پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    ڪالهه عوامي آواز اخبار جو مطالعو ڪندي هن ڪالم تي نظر پئي ته نثار ابڙو ۽ سنڌ سلامت پڙهي حيران ٿي ويس، 90 سيڪڙو پڪ ٿي وئي ته اهو سائين جن جو ئي ليک ٿي سگهي ٿو ڇو ته ڏيڍ سال کان سائين جي بهترين ليکن مان اسان مستفيد ٿيندا رهيا آهيون۔۔ تمام بهترين ڪالم آهي۔۔ سنڌ سلامت جي اهڙي ڪالمن کي اخبارن ذريعي عوام ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي۔۔
    [/JUSTIFY]
    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم

    واھ سائين دما دم مست قلندر انشاالله ضرور ٿيندي۔۔تمام بهترين۔۔۔سائين نثار ابڙو صاحب جو ڪالم۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم

    دوستن جا قرب آهن ۽ ٿورا آهن، سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهو ڪم ڪهڙي انقلابي ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪي سڄڻ اهڙا هوندا آهن جي پنهنجو پاڻ ۾ سڄڻائپ ڪندا رهندا آهن، اڳلي کي خبر به نه پوندي آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت سان دوستي ۽ سنڌ دوستي سان ماشاء الله اسانجا سڀ رڪن سلهاڙيل آهن ۽ پنهنجو پنهنجو ڪردار چپ چپات ۾ ادا ڪري رهيا آهن ۔۔۔ پنهنجي ذات کان هٽي ڪري ۔۔۔ ۽ منهنجو ايمان آهي ته جيڪي ماڻهون پنهنجي کول ۾ بند هوندا آهن سي صرف ئي صرف پاڻکي ڏسي سگهندا آهن، باقي جهان اونده نظر ايندو اٿن پر جيڪي ماڻهون وسيع النظر هوندا آهن، انجي نظر پاڻکان ترڪندي، پاڙي، شهر، قوم ۽ انسانيت کان گذرندي ڪائنات جي وسيع مفادن تائين پهچندي آهي۔۔۔ ۽ آخري منزل انسان جي ٻي ڪا به نه صرف رب الڪائنات جي ديد جي ٿئي ٿي۔

    مون اهو جواب لکيو هو، بلڪل ان خيال کان عاري ته اهو ڪو ٻيو ماڻهون به پڙهندو پر سلام آهي دوست کي جنهن پاڻ ته پڙهيو پر هزارن ماڻهن تائين پهچائي ڇڏيو ۔۔۔ ۽ اڄ وري ادي مست ٻيهر انکي سنڌ سلامت تي آڻي اڃان ڳالهه کي وائکو ڪري وڌو آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم

    سائين نثار ابڙو جا لکيل ليک ۽ ڪيل تبصرا ڪنهن مفڪر جي ڳالهين وانگر هوندا آهن۔ سائين نثار جي رڳ رڳ ۾ سنڌ سان پيار سمايل هوندو آهي۔ عرب ملڪن ۾ آيل تازين تبديلين کان اڳ جڏهن پاڻ عيد تي سنڌ آيل هئا ته اسان جون اڪثر شام جو ڪچهريون ٿينديون هيون۔ دوستن جو جهرمٽ هوندو هو ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا مسئلا زير بحث هوندا هئا۔ پاڻ ان وقت ئي اهو اشارو ڏيکاريو هين ته عرب ملڪن ۾ ماڻهو سماجي ۽ سياسي حقن لاء اٿي سگهن ٿا۔ هاڻي اها ٻي ڳاله آهي ته اه تبديلي ڪيترو اثر انگيز ٿي ٿئي ان جو انتظار آهي۔

    سائين نثار سنڌ ۾ آيل تحريڪن کي انقلاب جو نالو نه ٿو ڏي گذريل ڪنهن موضوع تي پاڻ چيو هون ته پاڪستان ۾ انقلاب جي هڪ تحريڪ اٿي هئي ۽ اها هئي بنگالين جي تحريڪ ، جن اقلاب آڻي ڏيکاريو۔

    هاڻ سنڌ جا ماڻهو جيڪي پاڻ ۾ هڪ نه ٿا ٿي سگهن ، گڏ نه ٿا ويهي سگهن ، قبائلي جهڳڙن ،ڪارو ڪاري ، رشتن جي پاسدارين ، خاندان جي جنجهٽن مان ڪونه نڪري سگهيا آهن انهن مان ايڏو جلدي انقلاب جي اميد ته ڪانهي پر نيٺ هڪ ڏينهن هي قوم ڪجه ڪري ڏيکارڻ لاء اٿي بيهندي۔۔۔۔۔۔۔ شايد پوء هنن جو رستو روڪڻ ناممڪن ٿي وڃي۔ اسان اهڙي ئي ڪنهن ڏينهن جي انتظار ۾ نه ويهون پر اهڙي ڏينهن لاء ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون۔۔۔

    لک لائق اوهان جا ۽ قرب دوستن جا جيڪي اهي ليک اخبارن جي زينت ٿا بڻائن
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم

    پوءِ دوست پنهنجي دوستن کي انهيءَ دما دم مست قلندر جي لاءِ تيار ڪجي...ڇا خيال آهي...؟
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم

    سائين سٺن خيالن کي ماڻهن تائين پهچائڻ عبادت آهي، جنهن به دوست هي ڪم ڪيو آهي ڀلو ڪيو اٿئين.. ​
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم

    هممممم۔۔۔پر وڏڙا۔۔۔۔اڳتي قدم کڻن اسان به انهن سان گڏ آهيون۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڪستان ۾ انقلاب۔۔۔۔۔نثار ابڙو صاحب جو ڪالم


    بلڪل ادا

    سائين بهترين ڪالم آهي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو