عرس پريو
سينيئر رڪن
مير محمد پيرزادو
هو اٺ ڪجاوان آڻيندا ۽ سونهن سموري ماڻيندا!
آ اوسيئڙو ڪن ايندن جو ۽ مون سان سور سليندن جو
جي ايندا جهرمر تارن ۾ ۽ ڪارين راتين پارن ۾
آ جن کي منهنجي اون وڏي ۽ جن لئه جئي پئي جيءَ جڏي
سي مرد مهارون موڙيندا نِتُ مون سان ناتا جوڙيندا
آ اوسيئڙو ۽ آس اڃا ”هو ڪين اچن ٿا“ ڪيئن مڃان!
آ کڙڪو کڙهه- خيالن ۾ اوجاڳو اکڙين آلين ۾
آ جوڀن ڦوهه جوانيءَ ۾ ۽ جذبن جي جولانيءَ ۾
ٿي آڌيءَ اُڀ ۾ جهانجهه وڄي ۽ چنڊ ننڊاکو پير کڄي
سڳنڌ گلن جي پولارن ۾ ماڪ، مڻيان ڄڻ وارن ۾
ڪا موسيقيءَ جي مڌر لهر آ رات جي پوئين ڄڻ ته پهرِ
بي سرت مسيتيون جاڳن ٿيون ۽ مندرن ٻوليون گهنٽين جون
آئون ويل انهيءَ کي چهٽان ٿي ۽ ايندي جي لئه اُٻران ٿي
آئون منٿون ڪيان، او! رات نه وڃ هو تو ۾ ايندا، منٿ ته مڃ
پر رات بکايل شينهڻ جيان ٿي ڌوڪي ڊوڙي خواب اڳيان
پوءِ سورج چوڪيدار بَڻي ۽ ڪرڻا ٽارچ وانگ هڻي
ٿو باهه اوڳاڇي ڪاوڙ مان ۽ آئون انهيءَ جي ڊپ وچان
پوءِ ايندن اوسيئڙو لاهي کڙهه- ٻنڀي تان خيال مٽائي
لڙڪ هٿ جي پٺ سان اگهندي ننڊ ٿڪن کان آرس ڀڃندي
اوٻاسيون ڏئي اهلان ٿي ۽ سپنن سان پوءِ بهلان ٿي
ايندڙ رات جي آس لڳائي ڏينهن ڪٽيان ٿي جيءُ جلائي!