اُگهاڙي بدن تي ٻه ٽي نوٽ اُڇلي !

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو، اڄ جڏهن معصوم نياڻين سان ظلم ، زيادتي ۽ ڏاڍائي سر عام بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي روا رکي پئي وڃي ، جڏهن انهن معصوم نياڻين جي اڌ اُگهاڙي بدن تي وحشي درندن جي چڪن جا گهاءُ انسانيت جي مُنهن تي چماٽن وانگي ظاهر ظهور نظر پيا اچن، ٽن سالن جي عمر واري نياڻي سان زيادتي جبر ۽ ڏاڍائي ڪرڻ کانپوءِ معصوم نياڻي جي اڌ اُگهاڙي لاش کي انسان جي روپ ۾ وحشي ڪُتن رانڀوٽيو آهي۽ انهي معصوم نياڻي جي معصوم ڳلن تي چماٽن جا نشان انسانيت جي ضمير کي جهنجوڙي رهيا آهن، اچو اسان پنهنجي پنهنجي اندر ۾ جهاتيون پايون ڪٿي اهي نياڻيون اسان جون پنهنجون ته ڪونه آهن ، ڪٿي وحشت ۽ ڏاڍائي جو شڪار ٿيل ٽن سالن جي نياڻي ثنا اسان جي پنهنجي نياڻي ثنا ته ڪونه آهي۔ ٿڦ هُجي انهن ٻوڙن گونگن انسانن کي جيڪي نياڻين جي والدين سان پُرسو صرف چند نوٽ اڇلي ڪن ٿا۔ هيڏي وڏي ظلم تي گهاڻي جي ڍڳن وانگر پنهنجي اکين تي کوپا چاڙهي، پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه جا ٻوڙا وجهو بلڪل انڌا ٻوڙا ۽ گونگا ٿيو پيا هلن۔ اُتي مُنهنجي هيءَ شاعري جيڪا خالص انهيءَ پس منظر ۾ لکيل آهي ڪا خاص ٻوٽو ته نٿي ٻاري سگهي۔ ان هُوندي به هر درد مند جي دل کي رُئاڙي سگهي ٿي۔ بس يارو دل چوي ٿي هن وحشي درندن کي ختم ڪندي ڪندي خود ختم ٿي وڃون۔ وري جنم وٺون وري وڙهون۔

    [​IMG]
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين، الله رب العزت انهن کي سمجهه ڏي، سائين توبه توبه
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بس ادا وهاب هي دنيا ته جنت جهڙي آهي پر چند وحشي هن دنيا کي دوزخ بنائڻ جا منصوبه جوڙي اهڙيون وحشتون ۽ دهشتون ڦهيلائي رهيا آهن
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم سائين
    سائين توهان جيڪي هي خبر انٽرنيٽ تي آندي آهي ان لا۽ توهان جس لهڻو ،
    سائين جيسيتائين وڏيرا شاهي ۽ رياسيتي ڏاڍ هوندو تيستائين معصوم نياڻين سان ظلم ، زيادتي ۽ ڏاڍائي سر عام بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي ٿيندي رهندي ،
    سائين نثار ناز صاحب جيسيتائين اسان پاڻ سجاڳ نه ٿينداسين اسان جي اندر جو ضمير سجاڳ نه ٿيندو اسان پاڻ ۾ متحد نه ٿينداسين اسان پاڻ ۾ متحد ٿئي ڪري جيستائين انهن وحشي صفت ڪافرن کي سخت کان سخت سزائون نه ڏيارينداسين تيسيتائين سائين اهي ويڌنيون اسان سان ٿينديون رهنديون .
    سوال اهو آهي ته آخر اهي چند وحشي صفت انسان جن جنت جهڙي دنيا کي جهنم جهڙو ڪري ڇڏيو آهي آخر ڪيسيتائين پنهنجو ظلم ۽ڏاڍ ڪندا رهندا ۽ اسان آخر ڪيستائين انهن چند ماڻهن جو ظلم ۽ ستم سهندا رهنداسين

    جيئي سنڌ
    سدا جيئي
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست! خبر ته انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ... پر يار! جڏهن به انسان کي پنهنجي انسانيت جي رتبي کان ڪريل ڏسندو آهيان ته ... آدم جي تخليق وقت ملائڪن جا چيل هي لفظ ياد اچي ويندا آهن ...” هي ته شر پکيڙيندو“ پر الله ڪريم چيو ” جو آءَ ڄاڻان ٿو، اوهان نٿا ڄاڻيو“

    دوستو! انجو قصور وار نه جاگيرداري نظام آهي نه جمهوري نه ئي وري ٻيو ڪو نظام، بلڪه اها نجي جهالت آهي، قرآني تعليم کان دوري آهي ... انسان جڏهن شيطان جو ساٿي آهي ته هو ڪهڙو به ڪريل ڪم ڪري سگهي ٿو ... ها ان ڪريل حيثيت کان مٿي اٿڻ جو هڪ ئي طريقو هڪ ئي رستو آهي ....

    دوستو، اچو ته پنهنجي سماج ۾ قرآن جي تعليم کي عام ڪريون ... باقي شيطان ته قيامت تائين وڙهندو رهندو .... ۽ اهڙا ڪئي واقعا ٿيندا رهندا ...

    ڪتي جو ڪم پنهنجو ... جوڳيءَ جو ڪم پنهنجو ...

    ادا ناز! ته پنهنجي حيانءَ جي باهه، پنهنجي گيت ۾ ڪڍي ورتي ، اسان به سندس ئي گيت جو سهارو وٺندي پنهنجي باهه ڪڍي آهي ...

    الله اسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ جي توفيق عطا فرمائي ... آمين
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انهي جي ڪري ئي ته اسان اخبارن جي ويجهو به نه ٿا وڃو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مڃيم ته ااکين ٻوٽڻ سان حقيقت ختم نه ٿيندي پر هڪ ته اڳي ئي ٽينشن گهڻا وري پنهنجي حساس طبيعت جي ڪري جڏهن اهي ڳالهيون پڙهجن ٿيون ته ٻه ٽي ڏينهن ته ذهن تي هڪ عڪس ٺهيو وڃي جنهن کي هٽائڻ وس ۾ نه آهي۔۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وحيد ڦلپوٽا، دوست نثار ابڙا ۽ ڀاءُ عبدالرشيد سمون۔ مٺا دوستو توهان جِي مهرباني جو هن قهر تي ٻه ٽي لفظ توهان افسوس جو اظهار ته ڪيو۔دوستو سمورو قرآن پاڪ صرف انهن هدايتن ۽ ڳالهين سان ڀريل آهي ته جن به اڳوڻن نبين جي اُمتين اخلاق کان ڪريل وحشتپڻو ڏيکاري شيطان جا ساٿاري ٿيا اُتي رب ڪريم جو غضب انهن نبين جي اُمتين تي اهڙو ته برسيو جو اهي نيست ۽ نابود ٿي ويا، حضرت نوح عليه السلام جي اُمتين جي گناهن ۽ نافرمانين تي کين سخت قسم جي عذاب واري برسات نازل ٿي جنهن ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو سواءِ حضرت نوح جِي ٻيڙي ۽ ان ۾ ويٺل ماڻهن ، جانورن، پکي پکيئڙن، حشرات الارض وارن جيتن جرڙن جي، حضرت لوط عليه السلام جي اُمت جو حال به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي، جو انهي تي الاهي عذاب اهڙو ته ڪريو جو سمورو علائقو تهس نهس ٿي ويو۔ ائين لاتعداد انسان جون اکيون کولڻ لاءِ آفتون زلزلا، زلتون ڪرنديون رهيون مگر انسان بجاءِ سُدرڻ جي ڏينهون ڏينهن شيطان جي دڳ تي هلي برائي جِي واٽ تي پنهنجا پير پختا ڪندو رهيو۔ اهڙا ظلم ۽ زيادتيون يقينن ڪنهن وڏي آفت ، ڪنهن وڏي زلت، يا ڪنهن وڏي قيامت جو پيش خيمو آهن۔ شل الله عزو جل پنهنجي هن محتاجي مخلوق تي ٻاجهه ڪري، الله رب ڪريم نه صرف اسان مُسلمانن پر پوري عالم انسانيت کي نيڪ رستي تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري ، شل اهڙو ماحول جُڙي جنهن ۾ ڪو ڏاڍو ڪنهن هيڻي کي هيسائي نه سگهي۔ ادا رشيد هن قهر تي هر درمند دل روئي رهي آهي۔ تو ئي ته ٻه ٽي ڏينهن هڪ پوسٽ اُماڻي هُئي جنهن ۾ تو لکيو هو ته ظلم ۽ ڏاڍ تي سُهڻا ماڻهو خاموش آهن۔ اڄ تون پنهنجي پاڻ کان پُڇي ٻُڌائي ته تون اخبارون ڇو ڪونه پڙهندو آهين صرف انهيءَ لاءِ جو ڏُک ۽ ڪرب وارا عڪس جيڪي تُنهنجي ذهن تي چٽيل رهجي ويندا انهن سان سامهون ٿيڻ لاءِ تون قطئي تيار ناهين۔ دوست رشيد اسان سڀ خاموش آهيون ، اسين سڀ انهن ظالمن جا ساٿاري آهيون، اسان ۾ ڏاڍن ۽ ڏونگرن سان مُنهن ڏيڻ جو حوصلو ڪونهي۔ انهيءَ ڪري ته مون انهيءَ پوسٽ ۾ لکيو هو ته دنيا جا سڀئي سُهڻا ماڻهون نبي اڪرم محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جي انهي فرمان مُبارڪ جي آخري حصي ” جيڪڏهن ظالم سان پُڄي نٿا سگهو ته انهن کي دل ۾ بُرو چئو، انهن کي پنهنجي دل ۾ ملامت ڪريو.“ تي عمل پيرا آهن.
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين نثار ناز صاحب

    بقول سائين نثار ابڙو جي ته اوهان پنهنجي حيانءُ(اندر) جي باهه گيت ۾ ڪڍي ورتي۔۔۔۔ باقي اهي وحشي صفت انسان معافي جي لائق ناهن۔۔۔ مان ايترو چوندس ته جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ته مان انهن کي اهڙي سزا ڏيان جو انهن جون ست پيڙهيون ڪنهن گناهه ڪرڻ جو تصور ئي نه ڪن۔۔۔ ڏوهه ڪنهنجو اهو دوستن پهريان ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي۔۔ پر اها جهالت چئجي يا ڪامورن جي ڏاڍائي جو اهڙن وحشين کي هٿي ڏين ٿا۔۔۔ پر اهو سڄو ڏوهه حڪومت جو آهي جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي آزادي ڏئي ڇڏي آهي۔۔ اهڙن وحشي ماڻهن کي سر عام سزا ڏني وڃي ۔۔۔۔۔سزا به اها تجويز ڪجي جو جنهن کي ڏسڻ لاءِ دنيا وارن کي ٻه هانوَ هجن ۽ انهي مان سبق حاصل ڪن ته جيڪڏهن اسان مان به ڪنهن اهڙو ڪم ڪيو ته انهي جو به اهو حشر ٿيندو۔۔۔
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين انسان هونئن ته اشرف المخلوق آهي پر ان جي اندر جڏهن حيوانيت ڪر کڻندي آهي ته پوء هو انسانيت جي هر سرحد کي پار ڪري ويندو آهي ۡخدا تعالى اسان سڀني کي معاف ڪري ۽ اسان کي هدايت ڏئي آمين
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا مخدومي زاهد سومرا۔ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڳالهه ڪري تو پڻ پنهنجي هِنيان٪ءُ جي آڳ ٿڌي ڪئي آهي، جيڪا سزا ڏيڻ جي ڳالهه توهان ڪئي آهي، اها سزا سسٽم جِي خرابيءَ جي ڪري قابل عمل ٿي نٿي سگهي۔ اهوئي سبب آهي جو اهڙا خُون ٻُڏي ويندا آهن۔ سالن جا سال اهي ڪيس هلندا آهن، آخر ۾ ثبوت ڪونه مليو جي آڌار تي ملزم باعزت بري ٿي ويندا آهن۔ شيطان هنڀوڇيون هڻندا آهن۔ مظلومن جا فائل سرد خاني جي حوالي ٿي ويندا آهن۔ حقيقت ۾ اسان کي هن سسٽم سان ويڙهه ڪرڻي پوندي۔ پنهنجي اندر مان وحشيءَ کي سندس وحشتپڻي سميت ٻاهر ڪڍڻو پوندو ان کان پوءِ ڪو رُپئي مان چار آنا اهڙي قهري ڪارواين تي ٻنجو اچي سگهي ٿو اسان جي سماج ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بيشڪ علي علي تاريخ شاهد آهي ته ان اندر جي حيوان ئي جي ڪري نيڪي ۽ بديءَ وارو ڪانسيپٽ جُڙيو۔ هتي جنهن به نيڪيءَ جي راهه تي هلندي ان اندر جي حيوان سان جنگ جهوٽي آهي۔ اهو ولي يا قطب ٿي ويو۔ حيرت واري ڳالهه اها آهي ته جنهن به حق جي ڳالهه تي هلي نيڪيءَ جو پاسو وٺندي بَدِي ۽ ناحق سان جهيڙو ڪيو آهي اُن پنهنجي سسي وڍائي آهي۔ سسي وڍائڻ کان پوءِ ئي حق ڳالهه چوڻ وارو نروار ٿيندو آهي۔ تاريخ اُن کي امر ڪري ڪوٺيندي آهي۔ اسان جهڙا بدنصيب صرف اُن سسي وڍائيندڙ کي پريم جي ڀيٽا ڏيندي نظر ايندا آهن۔ پر سُوريءَ تي چڙهي حق ڳالهه چوڻ واري راهه تان اسان سوين ميل دور هوندا آهيون۔لفظن جا رانديڪا ٺاهڻ ته تمام آسان هوندا آهن پر اسان عملي طور ڪنهن به وحشيءَ سان ويڙهاند ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون ۔ اهو ئي سبب آهي جو اهڙيون ڪاروايون جنهن سان شيطان به دنگ رهجي وڃي اڃان جاري آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا بس انهن خبرن کي پڙهي ۽ معاشري جي انهيءَ حالت کي ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي۔۔۔
    پر انهن جو ڪارڻ به ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ۔۔ ڇو انسان ايترو حيوان ٿي وڃي ٿو۔۔؟
    ڇا انسان ڄمڻ ساڻ ئي اهڙو حيوان صفت هوندو آهي۔۔۔۔ نه ادا نه۔۔۔
    سڀ کان پهريون ڪارڻ ان جو جيڪو آهي اهو آهي حرام جي غذا۔۔۔
    انسان کي شيطان ۽ حيوان صفت بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار معاشري ۾ ڦهليل فحاشي به آهي،
     
  13. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڄامشورائي هي نهايت ئي ڏکويندڙ انسان کي ڪنبايندڙ خبر ڪٿان ڪڍيو
    اسان کان مس ٿي وئي هئي ڪون پڙهي سگهيا سين
    سائين نثار ناز صاحب تمام افسوس ۽ ڏک واري خبر آهي
    باقي انجو ڪارڻ جا اسباب ڀاءُ نثار ابڙو ۽ فقير ٻڌايا آهن مان انهن سان متفق آهيان
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا معاشري ۾ جيڪا بي حيائي ۽ بي غيرتي ڦهيلجي آهي اُن جو وڏي ۾ وڏو سبب ڪيبل نيٽورڪس ۽ بيحيا ٽي وي چينلز جي ڀر مار آهي۔۔۔
    ان کان علاوه انٽرنيٽ جو غلط استعمال انسان جي منفي صفتن کي تقويت بخشي ٿو اهڙي طرح انسان مان انساني صفتون ختم ٿيندي ٿيندي ايترو بدلاءُ اچي وڃي ٿو جو هُو اهي ڪُڌا ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ کيس انهن عملن تي ڪو پڇتاءُ به نه ٿو ٿئي۔۔
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بلڪل ادا ڄامشورائي حرام جو لقمو به اهڙين برائين کي جنم ڏي ٿو، ادا فحاشت ۽ پاڪيت جو اهو جهيڙو هينئر جو ڪونهي، صدين کان پر شايد جڏهن کان دنيا خلقي ويئي آهي تڏهن کان آهي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فحاشت کي ڦهيلائڻ وارا ڪارڻ ڪهڙا آهن۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو اسان سڀ ان فحاشي کي ڦهيلائڻ جا اڻ ڏٺا ۽ لڪيل ڪردار هُجون ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر يار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀ کان وڏو ڏوهاري ته مان آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو صرف لفظن جا رانديڪا ٺاهي ڄاڻان، عملي جدوجهد کان لکين ميل پري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي ٽي نمبر واري شاعري کڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪو ٻوٽو ته نٿو ٻاري سگهان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر انهيءَ شاعري جي لفظن جا مُترڪا، پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي سر تي ضرور وسائيندو آهيان ۽ اهڙي قسم جي شاعري جيڪا مزاحمتي هوندي آهي، ڪنهن ٻي شاعر دوست جي پڙهندو آهيان ته خود به خود ضمير کي جهنجهوڙڻ وارا مُترڪا مُنهنجي مُنهن ۽ چهري تي وسڻ شروع ٿي ويندا آهن۔ ڄامشورائي ڀاءُ ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بيشڪ نه مڃجي کڻي پر سچ توهان جي ڳالهه ۾ ئي آهي ته ۔۔ اسان پنهنجي پاڻ ۾ بدلاءُ نه ٿا آڻيون، يا پنهنجي پاڻ کي معاشري جي بدلاءُ جو سبب نه ٿا بڻايون پر رڳو لفظن جو افسوس ڪري ڳالهه کي پٺي ڏئي ڀڄون ٿا۔۔۔HaqMojood
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو