روٽيِ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
هيِرَ رنڌڻي ۾
چڪلي تي روٽي ويليندي ويليندي
سوچي رهيِ هُئيِ .......
هئَ روٽيِ تَه ڪڏهن اَنُ هُئيِ
پوءِ اَٽو بڻيِ، هينئر روٽيِ آهي!

پَچَڻَ کانپوءِ،
پهريِن هُنجو ڌَڻيِ کائيِندو
پوءِ سندس ٻارَ کائيِندا
باقي جيڪا بچندي
سا پاڻَ کائيِندي.

هيِرَ تَئي تي
روٽيِ سيڪيندي سيڪيِندي
سوچڻ لڳيِ
هوُءَ پاڻَ بِه تَه هِڪَ روٽي آهي
جيڪا ننڍپڻ ۾ اَنُ هُئيِ
جوانئَ ۾ اَٽو بڻيِ
ڳوهيو، ويليو ويو کيس
هاڻي هوُءَ پَڪَلَ روٽيِ آهي
جنهنکي پهريِن

سندس ڌڻيِ کائيِندو
پوءِ ٻارَ کائيِندا
باقيِ جيڪا بَچَنديِ
سا پاڻَ هوُنديِ پنهنجي لاءِ
رُڳو پنهنجي لاءِ.

ڌنواڻي​
 
جواب: روٽيِ

ادا طاهر سنڌي هي شاعري آهي يا ڪهاڻي ؟؟

يار معاف ڪجا۽ آهيون فقير ماڻهو ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي

سدائين گڏ
 
Back
Top