سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو
    خادم گھراڻو
    اسان جي سنڏي قوم هڪ قديم قوم آهي جنهن جي پنهنجي ٻولي ثقافت زندگيءَ جي رهڻ سهڻ جا پنهنجا طور طريقا آهن سنڌي قوم سان گڏ انهن جي ٻولي به قديم ٻولي آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو بل رد ڪيو ويو آهي هن بل جي جن مخالفت ڪئي انهن سڀني کي سنڌ واسين ٽي وي چينلن تي ڏٺو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هوندو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي هئڻ جو درجو هئڻ گھرجي ڇو جو اها سنڌ واسين جي پياري ٻولي آهي جنهن شاهه لطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، مصري شاهه شيخ اياز نياز همايوني يوسف شاهين وغيره جھڙا شاعي اديب آهن سنڌي ٻولي رڳو سنڌ ۾ نٿي ڳالهائي وڃي پر پوري دنيا ۾ جتي به سنڌي آهن اتي ڳالهائي وڃي ٿي . جيئن ته سنڌي ٻولي لطيف جي ٻولي آهي هر سنڌ واسي جي ٻولي آهي ان کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي هن وقت جيڪي خانگي اسڪول آهن انهن ۾ ڪافي اهڙا اسڪول آهن جتي سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي جڏهن ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو قانون پاس ٿيل آهي سنڌي ٻولي جي لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا آهن پر سنڌي ٻولي اڄ به قائم ۽ دائم آهي اها سدائين قائم رهندي جيستائين سنڌي آهن سنڌي ٻولي جي جيون لاءِ اسان جي سنڌي جوڌن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن سنڌي ۾ ووٽر لسٽ ڇپايو ۽ ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلي انهن ۾ سنڌين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي سنڌي ٻولي جي ترقي جو دور سمن ۽ ڪلهوڙن جي دور کي چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪئي ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌي ٻولي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا سنڌي ٻولي جي جاءِ تي فارسي کي رائج ڪيو ويو پر وري به سنڌي ٻولي سوڀاري ٿي اڄ به سنڌي ٻولي قائم ۽ دائم آهي جيئن ته اردو رابطي جي ٻولي آهي جيڪا مختلف ٻولين جي ملڻ سان ٺهي آهي سنڌ صوبي جي قومي ٻولي سنڌي آهي اسان جي سنڌي ٻولي کي جيڪا انگريز جي دور ۾ ترقي ملي اها ٻي ڪنهن دور ۾ نه ملي ان وقت جي ڪمشنر اهو حڪم صادر ڪيو ته سنڌي ٻولي سکو ڳالهايو سنڌي ٻولي پڙهو باقاعده هنن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي جو درجو ڏنو سنڌي ٻولي جي رسم الخط ٺاهي . تازو روزاني ڪاوش ۾ هڪ مضمون مون پڙهيو جيڪو معلوماتي هو اهو هتي آئون ڪاوش جي ٿورن سان ڏيئي رهيو آهيان جيڪو بدين جي محمد خان سمون لکيو آهي جيئن اسان جي سنڌين جي علم ۾ اضافو ٿئي اٺين صدي عيسوي ۾ سياح عالم اچاريا ادوتن سورا شٽر جي درٻار مان سنڌ ۽ سنڌي زبان جي تحقيق لاءِ سنڌ ۾ آيو هن ڪوليا مالها ڪٿا ۾ سنڌ ۽ سنڌي شاعرن جي ساراهه ڪئي منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباري جي زماني ۾ هڪ عرب عالم جيڪو پڻ سنڌي ٻولي جو ڄاڻو هو تنهن پهريون دفعو قرآن شريف جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو سومرا دور ۾ عربي سان گڏ سنڌي ٻولي کي سڳتي وڌڻ جو موقعو مليو مسلمان سنڌي عالم عربي سان گڏ سنڌي به لکندا هئا پير صدرالدين جيڪو ايران جو هو جنهن سنڌي ٻولي جي الف ب ٺاهي جنهن ۾ چاليهه اکر هئا جنهن کي چاليهه اکري چئجي ٿو يارهين ٻارهين صدي ۾ ڍٽي جي عالم مخدوم ابو الحسن سنڌي کي رسم الخط ڏني جنهن کي ابو الحسن واري سنڌي چئجي ٿو 1843 ع انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو 1851ع ۾ تڏهن سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئير هڪ سرڪاري حڪم ذريعي سڀني آفيسرن کي سنڌي سکڻ ۽ اهڙو امتحان پاس ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو هڪ مقرره رسم الخط ضرور سمجھي ويئي جنهن جي لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويئي جنهن 1853ع ۾ موجوده سنڌي جي رسم الخط تيار ڪئي 29 آگست 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر هڪ حڪم نامو جاري ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ دفتري ٻولي قرار ڏنو اهو به حڪم صادر ڪيو ته جيڪڏهن ڪو فارسي ۾ درخواست لکي ته ان سان گڏ ان جو متن سنڌي ۾ لکي 1882ع ۾ تعليم کاتي جي طرفان هڪ سنڌي اخبار جاري ڪئي ويئي 1942ع ان دور جي حڪومت سنڌي ٻولي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو جنهن جو نالو بورڊ آف ايڊوانسمينٽ آف سنڌي لٽريچر هو جو بنياد رکيو جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ نالي سان سڃاتو ويو جيڪي هتي انگريز هئا انهن سنڌي ٻولي جي حيثيت کي سڃاتو ان کي دفتري ٻولي طور رائجھ ڪيو اڄ سنڌي ٻولي اها حيثيت نه آهي هن وقت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي اسان چئون ٿا سنڌي ٻولي سان گڏ پشتو سرائيڪي پنجابي ۽ بلوچي کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي بشڪريه روزاني ڪاوش حيدرآباد پهرين فيبروري 2011ع اسان کي مثي ڏنل مضمون مان اها خبر پوي ٿي انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت هئي اڄ جڌهن صوبي ۽ وفاق ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي ته پوءِ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نٿو ڏنو وڃي اسان کي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي اسان اها گھر ڪيون ٿا ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي اها دفترن ۾ رائج ڪئي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي پڙهايو وڃي جيڪي اسڪول نٿا پڙهائين ته انهن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌي ٻولي جي مضمون کي اسڪولن جي اندر پڙهائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جيڪا سنڌي ادبي سنگت جدوجهد ڪئي اها ڪنهن کان لڪل نه آهي اسان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو

    سائين محترم سڀ کان پهريان ته اوهانکي لک شاباسون جو اوهان اهڙو سهڻو ليک سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيو، ٻي ڳالهه ته اسانجو هٿ ۽ حمايت پڻ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ آهي، بيشڪ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي هجڻ گهرجي بلڪ هجڻ ته پوري پاڪستان جي قومي ٻولي ها، ڇاڪاڻ ته واديءَ مهراڻ جي واحد ٻولي آهي جيڪا لکپڙه ۾ آسودي آهي ۽ هن وقت وادي مهراڻ جي ماءُ ٻولي آهي ۔۔۔پر افسوس پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڄ تائين اردو ٻوليءَ جو آسرو وٺي سنڌي ٻوليءَ خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا آهن

    ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔

    آءُ سنڌ سلامت جي اڱڻ تان سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جي حمايت ۾ هٿ مٿي کڻان ٿو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪريانٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏئي انصاف ڪيو وڃي ۔۔۔

    لک ٿورا سائين خادم گهراڻي جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو

    ادا بهترين ليک آهي ۽ جائز مطالبو پڻ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ من حڪمرانن کي عوام جي حقن جي پاسداري جو خيال اچي !
     
  4. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو


    ادا خادم گھراڻو توهان جو هي زبردست ليک سنڌ سلامت تي ونڊڻ جي مهرباني
    دوست توهان جي لکڻ جو انداز تمام بهتر لڳو ۔ ادا هي هڪ انتهائي اهم مسئلو آهي جنهن جو حل اسان سنڌين جي لا هڪ وڏي ڪاميابي هوندي۔
    پر جڏهن هر پاسي کان ڪاريهر ڪر کنيون بيٺاهوندا ته پو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ‌ تمام مشڪل ٿي ويندو ۔ ڏٺو وڃي ته سنڌين سان وير سنڌ دشمنن جي خانداني پرمپرا آهي ڇو ته جڏهن به ڪا ڳالهه سنڌ جي حق ۾ ٿيڻي هوندي آهي ته ان جي خلاف سازشن جا انبار لڳي ويندا آهن۔۔

    هي هڪ تمام بهتر رستو آهي ته اسان پنهنجي قلم جي قوت سان سنڌي عوام جي سوچ کي مخالفن تائين پهچايون۔۔

    دعا آهي ته رب پاڪ اوهان جي قلم ۾ اڃان وڌيڪ برڪت عطا فرمائي۔۔





    ۔
    ۔
    ۔۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو