21 فيبروري مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن بنگالين جي جدوجهد مادري ٻولين کي عالمي سڃاڻپ ڏئي ڇڏي سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري جدوجهد بنگالي طرز تي ڪرڻي پوندي قاسم علي شاه [JUSTIFY] پاڪستان اندر ٻولين تي سياست ۽ ٻولين جي تڪرار وارو مسئلو پاڪستان جي ڄم کان وٺي هلندڙ آهي. ان جو مکيه سبب اهو آهي ته پاڪستان حاصل ڪرڻ واري تحريڪ دوران ڪنهن به ان معاملي تي ڌيان نه ڏنو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ رياست جي ٻولي ڪهڙي هوندي، بنگالين، سنڌين، پنجابين، پختونن ۽ بلوچن پنهنجون آزاد ۽ خودمختيار رياستون ڏئي پاڪستان جي نالي سان هڪ ئي رياست ٺاهي. جنهن جي ٻولي ڪهڙي هوندي اهو معاملو اڳ ۾ طئي ٿيل نه هو پر آزادي بعد هڪ تعليمي ڪميشن مقرر ڪئي وئي. جنهن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي ٻولي اردو هوندي. حالانڪه جن پنجن رياستن پنهنجي ايراضي، آزادي ۽ خودمختياري قربان ڪري پاڪستان قائم ڪيو هو، اتي رهندڙ 6 ڪروڙ، 90 لک ماڻهن مان ڪنهن جي به ٻولي اردو نه هئي. اعلان کانپوءِ بنگال، سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کان صدين پرائي ٻولي واري سڃاڻپ کسي وئي. جنهن تي بنگالين وڏو گوڙ ڪيو ۽ نئين رياست پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اردو بنگالي ٽڪراءُ شروع ٿيو. ان وقت اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي 6 ڪروڙ 90 لک آدمشماري ۾ 4 ڪروڙ، 40 لک بنگالي هئا. جن کان نه فقط تعليمي ادارن پر سرڪاري آفيسن ۽ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به بنگالي ۾ امتحان ڏيڻ وارو حق کسيو ويو. هتي ساڳئي جٺ سنڌي ٻولي سان ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير پير الاهي بخش ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سنڌي کي (Optional & Language) قرار ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي گادي جو هنڌ وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي کي فقط نالي جي تختي ڪلهي تي رکائي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ان فيصلي کان پوءِ سنڌي ٻولي سان سنڌ ۾ جيڪو سلوڪ ٿيو آهي ان تي اڄ تائين پيا روئون پر بنگالين اسان سنڌين وانگر روئڻ پٽڻ بدران پنهنجي مادري زبان کي قومي زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري تعليمي ڪانفرنس جي اعلان تي بنگالين گوڙ ڪيو ۽ ڍاڪا يونيورسٽي ۾ بنگالي شاگردن جو وڏو انگ بنگالي اسلامڪ ڪلچر آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري عبدالڪشيم جي قيادت ۾ گڏ ٿيوا ۽ انهن پاڪستان سرڪار جي فيصلي خلاف ريلي ڪڍي. 8 ڊسمبر 1947ع تي بنگالي شاگردن باضابطا طور تي مطالبو ڪيو ته بنگالي کي به پاڪستان جي سرڪاري زبان قرار ڏنو وڃي. بنگلاديش سان واسطو رکندڙ ٻولي جي ماهر محمد شاهد الله اها نشاندهي ڪئي ته جن علائقن تي مشتمل رياست کي پاڪستان سڏجي ٿو، ان مان ڪنهن جي به ٻولي اردو ناهي، پر جيڪڏهن ٻي ٻولي چونڊڻ لاءِ چيو وڃي ته بنگالي کان پوءِ اردو تي غور ڪري سگهجي ٿي. ڊسمبر 1947ع جي آخري ڏهاڙن ۾ ملڪي سطح تي قومي ٻولي ايڪشن ڪميٽي قائم ڪري بنگالي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ شروع ڪئي وئي. بنگالي کي رياستي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ پهريون ڀيرو اسيمبلي ميمبر شمس الحق هڪ ڪميٽي ٺاهي، جڏهن ته اسيمبلي ميمبر ڌيرندراناٿ دتا پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي ۾ بنگالي کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۽ اسيمبلي اندر بنگالي ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ قانون سازي جي تجويز پيش ڪئي. جنهن جي ٻين بنگالي ميمبرن به حمايت ڪئي. وزيراعظم لياقت علي خان ۽ حڪمران جماعت مسلم ليگ ان تجويز کي اهو چئي رد ڪيو ته ان سان پاڪستان ورهائجي ويندو. اسيمبلي ۾ اها تجويز رد ٿي وئي. بنگالين مادري ٻولي جي عزت ۽ عظمت تي سودي بازي ڪرڻ بدران هر محاذ تي جدوجهد شروع ڪئي ۽ اسيمبلي مان اها تجويز رد ٿيڻ کان پوءِ 11 مارچ 1948ع بنگالي شاگرد ٻيهر ڍاڪا يونيورسٽي ۾ گڏ ٿيا ۽ انهن فورسز جي ڀرتي، ٽيسٽ، نوٽن ۽ اسٽيمپس تان بنگالي ٻولي کي خارج ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو. ان حتجاج دوران پهريون ڀيرو بنگال جا اهي سمورا سياسي اڳواڻ گرفتار ٿيا. جن جي ڊگهي جدوجهد سان دنيا جي نقشي تي پاڪستان جي وجود کي اڃا ڪجهه مهينا مس ٿيا هئا. انهن اڳواڻن ۾ شمس الحق، شوڪت علي، قاضي غلام محبوب، اولي احد، شيخ مجيب الرحمان ۽ ٻيا شامل هئا. سياسي اڳواڻن ۽ شاگردن جي گرفتارين خلاف 11 مارچ تي شاگردن جي گڏجاڻي ٿي ۽ انهن وزير اعليٰ خواجا ناظم الدين جي گهر آڏو احتجاج جو فيصلو ڪيو. پوليس جي تشدد ۽ رستا روڪ سبب ريلي پنهنجو رستو تبديل ڪري سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج جو فيصلو ڪيو، ريلي جي قيادت اي ڪي فضل الحق ڪري رهيو هو. جڏهن ته 12 کان 15 مارچ تائين سڄي اوڀر پاڪستان ۾ مڪمل هڙتال به رهي. ٻولي جي معاملي تي جڏهن صورتحال خراب ٿي وئي ته قائد اعظم محمد علي جناح پاڻ 19 مارچ 1948 تي معاملي جي حل لاءِ ڍاڪا پهتو ۽ اهو اوڀر پاڪستان جو سندس پهريون دورو هو. 21 مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾ هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي قائد اعظم محمد علي جناح چيو ته ٻولي وارو معاملو اٿاري مسلمانن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته ”پاڪستان جي ٻولي اردو، اردو، فقط اردو هوندي“ ۽ جيڪي ماڻهو ان کي قبول نٿا ڪن اهي پاڪستان جا دشمن آهن.قائد اعظم جي ان دوري دوران 24 ڊسمبر تي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪيو ۽ سندس خطاب دوران ٻولي معاملي تي شاگردن احتجاج ڪيو ۽ سندس تقرير ۾ رخنو پيو. ان احتجاج کانپوءِ قائد اعظم بنگالي ٻولي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ ان ۾ وزيراعليٰ خواجا ناظم الدين ۽ ٻولي ڪميٽي وچ ۾ ٿيل ٺاهه جي توثيق ڪئي وئي. جنهن تحت بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ کان سواءِ باقي سمورا مطالبا منظور ڪيا ويا. ڍاڪا ڇڏڻ کان اڳ 28 مارچ تي قائد اعظم ريڊيو تي خطاب ۾ ساڳئي ڳالهه ورجائي ته ”پاڪستان جي زبان اردو ۽ فقط اردو هوندي“. اوڀر پاڪستان جي صوبائي سرڪار مولانا اڪرم خان جي سربراهي ۾ بنگالي ٻولي ڪميٽي قائم ڪئي ۽ ان پنهنجي رپورٽ 6 ڊسمبر 1950ع تي پيش ڪئي. جيڪا 1958ع تائين شايع نه ڪئي وئي. 1952ع ۾ اردو بنگالي ٽڪراءَ ان وقت ٻيهر وڌيو جڏهن گورنر جنرل خواجا ناظم الدين 27 جنوري 1952ع تي فقط اردو پاڪستان جي قومي زبان هوندي وارو معاملو اٿاريو. 31 مارچ 1952ع تي آل پارٽيز سينٽرل لئنگويج ايڪشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي ۽ ان جي صدارت ڍاڪا يونيورسٽي ۾ مولانا ڀاشاني ڪئي. ان گڏجاڻي ۾ 21 فيبروري 1952ع تي بنگال ۾ عام هڙتال ۽ ريلين جو اعلان ڪيو ويو. 4 فيبروري تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جا شاگرد يونيورسٽي ۾ گڏ ٿيا ۽ انهن پاڪستان سرڪار جي ان فيصلي خلاف سخت احتجاج ڪيو ته بنگالي عربي خط ۾ لکي وڃي. بنگالي شاگردن جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سرڪار پهريون ڀيرو اوڀر پاڪستان ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ماڻهن جي ميڙن تي پابندي مڙهي ڇڏي. 21 فيبروري 1952ع تي صبح جو 9 وڳي شاگرد ڍاڪا يونيورسٽي وٽ گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. يونيورسٽي کي پوليس گهيري ڇڏيو ۽ صبح جو 11 وڳي شاگردن پوليس جو گهيرو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس شاگردن مٿان ڳوڙها گئس جا شيل اڇلايا ته شاگرد ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج طرف ڀڄڻ لڳا. ان دوران ڪيترائي شاگرد گرفتار ٿيا پر شاگردن جو وڏو انگ بنگال اسيمبلي طرف وڌڻ لڳو ۽ شاگردن اسيمبلي ميمبرن جو گهيراءُ ڪيو. شاگردن جڏهن عمارت اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس فائرنگ شروع ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ عبدالسلام، رفيق الدين احمد، ابو البرڪات ۽ عبدالجبار مارجي ويا. 22 فيبروري تي سڄي اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ ۽ احتجاج شروع ٿي ويو. ڍاڪا جي ڪروڙ هال ۾ 30 هزار ماڻهو گڏ ٿيا ۽ چڪرين دوران پوليس وڌيڪ 4 ماڻهو ماري وڌا. ان کان پوءِ سڄي اوڀر پاڪستان ۾ سرڪاري ملڪيتون ساڙڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. پوليس نواب پور روڊ تي هڪ جنازي تي به فائرنگ ڪئي. جنهن ۾ ڪيترائي بنگالي مارجي ويا. 23 فيبروري تي شاگرد ٻيهر ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ گڏ ٿيا ۽ انهن شهيدن جي ياد ۾ مينار اڏڻ شروع ڪيو ۽ بنگالي شاگردن اتي پنهنجي رت سان ٻولي جا شهيد لکي ڇڏيو. 26 فيبروري تي پوليس اهو يادگار ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. پاڪستان سرڪار ان احتجاج تي وائڙي ٿي وئي ۽ پريس تي سينسر شپ مڙهي وئي. قومي ٻولي ايڪشن ڪميٽي عوامي ليگ سان گڏ هر سال 21 فيبروري کي مادري ٻولي جو ڏينهن طور ملهائڻ جواعلان ڪيو. ان تحريڪ دوران مولانا ڀاشاني لڳاتار گرفتار رهيو. اردو جي حامي اولهه پاڪستان جي وزير فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته بنگالي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارا پاڪستان جا دشمن آهن. 21 فيبروري 1954ع تي بنگالي شاگردن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏيون ۽ اهي مادري ٻولي جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا. مادري ٻولي لاءِ شاگردن جي شروع ڪيل تحريڪ 1954ع ۾ سياسي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي. اوڀر پاڪستان جي صوبائي چونڊن ۾ حڪمران جماعت مسلم ليگ يونائيٽيڊ فرنٽ کان چونڊون هارائي وئي. چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ پاڪستان جي وزيراعظم محمد بوگرا بنگالي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو. ان تي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جي قيادت ۾ هزارين ماڻهن اردو جي حمايت ۽ بنگالي جي مخالفت ۾ احتجاج ڪيو.اي ڪي فضل الحق ۽ مجيب الرحمان تي مشتمل يونائيٽيڊ فرنٽ جي حڪومت بنگالي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ صوبائي سطح تي قدم کڻڻ شروع ڪيا. مسلم ليگ، يونائيٽيڊ فرنٽ جي حڪومت کي تسليم نه ڪيو ۽ ان کي ختم ڪري گورنر جنرل غلام محمد 30 مئي 1954ع تي اوڀر پاڪستان ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو. يونائيٽيڊ فرنٽ جي حڪومت ۾ پهريون ڀيرو 21 فيبروري 1956ع تي ان ڏينهن تي سرڪاري طور تي ملهايو ويو. بنگالين جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ بنگالي ٻولي کي 29 فيبروري 1956ع تي پاڪستان جي ٻي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو ۽ ان لاءِ 1956ع واري آئين ۾ ترميم ڪئي وئي. ايوب خان جي فوجي حڪومت 6 جنوري 1959ع تي اها ترميم واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو. جنهن تي بنگالين سخت احتجاج ڪيو. بنگالين 21 فيبروري 1952ع تي بنگالي ٻولي جي شهيدن جي يادگارن ان جاءِ تي قائم ڪئي، جتي مادري ٻولي جي مڃتا لاءِ جدوجهد ڪندڙ پهريان شاگرد ماريا ويا هئا پر 1971ع واري ويڙهه دوران پاڪستان جي فوج اهو يادگار ٻيهر ڊاهي ڇڏيو هو. پاڪستان کان ڌار ٿيڻ بعد بنگلاديش سرڪار 21 فيبروري کي ٻولي جو قومي ڏينهن قرار ڏنو. بنگلاديش حڪومت پاران ان ڏينهن کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ لاءِ لڳاتار لکپڙهه جاري رهي ۽ نيٺ آخر اقوام متحده جي اداري يونيسڪو پاران 17 نومبر 1999ع تي ان ڏينهن کي عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو ۽ ان جي منظوري گڏيل قومن جي اداري 2008ع ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ڏني ۽ ان کان پوءِ 21 فيبروري مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو ۽ بنگالين پاران مادري ٻولي کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ شروع ڪيل جدوجهد دنيا جي سمورين مادري ٻولين کي عالمي سڃاڻپ ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جو عوام به سڀاڻي اهو ڏينهن ملهائي رهيو آهي پر جيڪڏهن اسان پنهنجي مادري ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان کي به بنگالين وانگر جدوجهد ڪرڻي پوندي۔[/JUSTIFY] عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل