اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو جيئن ته مان نيٽ ورڪنگ بابت سبق مڪمل ڪري چڪو آهيان سو ڪافي دوستن اصرار ڪيو ته ادا ٿيوري ته مڪمل ٿئي وئي آهي پر جيڪڏهن پاڻ ۾ ٻن ڪمپيوٽرن جي شيئرنگ ڪرڻي پوي ته ڪيئن ڪجي ان جو طريقا ڪار ڇا آهي سو ان دوستن جي ڳالهين کي مد نظر رکندي مان ڪافي سوچيم ته ان جي لا۽ ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي ته مون کي اچانڪ ذهن ۾ آيو ته وائس آف سنڌ تي محترم خليق جمالي صاحب جو لکيل ڪتاب اچو ته ڪمپيوٽر شيئر ڪريو مون ڪافي ٽائيم اڳ ۾ ڊائونلوڊ ڪيو هيم ڇو ان اهو ئي دوستن سان شيئر ڪجي ڇو جو محترم خليق جمالي جو لکيل ڪتاب ئي پڙهي ڪري مون به نيٽ ورڪنگ سکي هئي ۽ وڏي ڳالهه اها ته جمالي صاحب جو لکيل ڪتاب جيڪو پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهي ايترو ته جمالي صاحب بهترين نموني سان لکيو آهي جو شايد مان به اهڙي نموني سان نه سمجهائي سگهان هان سو دوستو توهان لا۽ حاضر آهي محترم خليق جمالي صاحب جو لکيل ڪتاب اچو ته ٻن ڪمپيوٽرن کي شيئر ڪريو . مون کي اميد آهي ته توهان هي ڪتاب پڙهي ڪري وڏي اطمينان سان ٻن ڪمپيوٽرن جي نيٽ ورڪنگ ڪري ويندو . sindhsalamatsaathsal
واهه فقير سائين واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي ناياب شيئرنگ جو بي چيني سان انتظار رهندو آهي۔
جواب: نيٽ ورڪ شيئرنگ ڪيئن ڪبي آهي ؟ فقير شل جريو هجين منهنجي ضرورت پوري ڪري ڇڏي ٿئي ادا لک ٿورا اهڙي ناياب ڪتاب ونڊڻ لا۔ سدائين گڏ sindhsalamatsaathsal
جواب: نيٽ ورڪ شيئرنگ ڪيئن ڪبي آهي ؟ پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا پرنس ادا نويد احمد صاحب توهان جا لک ٿورا جو اوهان کي فقير جي شيئرنگ پسند آئي دعا ڏيڻ لا۽ اصل ڪروڙين قرب اهڙي طرح سان دعا ۾ ياد رکندا ڪريو سدائين گڏ
جواب: نيٽ ورڪ شيئرنگ ڪيئن ڪبي آهي ؟ ادا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ڪم جي ڳالهه شيئر ڪئي. اسان اڄا سکڻ واري لسٽ ۾ اهيون . سو توهان ڀائرن جا قرب آهن جو اوهان اسان کي ڪم جون ڳالهيون سيکاريو ٿا.