عنوان ۾ ٻڌايل سمورن مسئلا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن۔۔۔۔ يعني فولڊر آپشن ڪم نه ٿو پيو ڪري ۽ توهان رجسٽري ايڊيٽر ۾ تبديلي ٿا ڪرڻ چاهيو ته مسئلو اهڙي وقت ايندو آهي جڏهن خبر پوندي آهي رجسٽري ايڊيٽر به ڪم نه پيو ڪري۔۔۔۔ ٽاسڪ مينيجر جو سهارو وٺڻ چاهيون پيا ته پيغام ملندو ته ايڊمنسٽريٽر توهان جو ٽاسڪ مينيجر غير فعال ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔ هي مسئلو اڄ ڪالهه جام آهي۔۔۔۔ انهن سڀني مسئلن جو آسان حل اهو آهي ته هيٺ ڏنل لنڪ تانRemove Restrictions Tool جنهن کي عام زبان ۾ RRT به چئبو آهي ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔۔ هن کي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت به نه آهي ۔۔۔ هن کي هلايو۔۔۔ هي پاڻهي توهان کي ٻڌائيندو ته ڪمپيوٽر جا ڪهڙا ڪهڙا آپشنز غير فعال ٿي چڪا آهن۔۔۔۔ هاڻي Remove بٽڻ ڪلڪ ڪريو ۽ هي وٺو توهان جا سمورا آپشنز ٻيهر بحال ٿي ويا۔۔۔۔ هتي ڪلڪ ڪري ڊائون لوڊ ڪريو
تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا رشيد هي سافٽ ويئر مان ڪافي ٽائيم کان استعمال ڪندو آهيان جڏهن ان جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي تمام سٺو رزلٽ اٿس اهڙي بهترين شيئرنگ لا۽ ڦلپوٽو فقير توهان جو ٿورائتو آهي سنڌ سلامت جيئي سنڌ سدائين گڏ
واهه ادا رشيد واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي، مٺا توهان جي اهڙين ناياب شيئرنگس جو بي چيني سان انتظار رهندو آهي،
سائين سافٽوئير سٺو آهي ليڪن مون وٽ ته فولڊر کلي ئي نه ٿو سائين رشيد صاحب جن کي عرض آهي ته نظر ثاني ڪري رهنمائي ڪندا