهِئين.
هَٿَ سَڙَڻَ لَڳا جَڏهِن تُنهِنجا
ڦِٽيِ ڪري ڇَڏيُئِه
ڪچري جي ڍيرَ تي
موُنکي.




مان ٻرنديِ رهيس،
پوءِ بِه
لَڳيِ نَه وڃي باهِه
سَڄي مُلڪَ ۾
اِن ڊَپَ کان
پيرن سان پنهنجي
ڇَڏيُئِه چيِڀاٽي
موُنکي.

۽ وَريِ هَلِئين
باهِه لَڳائِڻَ
هِڪَ ٻِئي کي.

ڌنواڻي صاحبه جي بهترين ڪليڪشن منجهان
 
شهر جو آخري گھر

هر پرديسي جي نانوء


هر شهر جي ڪُنڊ ۾
هِڪُ آخري گھر هُوندو آهي
جنهنجا دروازا
شهر ڏانهُن کُلندا آهن
۽ دريوُن جھنگل ڏانهُن.
اُهو گھر پاڻکي
ڪڏهن شهر ۾؛ ۽
ڪڏهن جھنگ ۾
ٺهيل محسوس ڪندو آهي

مُنهنجو منُ بِه ؛
جڏهِن تُون ايِندو آهيِن
شهر بڻجِي پوَندو آهي
گھر ۾ روٰنق وڌي ويندِي آهي.

مُنهِنجو منُ
جھنگُ ٿيِ ويندو آهي
جڏهِن توُن پرديس
هليو ويندوآهيِن
گھر ۾ چُڀڻ واريِ شانتيِ،
ڪا بِه هلچل نَه ،
نَه کُٽَڻ وارا ڏيِنهَن
وڏيوُن راتيوُن
صُبوح اُداس
شاموُن غمگيِن
وقتُ ڄڻ بيهيِ ويندو آهي
جھنگَ مان شهر ڏانهُن وڃڻ لاءِ
منُ وياڪُل ٿيِ رهيو آهي منُهنجو اُگھاڻو (ٽَپڙيِ)

جنهنجيِ پنهنجيِ ڪا بِه
اِڇا ڪونَه آهي
بس، گھَرَ ۽ رنڌڻي کي
صافُ رکڻو آهي
جيسيِن ساهُه آهي
تيسيِن جيِئڻو آهي.

گندگيِ سڄي گھَرَ جيِ
لِڪائي پنهنجي پاڻَ ۾
گھَرَ جي ڪنهن ڪُنڊَ ۾
لِڪيِ وِهڻو آهي
جيسيِن ساهُه آهي
تيسيِن جيِئڻو آهي.


اُگھاڻو ڪڏهن تَه ڦاٽيِ ويندو
ڦٽو ڪري ايِندا گَندَ جي ڍير ۾
اُگھاڻو هِڪُ ڦاٽندو تَه ٻيو ايِندو
اُگھاڻو تَه گھَر ۾ ضروُريِ آهي.
سَسُ ويندي تَه نُهنُ ايِنديِ
هر ناريِ
گھَرَ جو هِڪُ آُگھاڻو آهي
جيسيِن ساهُه اَٿس
کيس جيِئڻو آهي.

ڌواڻي صاحبه
 
جواب: مَئِنا

ادا طاهر بغير حوالي سان موڪليل هي شاعري ظاهر ڪري ٿي ته هي ٻول توهان جا لکيل آهن۔۔۔
جڏهن ته هي شاعري وائيس آف سنڌ جي صفحن تي سجايل آهي ۽ شاعره ”محترمه دروپدي ڌنواڻي“ آهي۔۔۔ مهرباني فرمائي آئنده ڪنهن سائيٽ تان کنيل مواد کي سڌو سئون لڳائڻ وقت سائيٽ ۽ شاعر جو حوالو ضرور لکندا ڪريو۔۔۔

ادا رشيد بلڪل اوهان جي ڳالهه درست آهي، پر مون وري به آخر ۾ محترمه جو نالو ضرور لکيو هو۔
 
Back
Top