هي بينرسعودي عرب جي شهر رياض جي هڪ روڊ تي لڳل آهي جنهن تي عربي ۾ لکيل آهي ”سگريٽ ڇڏيو توهان جي مفت شادي ڪرائڻ اسان جو ڪم آهي“۔۔۔۔
هي بينر هڪ فلاحي تنظيم لڳايو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان هن بري عادت کي ختم ڪندو ته توهان جي شادي جو سمورو خرچ اها فلاحي تنظيم ادا ڪندي۔۔۔۔
هن مهم ۾ ڪيترن ئي ماڻهن دلچسپي ڏيکاري آهي ۔۔۔۔ پر انهن مان هڪ نوجوان اهڙو آهي جنهن اڃان سگريٽ پيڻ جي شروعات نه ڪئي آهي۔۔۔۔ پر هن بينر کي ڏسي جلد ئي سگريٽ پيڻ جي شروعات ڪرڻ وارو آهي۔۔۔۔
هن فلاحي تنظيم سعودي جي شهر رياض جي تقريبن هر جڳهه تي اهڙا بينر لڳايا آهن جن تي لکيل آهي ته ”سگريٽ نوشي ڇڏڻ جي ذميداري توهان جي ۔۔۔۔ توهان جي شادي ڪرائڻ جي ذميداري اسان جي۔۔۔“ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل ۾ پوري عرب ۾ شادي جا سمورا خرچ جيئن ته صرف گهوٽيتا ئي ڪندا آهن ان ڪري هن مهم ۾ شريڪ ٿيندڙ مستقبل جي گهوٽن جو تعداد وڌي ويو آهي ۔۔۔۔ تنظيم جو چوڻ آهي ته سگريٽ پئندڙ ماڻهن جو هڪ هفتي جو ڪورس ڪرائبو ۽ ڪامياب ٿيندڙ ماڻهن جي 6 آگسٽ تي قرع اندازي ڪئي ويندي ۔۔۔۔ جنهن ۾ 20خوش نصيب گهوٽن کي چونڊيو ويندو جن کي سموري ڏاج سميت پورو خرچ تنظيم ڏيندي۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ کي به حصو وٺڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔۔۔۔۔