اسلام ۽ قوميت

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسلام ۽ قوميت​
    islam and nationalism


    قوم ۽ قوميت جي مغربي تصورن سان اها ڳالھ چٽي ٿي وئي آهي ته قوميت جي تشڪيل ۾ گهڻائي عنصر ڪارفرما هوندا آهن جيڪي هن کي هڪ متحد ۽ مضبوط قوم بڻائن ٿا .قوميت وارو جذبو جيترو پائيدار هوندو آهي اوتروئي هڪ قوم ۾ يڪسانيت ۽ اتحاد پيدا ٿيندو آهي .
    اهو ئي قوميت وارو جذبو عصبيت جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو . عصبيت پنهجن هم خيالن ۽ هم مسلڪن ۽ هم عقيدن وارن ماڻهن ۾ پيداٿيندو آهي . اها عصبيت ماڻهن کي هن طريقي سان اتحاد وارن رشتن ۾ منسلڪ ڪري ٿو ڇڏي جئين هڪ گروھ سئنون سڌو ٻين گروهن ۾ رلجي وڃي . عصبيت هنن کي رياستن سان وفاداري تي آماده ڪري ٿو ، خطرن جي وقت ۾ قرباني لاءِ اڀاري ٿو ، پنهنجن مفادن کي ٻين ماڻهن تي ترجيح ڏيڻ تي مجبور ڪنري ٿو، اها ئي عصبيت جنگ ۽ صلح جو باعث بنجندي آهي ٻين معنائن ۾ اسين هن کي ”قوم پرستي“ چئي سگهون ٿا جيڪا بعض وقت فائديمند ۽ بعض وقت هاڃيڪار بڻجي وڃي ٿي.
    ابن خلدون چوي ٿو ته عصبيت رت جي رشتن ۽ نسلي اشتراڪ ۾ مذهبي اشتراڪ سان اجاگر ٿيندي آهي . هن جو خيال آهي ته رياست جي وجود کان اڳ قبيلن ۾ اهائي عصبيت ڪارفرما هئي جيڪا هنن ۾ جنگ ۽ صلح لاءِ آماده ڪندي هئي ۽ هن ئي سان دشمنن جي مقابلي ۾ فتح ۽ نصرت ٿيندي هئي .
    موجوده رياستن ۾ قوميت ۽ قوم پرستي جي لاءِ به هن ئي عصبيت کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، ڪوشش اها هوندي آهي ته هڪ رياست جا سڀئي ماڻهو هم خيال ۽ هم عقيده ٿي چٽاڻ وانگر متحد ٿي وڃن . اهڙي اتحاد جي قائم ٿيڻ ۾ سياست جي ماهرن وٽ گهڻائي عنصر ضروري سمجهيا ويا آهن هنن عنصرن جو ذڪر اڳ ۾ مٿي ٿي چڪو آهي .... تاريخ جي مطالعي سان اسان کي اها ڳالھ چٽي ٿي سامهون ٿي اچي ته قوميت جي اهي عنصر جنهن جي مفڪرين ضروري سمجهن ٿا ، قومن جي لاءِ ڪارائتا سمجهيا ويا آهن يعني نسل جو اشتراڪ ، وطن جو اشتراڪ ، زبان جو اشتراڪ ، تاريخ ، رسم ۽ رواج ، مذهب جو اشتراڪ ۽ اڄ به هنن ئي بنيادن تي قوميت جي تشڪيل ڪئي وڃي ٿي . ظاهري ڳالھ آهي ته هنن عنصرن سان جيڪا قوم معرض الوجود ۾ ايندي اها ٻين قومن کان مختلف هوندي ۽ هر قوم پنهنجي قوميت تي ناز ڪندي ۽ پنهنجي پاڻ کي بهتر کان بهتر ثابت ڪرڻ جي جدو جهد ۾ مشغول رهندي . نسلي ، لساني ، مذهبي روايتي ۽ تاريخي ، معاشي ، سياسي اختلاف رونما ٿيندا ، اڄ تائين جيڪي جنگيون لڳيون آهن هنن ۾ گهڻو ڪر ي هِنن ئي اختلافن جي بنياد تي لڙيو ويو آهن ۽ لاتعداد ماڻهن جو رت بنا روڪ وهايو ويو . قوميت جي تشڪيل انسانيت جي جهان کي هزارين نه پر لکن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو . هر شخص پنهنجو راڳ پيو ڳائي ۽ پنهنجي رستي تي گامزن آهي ، اها ڳالھ توجه جي لائق ئي نه رهي اهي ته انسان انسان جو ڀاءُ آهي بلڪ توجه هن تي مرڪوز آهي ته فلاڻو امريڪي آهي ، فلاڻو روسي آهي فلاڻو پاڪستاني آهي ۽ فلاڻو عربي آهي . امريڪي چاهي ڪيترو ئي اخلاق جو مجسمو هجي پر روسين وٽ بدترين شخص آهي . پاڪستاني چاهي ڪيترو ئي بلند ڪردار هجي پر هندستانين جي ويجهي بدتر آهي، هنن سڀنن قومن ۾ مصلحت ميل ملاپ ئي ناهي هن ئي ڪري اڄ انسانيت جي دنيا ابدي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي . ڊکڻ افريڪه ۾ هندستاني ۽ پاڪستاني ماڻهن تي ظلم رڳو هن ڪري ٿئي پيو ته اهي سفيد( اڇي) قوم سان تعلق نٿي رکي ۽ اهي هندستاني ۽ پاڪستاني آهن . اها آهي قوميت جي بنياد جن ماڻهن جي اندر جاهلانه عصبيت پيدا ڪري انڌو ڪري ڇڏيو آهي . اڄ جي تمدن واري دنيا هن ئي ڊاڪي تائين پهجي وئي آهي جنهن ڊاڪي تي حضور صلى الله عليه وسلم جي بعثت کان اڳ عرب قوم پهچي چڪي هئي. اڄ هڪ رياست جا ماڻهو ٻين ريستن سان رڳو قوم پرستي جي آڌار پاڻ ۾جنگ ڪرڻ لڳا پيا آهن . هن وقت هڪ قبيلو ٻئي قبيلي سان رڳو نسلي برتري سبب سان جنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن .
    انسان سڀئي آدم عليه السلام جي اولاد آهن . پوءِ ڇو نه اهي هڪ گڏيل نسل ۾ متحد نٿا ٿين شراڪت جو عنصر رڳو ابن ڏاڏن تائين جو محدود آهي ۽ پوءِ اهو ته رت جي رشتن ۾ اصليت ڪاٿي باقي بچي ٿي ، آدم عليه السلام کان وٺي اڄ تائين ڪيتريون نسلون هن طرح ملي جلي ويون آهن جو اڄ اها دعوى ڪير به نٿو ڪري سگهي ته هنن جي رشتن ۾ اصليت باقي آهي ، جيڪر سڀئي انسان هڪ ماءُ پيءُ کي مورث اعلى تصور ڪن ته اهو اتحاد جو زياده پائيدار شڪل ثابت ٿيندي . هن طرح سان وطني ۽ سياسي شراڪت جو معاملو آهي هڪ مقرر علائقو جن جي بنياد تي هڪ شخص پنهجو وطن قرار ٿو ڏئي، هڪ گز زمين ۾ پيدا ٿي هزارن مربع ميلن کي هڪ شخص پنهجو وطن قرار ٿو ڏئي ۽ باقي خدا جي زمين الائجي ڇو ٿو ڇڏي ڏي.
    پوءِ اهو اتحاد خيال جي زبان جي شراڪت به ضروري ناهي هڪ خيال جو ڪيترن ئي زبانن ۾ اظهار ڪري سگهجي ٿو ، ڇو نه سڀئي وحدت جي خيال ۾ سڀ متحد ٿي وڃن ٿا جيڪا قوميت جي جان آهي. پوءِ اهو ته گڏيل تاريخ ۽ روايات رسم ۽ رواج ۽ گڏيل حڪومت ويتر معاشي شراڪت اهي سڀ ئي ڳالھيون رڳو هڪ علائقي تائين ڇو محدود آهن ۽ جڏنهن اها ڳالھ واضح آهي ته هڪ ئي علائقي ۾ يا متعين رياست ۾ به رياست جي فردن هنن سڀنن ڳالھين ۾ مختلف هجڻ ۽ هنن ۾ شراڪت به ناهجڻ پوءِ به هن جي باوجود هڪ قومي رياست جو قيام عمل ۾ اچي ٿو وڃي پوءِ ڇو نه علاقائي رنڊڪ کي ڏور ڪري سڀني انسانن جو قوميت وجود ۾ آڻجي . جيڪر هن ۾ ڪا حد هجي ته حق ۽ باطل جي آڌار تي هجي ۽ هن حق ۽ باطل جو معيار انسانيت جي فلاح ۽ بهبود جي هيٺ هجي نه اهو ته ڪنهن ملڪ جي مختصر آبادي جي مصلحتن تي خدا جي وسيع زمين ۾ هر شخص کي اها اجازت ڇو نه آهي ته اهو پنهجي روزي تلاش ڪري ۽ الله جي فضل (روزي ) کي طلب ڪري . معاشي شراڪت سڀني انسانن لاءِ ڇو ناهي رڳو امريڪا ۽ روس جي قوميت جو دارومدار معاشي شراڪت تي ڇو آهي اها خود غرضي ته رڳو امريڪا جا ماڻهو رزق ڪمائن ۽ امير کان امير تر ٿيڻ ٻيا ٻکيا مرن اهو هن ڪري جو ٻين شهرين کي امريڪا ۾ روزي ڪمائڻ جا اهي موقعه جيڪي امريڪين کي حاصل آهي رڳو غير قوميت جي آڌار تي حاصل نه هوندا . اسلام هڪ فطري دين آهي هو انسان جي بقا ۽ بهتري لاءِ آيو آهي حق ۽ باطل ڏينهن ۽ رات جيان واضح ٿو ڪري نه ئي اهو دين ڪنهن خاص نسل يا وطن لاءِ آيو آهي نه ئي ڪنهن خاص قوم لاءِ ، اسلام ۾ نسلي ۽ وطني ، معاشي يا سياسي روايتن يا تاريخن جي اختلاف جو وجود ئي ناهي .

    الله تعالى فرمائي ٿو ؛ [FONT="Al_Mushaf"]13 ‏يَٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَكُم مِّن ذَكَرٍۢ وَأُنثَىٰ وَجَعَلْنَكُمْ شُعُوبًۭا وَقَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوٓا۟ ۚ إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِندَ ٱللَّهِ أَتْقَىٰكُمْ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌۭ ‎ [/FONT]

    ترجمو ؛اي ماڻھؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي. 13 حجرات (ترجمو؛ امروٽي رحمةالله عليه)


    يعني انسانن جي تفريق نسل يا خاندان جي آڌار تي نه آهي بلڪه نيڪي ۽ بدي جي ڪري آهي .
    گروھ بندي ۽ انساني تقسيم دراصل هڪ عذاب ۽ لعنت آهي
    ، جئين الله تعالى فرعون جي متعلق فرمايو ؛
    آيت ؛[FONT="Al_Mushaf"] وَٱسْتَكْبَرَ هُوَ وَجُنُودُهُۥ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَظَنُّوٓا۟ أَنَّهُمْ إِلَيْنَا لَا يُرْجَعُونَ[/FONT]

    ترجمو؛ ۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪر ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون ته اُھي اسان ڏانھن نه موٽائبا. القصص 40
    (ترجمو؛ امروٽي رحمةالله عليه)

    هنن آيتن ۾ مان اهو واضح اچي ٿيو ته اسلام ۾ قوميت جي بنياد وطن ۽ نسل جي آڌار تي ناهي ، جنهن اسلام قبول ڪيو اهو هڪ قوم آهي جيڪي ٻاهر رهيا اهي ٻيا ٿيا ۽ پوءِ اهو ته هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي پوءِ ڇو روئي زمين جي ڪنهن خطي ۾ رهي ، خدا جي سڄي ڌرتي هن جو وطن آهي ۽ حضرت آدم عليه السلام سڀنن جو مورث اعلى آهي . هنن ۾ نسلي برتري ناهي جيڪر آهي ته رڳو تقوى ۽ پرهيزگاري جي ڪري آهي.

    نبي ڪريم صلى الله عليه وسلم ته جاهلانه عصبيت ، خانداني فخر ، نسلي ۽ ذاتي لياقتون مٽائڻ لاءِ آيو هيو جڏهن ته اهي سڀئي ڳالهيون بعثت کان اڳ عرب باشندن ۾ پوري زور شور سان جلوه گر هيون، هڪ خاندان ٻئي جو دشمن هيو اها دشمني صدين کان پراڻيون هلنديون هيون . بني هاشم جي خاندان ۾ جڏهن حضور صلى الله عليه وسلم پپيدا ٿيو ته سڀنن قريش خاندانن نرا ڪڻڻ لڳا ۽ رسول الله صلى الله عليه وسلم جا سخت دشمن ٿي پيا هن دشمني ۾ به نسلي عصبيت ڪم ڪندڙ هئي . يهودين جي دشمني جي خاص اهائي نسلي عصبيت هئي ، هن ڪري اهي سدائين هن ڪوشش ۾ رهيا ته مسلمانن ۾ قبائلي عصبيت کي هوا ڏني وڃي تانته اهي پاڻ ۾ ئي مري ڪٽجي وڃن .

    اسلام ۾ عصبيت (قوم پرستي) جو خاتمو .​

    حضور ڪريم صلى الله عليه وسلم جهالت واري عصبيت جو رد فرمائيندي فرمائن ٿا ته ؛جنهن عصبيت ۾ جان ڏني اهو اسان مان ناهي، جنهن به عصبيت ۾ اچي جنگ ڪئي اهو اسان مان ناهي .


    ٻئي هند فرمائن ٿا ته” پرهيزگاري ۽ دينداري کان سواءِ ٻيون شين جي آڌار تي هڪ شخص کي ٻئي تي فضيلت ناهي . سڀ آدم (عليه السلام) جي اولاد آهيو ۽ آدم (عليه السلام) مٽي مان پيدا ٿيو .




    نسل ۽ وطن زبان ۽ رنگ جي تفريق جو خاتمو

    لا فضلا لعربي على عجمي ولا العجمي على عربي ، ولا الابيض على اسود ولا على الاسود على ابيض الا بالتقوى (زاد المعاد )

    ترجمو ؛ ڪنهن عربي کي عجمي تي ۽ نه عجمي کي عربي تي ۽ ڪنهن اڇي کي ڪنهن ڪاري تي ۽ نه ڪاري کي اڇي تي فضيلت آهي جيڪر فضيلت آهي ته رڳو تقوى جي آڌار تي آهي .

    ٻي جگه ارشاد فرمائن ٿا ؛
    اي قريش وارو الله تعالى توهان جي جاهليت جي ابن ڏاڏن جي بزرگي تي ناز کي ڏور ڪري ڇڏيو آهي .

    هن طرح اسان ڏسون ٿا ته حضور ڪريم صلى الله عليه وسلم قوميت جي هنن سڀنن بنيادن کي جن ۾ نسل ۽ وطن ، رنگ ۽ زبان ، رسم ۽ رواج جا اختلاف جي بوءِ اچي پئي هن کي يڪدم ختم ڪري ۽ هڪ اهڙو قوميت جو بنياد وڌو جنهن جو تعلق روحانيت . پاڪيزگي، اعلى اخلاق ۽ انسانيت سان آهي . پاڻ جن صلى الله عليه وسلم هڪ اهڙو دين پيش ڪيو جنهن هڪڙي خدا جي بندگي ، نفس جي پاڪيزگي ۽ هڪ نيڪ عمل جي دعوت ڏنائين . هاڻي جنهن هن فطري دعوت کي قبول ڪيو ۽ هو صالح ۽ نيڪ ماڻهن ۾ شمار ٿيو جنهن انڪار ڪيو اهو ناپاڪ ۽ برو ٿيو .
    سڀئي نيڪي وارا هڪ قوم بڻيا ۽ سڀئي ڪڍي ڪم وارا ٻي قوم بڻيا .قوميت جو بنياد رڳو دين اسلام آهي وطن ۽ نسل رنگ ۽ زبان نه آهي اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هڪ ئي گهر ۾ ٻين قومن جا ماڻهو رهندا هجن يعني مسلمان ۽ ٻيو ڪافر . هڪ پيءُ جي ٻن پٽن ۾ رڳو ڪفر ۽ اسلام جي ڪري ٻه قومون ٿي سگهن ٿيون . هت رت جي رشتن جو شراڪت ڪو ڪم نه ڏيندي.
    معاشي ۽ سياسي نظام به قوميت جي بنياد ناهن اسلام ۾ ناڻي جي دولت جي نه ايمان جي دولت جو سوال آهي هن ئي طرح سان انساني سلطنت جو نه خدا جي بادشاهي جو سوال آهي . جيڪي ماڻهو خدا جي حڪومت جا وفادار هوندا اهي سڀ هڪ قوم هوندا چاهي اهي عرب ۾ هجن يا هندستان ۾ هجن چاهي مراڪش ۾ هجن چاهي الجزائر ۾ مصر ۾ لبنان ۾ هجن .
    قوميت جو دائرو اسلام ۾ رڳو هڪ ڪلمو لا اله الا الله محمد رسول الله آهي هن ئي ڪلمي تي دوستي ۽ دشمني جو انحصار آهي . هن جو اقرار انسان بنا نسلي تفريق ، وطن ، زبان ، روايتن ۽ تاريخن ،۽ رنگن جي گڏيل هجڻ ڪري هڪ قوميت ۾ تبديل ڪري ٿو سگهجي ۽ هن جو انڪار ڪرڻ وارا هن گروھ ۾ شمار ڪيا ويندا ، هن هوندي به اهڙن ماڻهن جو نسلي ، علاقائي ، لساني شراڪت ڪلمي جي اقرار ڪرڻ وارن کان به ٿئي ته پوءِ اهي به الڳ شمار ٿيندا.
    هن ٻي گروھ سان اسان جو انسان جڻ جي رشتي سان قائم ٿي سگهي ٿي ۽ اسين هنن سان رواداري ۽ شرافت جو سلوڪ انسانيت جي نالي سان ڪندا سين اهو ممڪن ناهي ته ڪفر ۽ اسلام ملي ڪري قوميت جو بنياد وجهن .

    الله تعالى فرمائي ٿو [FONT="Al_Mushaf"] يَٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَتَّخِذُوٓا۟ ءَابَآءَكُمْ وَإِخْوَنَكُمْ أَوْلِيَآءَ إِنِ ٱسْتَحَبُّوا۟ ٱلْكُفْرَ عَلَى ٱلْإِيمَنِ ۚ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِّنكُمْ فَأُو۟لَٓئِكَ هُمُ ٱلظَّلِمُونَ. [/FONT]

    ترجمو ؛ . اي مؤمنؤ پنھنجن پئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست نه وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن (ته)، ۽ جيڪي اوھان مان انھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن. التوبه 23 (ترجمو؛ امروٽي رحمةالله عليه)


    ۽ ٻي هنڌ فرمائي ٿو ته [FONT="Al_Mushaf"]؛وَٱعْتَصِمُوا۟ بِحَبْلِ ٱللَّهِ جَمِيعًۭا وَلَا تَفَرَّقُوا۟ ۚ وَٱذْكُرُوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ كُنتُمْ أَعْدَآءًۭ فَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِكُمْ فَأَصْبَحْتُم بِنِعْمَتِهِۦٓ إِخْوَنًۭا وَكُنتُمْ عَلَىٰ شَفَا حُفْرَةٍۢ مِّنَ ٱلنَّارِ فَأَنقَذَكُم مِّنْهَا ۗ كَذَلِكَ يُبَيِّنُ ٱللَّهُ لَكُمْ ءَايَتِهِۦ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ[/FONT]

    ترجمو ؛ ۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو. آل عمران 103 (ترجمو؛ امروٽي رحمةالله عليه)

    حضور ڪريم صلى الله عليه وسلم فرمائن ٿا ته ” مسلمانن سان مسلمان وارو تعلق اهڙو آهي جهڙو ديوار جو هنن جي جزئن سان جيڪو هر هڪ ٻئي سان طاقت وٺي ٿو .
    حضور ڪريم صلى الله عليه وسلم مسلم جماعت کي قوم ڪوٺيو آهي ۽ فرمائن ٿا جماعت مٿان الله تعالى جو هٿ آهي جيڪو هن کان ڌار ٿيندو باھ ۾ پوندو .
    ٻي جگه فرمائن ٿا ته جيڪو اوهان جي جماعت ۾ تفريق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري هن کي قتل ڪري ڇڏيو .
    حضور ڪريم صلى الله عليه وسلم حجة الوداع جي موقعي تي هيءُ خطبو ڏنو ته ٻڌي ڇڌيو جاهليت وارا ڪم مان هر شي اڄ منهجي قدمن ۾ آهي عربي کي عجمي عجمي کي عربي تي ڪابه فضيلت ناهي توهان مان هر ڪو آدم ( عليه السلام ) جي اولاد آهيو ۽ آدم (عليه السلام) مٽي مان هيو . مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي ءٌ سڀئي مسلمان ڀائر آهن . جاهيليت جا سڀ دعوى باطل ٿي ويا . هاڻي توهان جو رت ۽ توهان جو عزتون ۽ توهان جو مال هڪ ٻئي تي ائين حرام آهي جئين اڄ حج جو ڏنهين توهان جي مهينن ۾ حرام آهي .

    هڪڙي جگه فرمائن ٿا ته ؛ “ ٻڌو جيڪر نڪ ڪٽيو حبشي توهان جو امير بڻايو وڃي ۽ اهو توهان کي ڪتاب الله جي مطابق هلائي ته هن جي ڳالھ مڃجو ۽ هن جي اطاعت ڪجو .
    ذڪر ٿيل آيتن ۽ حديثن سان اسلامي قوميت جي حيثيت مڪمل طور تي واضح ٿي وئي آهي .اسين هنن مان ڪجه نقطن جي وضاحت ڪيو ٿا.

    (!) . اسلامي قوميت جي بنياد نسل ، وطن ، زبان ، رنگ تي نه رکي وئي آهي بلڪ حق ۽ باطل جي معيار تي قوم جو قيام آهي .

    (2) . دنيا جي سڀئي مسلمان هڪ قوم ۽ هڪ جماعت آهن باوجود هن جي ته هنن ۾ لساني ، علاقائي ، روايتي ۽ رسمي تفريق هجڻ جي .

    (3) . هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ۽ هر مسلم ملڪ جو شهري آهي هو آزادانه طور تي الله جي زمين ۾ جتي چاهي رهي ۽ هن جو فضل (روزي ) تلاش ڪري هن تي ڪابه قسم جي پابندي عائد نٿي ٿي سگهي .

    (4) . سڀئي مسلمان هڪ متحد ۽ ڳنڊيل جماعت آهن جيڪو هن کان ڪنارڪش ڪري ٿو اهو سزا جو مستحق آهي .

    (5) . ڪنهن به علائقي جو مسلمان کي ٻين علائقن جي مسلمانن تي ڪابه فضيلت ناهي سواءِ تقوى ۽ پرهيزگاري جي .

    (6) . مسلمان جي قوميت جو دائرو هڪ ڪلمو لا اله الا الله محمد رسول الله آهي جيڪو به هن دائري کان ٻاهر ٿيو هو ٻي قوم مان آهي .

    (7) . اسلامي قوميت جي اصل شراڪت دل آهي نه ڪي شراڪت زبان ، نسل ، وطن ، رسم ۽ رواج . دل جي اشتراڪيت لاءِ مومن ۽ مسلمان هجڻ شرط آهي ،ڪفر ۽ اسلام ملي ڪري قوميت نٿا ٺاهي سگهن ، هن ڪري جو ظلمت ۽ نور جو ڳانڊاپو ناممڪن هوندو آهي .



    سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ

    حواله ؛ نظري سياست









     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اسلام ۽ قوميت

    (!) . اسلامي قوميت جي بنياد نسل ، وطن ، زبان ، رنگ تي نه رکي وئي آهي بلڪ حق ۽ باطل جي معيار تي قوم جو قيام آهي .

    (2) . دنيا جي سڀئي مسلمان هڪ قوم ۽ هڪ جماعت آهن باوجود هن جي ته هنن ۾ لساني ، علاقائي ، روايتي ۽ رسمي تفريق هجڻ جي .

    (3) . هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ۽ هر مسلم ملڪ جو شهري آهي هو آزادانه طور تي الله جي زمين ۾ جتي چاهي رهي ۽ هن جو فضل (روزي ) تلاش ڪري هن تي ڪابه قسم جي پابندي عائد نٿي ٿي سگهي .

    (4) . سڀئي مسلمان هڪ متحد ۽ ڳنڊيل جماعت آهن جيڪو هن کان ڪنارڪش ڪري ٿو اهو سزا جو مستحق آهي .

    (5) . ڪنهن به علائقي جو مسلمان کي ٻين علائقن جي مسلمانن تي ڪابه فضيلت ناهي سواءِ تقوى ۽ پرهيزگاري جي .

    (6) . مسلمان جي قوميت جو دائرو هڪ ڪلمو لا اله الا الله محمد رسول الله آهي جيڪو به هن دائري کان ٻاهر ٿيو هو ٻي قوم مان آهي .

    (7) . اسلامي قوميت جي اصل شراڪت دل آهي نه ڪي شراڪت زبان ، نسل ، وطن ، رسم ۽ رواج . دل جي اشتراڪيت لاءِ مومن ۽ مسلمان هجڻ شرط آهي ،ڪفر ۽ اسلام ملي ڪري قوميت نٿا ٺاهي سگهن ، هن ڪري جو ظلمت ۽ نور جو ڳانڊاپو ناممڪن هوندو آهي .




    ادا افتخار تمام بهترين ۽ ناليج سان ڀريل توهانجو ليک آهي۔توهانوجوليک تعريف جي قابل آهي ۔جس هجوي۔آلله پاڪ توهانجي قلم ۾ ڏاڍي رواني پيدا ڪري ۔آمين
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسلام ۽ قوميت

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب لک ٿورا اوهان جا جو اسان جي ليکن تي نظر وجهو ٿا ، اوهان جي حوصلي افزئي ڪرڻ تي اسان جو حوصلو پڻ بلند ٿيو ۽ انشاء الله وقت سر اهڙن مضمونن جو سلسلو جاري ساري رکبو ، آخر ۾ وري به اوهان جي مهرباني!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو