دوستن جا قرب آهن ۽ ٿورا آهن، سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهو ڪم ڪهڙي انقلابي ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪي سڄڻ اهڙا هوندا آهن جي پنهنجو پاڻ ۾ سڄڻائپ ڪندا رهندا آهن، اڳلي کي خبر به نه پوندي آهي ۔۔۔
سنڌ سلامت سان دوستي ۽ سنڌ دوستي سان ماشاء الله اسانجا سڀ رڪن سلهاڙيل آهن ۽ پنهنجو پنهنجو ڪردار چپ چپات ۾ ادا ڪري رهيا آهن ۔۔۔ پنهنجي ذات کان هٽي ڪري ۔۔۔ ۽ منهنجو ايمان آهي ته جيڪي ماڻهون پنهنجي کول ۾ بند هوندا آهن سي صرف ئي صرف پاڻکي ڏسي سگهندا آهن، باقي جهان اونده نظر ايندو اٿن پر جيڪي ماڻهون وسيع النظر هوندا آهن، انجي نظر پاڻکان ترڪندي، پاڙي، شهر، قوم ۽ انسانيت کان گذرندي ڪائنات جي وسيع مفادن تائين پهچندي آهي۔۔۔ ۽ آخري منزل انسان جي ٻي ڪا به نه صرف رب الڪائنات جي ديد جي ٿئي ٿي۔
مون اهو جواب لکيو هو، بلڪل ان خيال کان عاري ته اهو ڪو ٻيو ماڻهون به پڙهندو پر سلام آهي دوست کي جنهن پاڻ ته پڙهيو پر هزارن ماڻهن تائين پهچائي ڇڏيو ۔۔۔ ۽ اڄ وري ادي مست ٻيهر انکي سنڌ سلامت تي آڻي اڃان ڳالهه کي وائکو ڪري وڌو آهي ۔۔۔
ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت