• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ اسلام ڊاٽ ڪام هڪ بهترين ديني ويب سائيٽ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
هي ويب سائيٽ سنڌ سلامت جي پياري بهترين شخصيت ادا بشير احمد صاحب جن ٻڌائي آهي ته سندن ڪاوشن مان آهي، جيئن ته اڄ ئي ان ويب سائيٽ جي خبر پئي، سرسري طور ان جو وزٽ ڪيو، ڪافي بهترين سيڪشن رکيا ويا آهن، يقيننا آءُ هن ويب سائيٽ کي سنڌي جي پهرين جامع مڪمل ديني ويب سائيٽن منجهان چئي سگهان ٿو۔
بهترين اسلامي ڪتابن جي لائبريري موجود آهي، جيڪا ٻين ويب سائيٽن کان هن کي ممتاز بڻائي ٿي۔
مختلف قاري صاحبان جي آواز ۾ تلاوتون آهن۔
فليش قرآن مجيد مان پاڻ به تلاوت ڪري سگهو ٿا۔
مختلف سنڌي ميگزينون آهن۔
فتوي سيڪشن آهي۔
بهترين سنڌي ترجمو چئي سگهجي ٿو۔
شروعاتي طور تي ويب سائيٽ سان گڏ ئي بهترين فورم موجود آهي۔
سوال پڇو سيڪشن آهي۔
رابطي لاءِ سيڪشن کان علاوه اسلامي تقريرن جو بهترين مجموعو آهي۔

ويب سائيٽ تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو
 
جواب: دوست بشير احمد درس صاحب جن جي ويب سائيٽ

ادا سائيٽ ته ٺيڪ ٺاڪ اهي دوستن سٺي محنت ڪئي آهي پر يار هيٺ جتي اسڪرول هوندو اهي
اتان اسڪرول کي ڦيرايون ٿا ته ڪافي حصو خالي رکيل آهي يا کڻي ائين چئجي ته ڪافي حصو خالي پيل آهي

سائيٽ ونڊ ڪرڻ لا۽ مهرباني

سدائين گڏ
 
جواب: دوست بشير احمد درس صاحب جن جي ويب سائيٽ

ماشاء الله تمام ڀلي سائيٽ آهي۔۔۔ مواد به بهتر طريقي سان رکيل آهي ۔۔۔
اميد ته سائين بشير احمد وقت ڪڍي سائيٽ کي اپڊيٽ ڪندا رهندا۔۔۔
 
بلڪل ادا فقير ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ اڃان ڪم جاري آهي۔
 
جواب: دوست بشير احمد درس صاحب جن جي ويب سائيٽ

ماشاء الله تمام ڀلي سائيٽ آهي۔۔۔ مواد به بهتر طريقي سان رکيل آهي ۔۔۔
اميد ته سائين بشير احمد وقت ڪڍي سائيٽ کي اپڊيٽ ڪندا رهندا۔۔۔

ادا رشيد مونکي ادي بشير ٻڌاريو ته فائنل نه ٿي آهي اڃان۔
 
Back
Top