سائين سڀن دوستن کي منهنجو سلام مان فورم جو نئون ميمبر آهيان منهنجو تعارف۔منهنجو نالو۔جاويد احمد کوسو ادبي نا جاويد نواز بلوچ منهنجو تعالق شهر شهدادڪوٽ جي ننڌڙي ڳوٺ ڌنڱ شريف سان آهي
جواب: سنڌ سلامت زندهه باد ادا جاويد نواز بلوچ صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ميمبر ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا ادا توهان ادبي دنيا سان واسطو رکو ٿا ان حوالي سان اسان کي اوهان جي تحريرن جو شدت سان انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت زندهه باد [justify] دوست جاويد نواز کوسي صاحب کي سنڌ دوست اوطاق جي اڱڻ تي پير ڌرڻ سان دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ شهدادڪوٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سنگم تي هڪ انتهائي سهڻو سنڌ جو شهر آهي، جو جڏهن آ ننڍڙي لا گنداخي بلوچستان وڃڻ لا بس پڪڙڻ لا شاهي بازار مان گذرندو هيس ته شهدادڪوٽ جي معاشي ۽ واپاري حيثيت محسوس ٿيندي هئي ۔۔۔ تمام سهڻو شهر ۽ اوترائي سهڻا قومپرست دوست آهن شهدادڪوٽ جا ۔۔۔ جنهن قوم جا اديب جيترا ادب جا پاسدار هوندا آهن اوترو ئي اها قوم دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري سگهندي اهي ۔۔۔ ادب سماج جو هڪ اهڙو آئينو هوندو آهي جنهن ۾ قوم پنهنجي شڪل چڱي ريت سان ڏسي سگهندي آهي ۔۔۔ اميد ته کوسو صاحب پڻ سنڌ سلامت تي دوستن سان دوستيون وڌائيندو ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي مد ۾ رهنمائي فرمائيندو ۔۔۔ دوست کوسا صاحب اوهانکي جيڪڏهن ڪا به مشڪل پيش ايندي هجي ته سنڌ سلامت سکيا فورم تي وڃي ڪافي ڳالهيون سکي وٺندا ۽ جي اڃان به مسئلو هجي ته پڇڻا نه منجهڻا وري ڪمري ۾ وڃي سوال ڪندا ته اميد دوست اوهانجي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪندا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: سنڌ سلامت زندهه باد ادا جاويد، ڀلا اسان جا ڀاڳ جو اوهان آيا هن ڳڱڻ تي۔۔۔۔۔ انشاالله سٺو وقت گزرندو۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت زندهه باد ادا جاويد کوسو صاحب اوهان کي ڀليڪار سنڌ سلامت جي سهڻي فورم ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي ٿي۔ اميد ته اوهان پنهنجي شاعري ۽ خوبصورت لکڻين سان فورم کي سونهن بخشيندا رهندا۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي جيڪو هر ميمبر کي هڪجيترو موقعو ڏيندو آهي ته هو سنڌي ٻوليء تي سهڻا ليک ونڊ ڪن۔