جيڪڏهن دنيا جا سمورا سنڌي هڪ ٿي وڃن ته هوند قيامت اچي وڃي. ٻڌي ايڪو ۽ اتحاد ئي اها طاقت آهي جنهن جي زور تي اسان دنيا کي لوڏي سگھون ٿا. افسوس جي ڳالھ آهي جو اسان پنهجي ئي وطن ۾ اجنبي بڻجي ويا آهيون. اسان جي دولت مان ڌاريا موجون ماڻي رهيا آهن، اسان جي زمين تي پنهنجو حق جتائي رهيا آهن، مٿان وري مصيبت اهيا آهي جو اسان جا وڏيرا، جاگيردار، سياستدان ۽ ڪامورا پنجاب سامراج جا هٿڪنڊا بڻجي اسان جي تباهي ۽ برباديءَ جو سامان گڏ ڪري چڪا آهن. پر هاڻي جڏهن دنيا ۾ تمام وڏي مانڌاڻ مچي رهي آهي، ان مهل اسان پنهنجي تباهيءَ تي جيڪا مجرمانه خاموشي اختيار ڪيون ويٺا آهيون اها اسان جو هن ڌرتيءَ تان هميشه هميشه لاءِ نانءٌ نشان ئي مٽائي ڇڏيندي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان وقت جي آواز جي گونج جو جواب ڏيندي پاڻ ۾ متحد ٿي پنهنجي ڌرتيءَ مٿان ٿيندڙ ڌارين جي يلغار جو مڙس ٿي مقابلو ڪيون ۽ پنهنجي مٿان ڪيرايل مصيبت سندي هن ڇپ کي ريزه ريزه ڪري ڏيکاريون، گوليءَ جو جواب گولي، پٿر جو جواب پٿر، گار جو جواب گار، جهيڙي جو جواب جهيڙو اهيو ئي قدرت جو قانون آهي جنهن کي هينئين ۾ هنڊائي اڳتي قدم کڻجي مونکي يقين آهي ته ڪاميابي اسان جو مقدر ٿي ويندي. اسان هن جنگ ۾ سڀ کان پهرين پنهنجي خون ۾ موجود خرابيءَ جو اعلاج ڪيون اسان جا پنهنجا جن اسان جيڪي اسان جي خلاف ڌارين کي لبيڪ ڪري انهن سان ٻٽ ٿي ويا آهن، انهن کي به تاريخي سيکت ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. اسان جي محرومي، اسان جي بک ۽ بدحالي جنهن سدائين اسان جي مٿان راڄ ڪيو آهي، اسان جي اندر ۾ هڪ لاوي جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، ان ڪري اچو اي سنڌ واسيو پنهنجون ذاتي رنجشون هڪ پاسي رکي پنهجي ڪوڙين انائن کان منهن موڙي پنهنجي جيجل ماءٌ جي پڪار بڻجي، ان تي ڦهليل هن انڌيري رات جو خاتمو آڻي هڪ نئين جهان، نئين سماج جي تعمير ڪيون، ۽ دنيا وارن جي مٿان هي واضع ڪيون ته اسان بزدل، هيڻا ۽ گيدي ناهيون، اسان پنهنجي وطن سان بي انتها محبت ڪيون ٿا ۽ ان جي عظمت خاطر پنهنجي جانين جا نظرانه ڏيڻ لاءِ به هر دم تيار آهيون. اسان جي سونهاري سنڌڙي هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ جي وشال سيني تي، لکين عقوبتون ۽ گهاءُ سهڻ جي باوجود به قائم ۽ دائم آهي ۽ تا قيامت دنيا جي ڪا به طاقت اسان سنڌين کان اسان جو وطن الڳ نه ٿي ڪري سگهي.
جيئي سنڌ جيئي لطيف
جيئي سنڌ جيئي لطيف