سنڌي ٻولي بل، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مان

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻولي بل، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مان

    قاضي فيض محمد


    [JUSTIFY]سنڌ جي صورت ۽ سيرت جن ڏٺي يا ٻڌي سي سندس هميشه لاءِ فدائي ٿي ويا. خاص طرح اسان ماڻهو جن پراڻي سنڌ به ڏٺي ۽ اڄوڪي به. اهي ماڻهو هميشه انهيءَ پياري سنڌ لاءِ رئندا رهندا. ڪهڙا ماڻهو، ڪيڏي محبت، ڪيڏي مروت، اها سنڌ منهنجي سيني ۾ ۽ سيني تي اڪريل آهي.

    سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌيءَ زبان جو بل پيش ٿيڻو هو. انهيءَ کان اڳ ڪراچيءَ ۾ جناب صدر ڀٽي صاحب سان سنڌ جي دانشورن جي ملاقات ٿي، ان ملاقات ۾ مان به شريڪ ٿيو هوس. چند منٽ مون کي اڪيلائي ۾ ڏيڻ فرمايائون. مان کين سنڌي زبان لاءِ ڪجهه عرض ڪيو. صدر صاحب اهڙي لکيل نوٽ لاءِ چيو، جو مان کين ڏنو. جنهن ۾ مان گهڻو ڪجهه لکيو مگر خاص نڪتا هيءُ هئا ته:

    اسان سنڌي، سنڌيءَ کي هڪ قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ گهرون ٿا.

    سنڌي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان تسليم ڪئي وڃي.

    هڪ سازش ٿي رهي آهي ته کيس ۽ سندس پارٽي کي لاهي وري فوجي حڪومت قائم ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ جي حالتون سازگار نه آهن ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌي کي انهيءَ حالت ۾ ڇڏيو وڃي، جا پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ رهندي ٿي اچي. صوبي ۾ ٻن زبانن جو سرڪاري ٿي رهڻ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ تباهي ٿيندي، جا ڳالهه سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص طرح سنڌي نوجوان ڪنهن به حالت ۾ برداشت ڪري نه سگهندا.

    7 جولاءِ تي زبان جو بل پيش ٿيو ۽ وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ بلوا شروع ٿي ويا. 8 جولاءِ ڇنڇر ڏينهن 5 وڳي جناب صد صاحب راولپنڊيءَ ۾ ٻولي ڪانفرنس سومر ڏينهن سڏائڻ جو اعلان ڪيو. سرڪاري طرح سان ڪوبه دعوت نامو ڪونه مليو ۽ نه وري دوستن سان ملي فيصلي ڪرڻ لاءِ ڪو وجهه ملي سگهيو. ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيڻ به ٺيڪ نه سمجهيم. انهيءَ ڪري 9 بجي ٽپڙ ٻڌي ڪراچيءَ روانو ٿي ويس. حيدرآباد ۾ وڳوڙ ۽ ماڻهن جهمٽا مستانه وار گهمي رهيا هئا خير حيدرآباد مان نڪري ڪراچي پهتاسين. مگر اتي حيدرآباد کان حالتون وڌيڪ اُگريون هيون. محترم جي ايم سيد جي جڳهه تي پهتس ته من سيد سان ساٿ ڪري راولپنڊي پهچون، مگر پياري امير حيدر ٻڌايو ته ”بابا جن ٺيڪ نه آهن، شايد نه اچن.“ پير حسام الدين به مليو جنهن چيو ”حالتون ڏاڍيون خراب آهن، ٻچا اڪيلا آهن، مان هلي نه سگهندس. شايد شيخ اياز به نه هلي“ ڏاڍو ڏک ٿيو ته منهنجو قافلو ۽ سندس سالار شايد نه هلن. امير سان صلاح ڪيم ۽ سمجهيم ته منهنجو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ تمام ضروري آهي. امير سومر جي صبح جو هوائي اڏي تي هلي مون کي ڇڏيو. جتي ڪراچي مان سڏايل نواب صاحب، ڊاڪٽر اشتياق صاحب، رئيس امروهي ۽ ٻيا سڀئي صاحب جيڪي اٽڪل 15-20 ڄڻا هئا هوائي اڏي تي اچي گڏ ٿيا. اڪيلائي محسوس ڪيم. خير وڃي راولپنڊي پهتاسين. هوائي اڏي تي برادرم امين کوسو مليو مگر سرڪاري ماڻهو ڪوبه ڪونه هو. هڪ غريباڻي هوٽل ڊي لڪس 8 رپين مسواڙ واري ۾ وڃي رهيس. خبر ورتم ته شام جو گڏجاڻي ٿيندي. صدارتي هائوس ۾ 6 بجي ويس جتي اندر وڃڻ جي اجازت ملي. جتي اردو دان صاحب اٽڪل 15-20 اچي گڏ ٿيا هئا. انهن صاحبن جا نالا اخبارن ۾ ظاهر ٿي چڪا آهن. سندن ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هو. مير رسول بخش ٽالپر ۽ مير علي بخش به پهچي ويا هئا.

    صدر صاحب ڪئبنيٽ جي ميٽنگ ۾ مشغول هو، جنهن ۾ سنڌ ۽ مرڪز جا گهڻو ڪري سڀ وزير شامل هئا. ٿوري وقت کان پوءِ اسان کي به سڏ ٿيو. اندر ڪمري ۾ گهڙياسين. هڪ وڏي ٽيبل هئي. وچ تي هڪ وڏي ڪرسي تي صدر صاحب ويٺو هو. سندس ساڄي پاسي صوبائي وزير ويٺا هئا ۽ کاٻي پاسي مرڪزي وزير جناب رحيم صاحب، قصوري صاحب، پيرزاده صاحب، معراج خالد صاحب، گورنر سنڌ جناب مير صاحب ۽ شيرپائو صاحب جن هئا. سنڌ جا وزير گهڻو ڪري سڀ هئا. اسان سڀ وڃي سامهون ويٺاسين. اڪيلائي ڏاڍي محسوس ڪيم ۽ اداس به ٿيس. ڪارروائي شروع ٿي. سمجهيم ته جيڪڏهن هنن 15 دوستن تقريرون شروع ڪيون ته پوءِ مون هڪڙي جو آواز هڪ طوطيءَ جو آواز نغارخانه ۾ ٿيندو. تنهن ڪري اٿي بيهي رهيس، عرض ڪيم ته مون کي پهرين وارو ڏنو وڃي. صدر صاحب اجازت ڏني ۽ ٻين صاحبن به ڪو اعتراض نه ڪيو. دل سخت غمگين هئي. مظلوم سنڌ جي سانگيئڙن، ماروئڙن ۽ رختص ٿيل بزرگن جون خاص طرح علامه قاضي صاحب ۽ ٻين جون صورتون اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون. تقرير لکيل ڪانه هئي صرف روح جي روشنائي سان پنهنجي دردن جو داستان پيش ڪيم.

    تقرير انگريزي ۾ ڪيم. جيڪي ڪجهه ياد اٿم انجو ترجمو عرض رکان ٿو:

    تقرير

    صدر محترم ۽ دوستو!

    توهان جو شڪر گذار آهيان. منهنجا ٽي ساٿي ۽ بزرگ پهچي نه سگهيا آهن ڇاڪاڻ ته اطلاع ناڪافي هو ۽ ٻيو ته اسان مان تمام ٿورن کي گهرايو ويو آهي. باقي ڪراچي وارا هي صاحب پهچي سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي سڀ گهڻو ڪري ڪراچيءَ جا رهاڪو آهن.

    منهن جي مٺڙيءَ سنڌ جي زبان سنڌي آهي. انهيءَ ڪري سنڌيءَ زبان لاءِ ڪجهه چوڻ گهران ٿو. سنڌي زبان، تمام هڪ جهوني زبان آهي شايد دنيا ۾ سنڌيءَ جون هم عمر ٻوليون سڀ ختم ٿي ويون مگر هيءَ سڳوري،سياڻي، سٻاجهي سڀني طوفانن مان پار پئي ۽ جيجل مائن جي معرفت اچي اسان جي پلئه پئي آهي. موهن جي دڙي جي سوڀيا واري زماني يعني پنج هزار ورهيه اڳ اهڙي سوڀيا دان هئي جهڙي ان زمان ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن پنهنجي اوج تي هئي. کيس پنهنجي لکڻي به هئي. يعني سنڌي زبان جي جواني هئي، انهيءَ جواني ۾ پهچڻ لاءِ سندس ڄمڻ جي تاريخ ڪي هزار سال اڳ هوندي. انهيءَ جملي تي ڊاڪٽر اشتياق صاحب تقرير کان پوءِ اعتراض ڪيو هو ته اها زبان سنڌي نه هئي. مگر ٻي زبان هئي. جنهن جو جواب صدر صاحب پنهنجي قومي اسيمبلي واري تاريخي تقرير ۾ ڏنو، جنهن ۾مان حاضر هوس. صدر صاحب چيو ”جيڪڏهن کڻي ٻي زبان هجي مگر سنڌ جي سرزمين کي انهيءَ وقت به زبان هئي جا لکي ۽ پڙهي ويندي هئي. جا سنڌ جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.“ سنڌي زبان جي هر هڪ لفظ جي عمر پنجن کان وٺي ڏهن هزار سالن جي ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ عرصي ۾ ڪروڙها ماڻهن جي زبان ۾ هڪ هڪ اکر اچاريو ويو آهي ۽ انهيءَ ڪري هيءَ زبان نهايت اوچي ۽ اونهي آهي. سنڌي صرف زبان نه آهي مگر هي سنڌ جي ثقافت، تهذيب، تمدن جي صورت آهي. هڪ شخصيت آهي. سنڌ جي روح جي پوشاڪ آهي، جان آهي، جنهن پنهنجو عروج لعل لطيف جي معرفت ڏيکاريو، سندس جلوو سچل سرمست ۾ ظاهر ٿيو، هزارين فقيرن، مغفرن، عاشقن پنهنجون تصويرون هن زبان ۾ قائم ۽ دائم رکيون آهن. جيستائين سنڌي زبان جيئندي رهندي تيستائين هي سڀ جيئرا آهن، هنن جا قدر، هنن جا اخلاق، هنن جا قرب ۽ محبتون جيئريون آهن. مگر سنڌي زبان جي موت کان پوءِ هو سڀ مري ويندا جن ۾ لطيف، سچل، علامه قاضي، حيدر، سياسي ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ، تن سڀني جو موت ايندو. سنڌيءَ زبان جي مرڻ سان سنڌ مري ويندي. باقي هن زمين جي ٽڪري جي ڪابه معنيٰ نه رهندي.
    (پوءِ علامه قاضي صاحب جا خط جيڪي مون وٽ هئا اهي مون پيش ڪيا. خاص طرح اهو ٽڪرو جنهن ۾ علامه صاحب لکيو آهي ته سنڌ جي ختم ڪرڻ جي ڪري اسان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي نه فقط سنڌ جي 13 سئو سالن جي بي مثال تاريخ جو موت ٿيندو مگر انسانيت جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هيءُ اکر پڙهندي منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.)

    قدرت ڏهه هزار ورهيه سنڌ جي هر هڪ ذري کي پنهنجو نچوڙ ماڻهن پيد اڪرڻ ۾ ڏنو آهي. پر هنن ماڻهن پنهنجون عمريون ڏئي صرف هي زبان ۽ زمين ڇڏي آهي. انهيءَ حساب سان هن زبان تي قدرت اربن ۽ پدمن جي انبارن جو خرچ ڪيو آهي. پوءِ انهيءَ زبان کي ناس ڪرڻ قدرت سان هٿ چراند ڪرڻي آهي. هڪڙي ماڻهو جي ناحق خون جو ڪيڏو ايذاءُ ٿئي ٿو. اهو ايذاءُ ايڏو وڏو آهي جو قدرت سڄي لرزش ۾ اچي ٿي ته پوءِ سنڌي زبان جو خون هڪ قهري خون ٿيندو جنهن لاءِ مالڪ وٽ اسين سڀ جوابدار ٿينداسين. سنڌ جو فلسفو هڪ عظيم فلسفو آهي جنهن کي اچارڻ لاءِ قدرت لطيف جهڙو عظيم شاعر، مفڪر درويش ۽ الله جو عاشق پيدا ڪيو. لطيف جنهن فڪر جو بيان پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي اهو سڄي دنيا جي فلسفن کان اعليٰ آهي. مان ٿورو گهڻو ٻين زبانن کان واقف آهيان. مگر فسلفي جي ايڏي اونهي منزل ڪٿي به ڪانه آهي.

    سوال آهي ته هن زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي. سنڌي فلسفي لطيف جي معرفت ان کي حل ڪري ڇڏيو آهي. وقت هجي ها ته اهي خيال لطيف جي شعر ۾ مان توهان کي پڙهي ٻڌايان ها. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ توهان ائين نه ڏٺو هوندو جيئن سنڌ ۾ يا وادي سنڌ ۾ آهي. سنڌ کي هيروئنس (Heroines) آهن ۽ نه هيروز (Heros) مارئي معنيٰ اخلاق، پرهيزگاري، سچائي، وفائي – سسئي معنيٰ سور سهڻ، پنهنجي منزل کي رسڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون، ڪشالا ڪافن مان لنگهڻ – سهڻي معنيٰ قرباني، ڪيڏيون به رڪاوٽون هجڻ، ڪيڏا به هيانءُ ڏاريندڙ دڙڪا، ڌڌڪا هجن، مگر جڏهن قرباني جي ضرورت پئي ته سر هڪدم اڇلائي ڇڏڻ ۽ انهيءَ قربانيءَ ۾ قرب ۽ محب حاصل ڪرڻ. اهو آهي سنڌ جي فسلفي جو نچوڙ. اهو آهي سنڌ جو روح. سنڌي زبان انهيءَ روح جي پوشاڪ آهي. صورت آهي، جيڪڏهن سنڌي زبان ختم ٿيندي ان سان گڏ سنڌ جو روح، جو ساري ڪائنات جو روح آهي. انهيءَ روح جو مرڻ نه فقط سنڌ جو مرڻ ٿيندو مگر الله جي سڄي ڪائنات لاءِ هڪ عظيم نقصان ٿيندو ۽ ايڏو وڏو گناهه ٿيندو جنهن جي سزا جو ڪو اندازو نٿو ڪري سگهجي.

    جناب صدر؟

    انهيءَ کان پوءِ مان عرض ڪندس ته اسان سنڌ جي ماڻهن جي اها گهر آهي، اها گهر، جا حق ۽ انصاف تي مبني آهي ته سنڌي زبان کي به قومي زبان ٺهرايو وڃي ۽ نئون آئين جڏهن ٺهي تڏهن پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سنڌي زبانن کي قومي زبانون تسليم ڪيو وڃي. اردو کي به قومي ۽ رابطي جي زبان بڻايو وڃي ته اسان اعتراض نه ڪنداسين. جيتوڻيڪ اهو حق پنجابي زبان جو آهي جنهن کي جيڪڏهن سندس لکڻي ڏني وڃي ته پنجابي تمام ٿوري عرصي ۾ اردوءَ کان وڌيڪ ترقي جي منزل تي پهچي سگهي ٿي. پنجابي زبان پاڪستان جي وڏي صوبي يعنيٰ اٽڪل 3 ڪروڙ ماڻهن جي مادري زبان آهي. سرحد جي اڌ آدمشماري جي مادري زبان آهي. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به تمام چڱي انداز ۾ ماڻهن جي مادري زبان آهي. سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي زبانون ٽئي واديءَ سنڌ جون ڀينر زبانون آهن. فقط ايترو مگر وارث شاهه، بلي شاهه، سلطان باهو، فريد ۽ ٻين بزرگن لطيف ۽ سچل جا ثاني درويش هئا ۽ هنن سڀني کي بزرگن، فقيرن ۽ صوفين جو ساڳيو پيغام آهي. انهيءَ ڪري پنجابي کي رابطي ۽ قومي زبان بنائڻ سان، ”هندستان ۽ پاڪستان جي جدا رکڻ لاءِ هڪ وڌيڪ مضبوط سبب ٿي سگهي ٿو.“ ڇاڪاڻ ته اردو ته هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن يعني برصغير جي زبان آهي. مگر هي ڳالهه پنجاب جي عيوضين تي ڇڏيل آهي. اسان انهيءَ ۾ ڪوبه دخل نه ڏينداسين. بهرحال اردوءَ سان اسان جي ڪابه دشمني ڪانه آهي. اردو منهن جي بزرگ رهنما، منهن جي سياسي استاد مولانا حسرت موهاني جي زبان آهي. مولانا آزاد جي زبان ۽ علامه اقبال جي زبان آهي. انهيءَ زبان برصغير جي مسلمانن جي ۽ عوام جي وڏي ۾ وڏي خدمت ڪئي آهي. مون کي انهيءَ زبان لاءِ وڏي عزت آهي. انهيءَ کان پوءِ اسانجي گهر آهي ته سنڌ جي واحد سرڪاري زبان سنڌي هئڻ گهرجي.

    صدر صاحب، توهان جو هيءُ لساني بل – حقيقت ۾ اسان سان ناانصافي ۽ ناحق آهي. گهربو ته ائين هو ته اسان سنڌي پنهنجي حق لاءِ قرباني جي ميدان ۾ گهڙي پئون ها ۽ سنڌي پنهنجي حقي جڳهه وٺائي ڏيڻ لاءِ قربانيون ڏيون ها. مگر اسان ائين نه ڪيو جنهن لاءِ هيءُ سبب آهن. پهريون ته جنهن منزل تي اسان هيءُ ملڪ پاڪستان نئين طرح ٺاهي رهيا آهيون. اها هڪ تمام نازڪ منزل آهي. ڪروڙها ماڻهن جي حياتين، عزتن جو سوال آهي. ڪنهن قسم جي بيجاءِ حد کان وڌيڪ تحريڪ هن باقي پاڪستان کي ختم ڪري سگهي ٿي. انهيءَ ڪري اسان صبر کان ڪم ورتو آهي.

    ٻيو سبب اهوآهي! صدر صاحب ته مان توهان جي ڪڏهن به خوشامد نه ڪئي آهي. ائين آهي يا نه؟ مان وري به توهان کي ياد ڏيارڻ ٿو گهران ته مان توهان جي خوشامد نه ڪئي آهي. تنهن ڪري جيڪي ڪجهه مان هاڻي چوندس تنهن کي خوشامد نه سمجهندا. حقيقت هيءَ آهي ته ڪنهن ملڪ کي ڪناري تي پهچائڻ لاءِ ليڊرشپ گهرجي. هيءَ ويهين صدي آهي. هي سائنس جو زمانو آهي. هيءَ عقل ۽ علم جو زمانو آهي. هي برق رفتاري جو زمانو آهي. هتي ڪنهن ٽوپڻ ٽنڊڻ، للو پنجوءَ جي بات نه آهي. هتي هڪ عظيم مفڪر، عظيم وڪيل، عظيم آريٽر (مقرر)، عظيم سياست دان، عظيم اخلاق جي صاحب ۽ صاحبن جي ضرورت آهي. توهان کي مان ملائڪ صفت ڪونه چوندس. مگر سچي ڳالهه هيءَ آهي ته پاڪستان تي بدقسمتين جي بارش آهي. انهن بدقسمتين جي بارش ۾ توهان جهڙي ذهين، علم دوست، نئين زماني جي لهرن کان واقف ڪار رهنما جو هجڻ هڪ رحمت آهي. هي چار صوبا، صدر محترم توهانجي طفيل گڏ رهي سگهن ٿا. مگر جيڪڏهن توهانکي ڪنهن فوجي ڪاهه جي معرفت ڪڍيو ويو ته پوءِ هن پاڪستان جو بچڻ محال آهي. نه فقط محال آهي مگر جيڪو هتي ڪوس ٿيندو ۽ ظلم ٿيندو، تنهن جو تصور ڪندي دل دهلجيو ٿي وڃي.

    اسين چاهيون ٿا ته اسان ڪابه اهڙي تحريڪ نه هلايون جنهن ۾ توهان کي يا توهان جي پارٽي کي ڪو نقصان پهچي. اهو ئي سبب آهي جو اسان ماٺ ڪري ويٺا آهيون. انهيءَ ڪري اسان جي صبر کي غلط طرح تعبير نه ڪيو وڃي. ”اسان توهان جي بل کي پاڻ تي ظلم ٿا سمجهون جيڪڏهن بل ۾ ڪابه ردوبدل ڪئي وئي ته پوءِ اسان جا نوجوان پنهنجون جانيون جلائي ڇڏيندا ۽ اها هڪ ننڍي قيامت ٿيندي.“

    صدر محترم؟

    اڄ مان ڪراچي مان اچي رهيو آهيان. ڪلهه مان اتي هوس، مون کي اها خبر آهي ته ڪيترن سنڌين، بلوچن، غريب مزدورن جا لياقت آباد، ناظم آباد ۽ ٻين آبادين ۾ گهر جلايا ويا آهن ۽ ماڻهو مارايا ويا آهن. قصوري صاحب! (جو صاحب به موجود هو ۽ منهنجو پراڻو دوست آهي کيس مخاطب ٿي چيم) ته اڄ جڏهن مان پنهنجي پٽن جي گهر ويس جي ڪراچي ۾ رهندا آهن. جيڪي ڀڄندا آيا ۽ چيائون ته، ”او سنڌي ڀڄي وڃ، نه ته مارجي ويندين ۽ اسين به ڀڄي رهيا آهيون.“

    ڪراچي ۾ اهو ئي آواز هو ته جيستائين اندرا مهاجرن جي موٽائي وٺڻ جو فيصلو ڪري انهيءَ کان اڳ اسان ڪراچي کي سنڌين کان پاڪ ڪنداسين. هيءَ آهي فضا ڪراچيءَ جي ۽ انهيءَ هوندي به چيو ٿو وڃي ته سنڌين ظلم ڪيو آهي.

    منهنجا ڪراچي وارا عزيز دوست؟

    توهان جا ٻچا، توهان جون لڄون، عزتون، توهان جون جانيون سي اسان کي اهڙيون پياريون آهن جهڙا اسان کي پنهنجا ٻچا.”هيءُ وڏو ظلم ٿيندو ته غريب عوام کي سنڌي يا مهاجر جي نالي ۾ماريو وڃي.“ اهڙي ڪابه واردات ٿي ته اسان پنهنجي اباڻين روايتن کي قائم رکنداسين. اسان جيئن هن کان اڳ توهان لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيو آهي. وري به سڀ ڪجهه قربان ڪنداسين.

    صدر محترم؟

    ڪهڙو نه عجيب مقام آهي ته پاڪستان کان اڳ جيڪڏهن ڪنهن به ڪلمه گوتي هندستان ۾ ڪٿي به حملو ٿيندو هو ته حضور جي سڄي امت ۾ لرزش اچي ويندي هئي. اڄ ڪهڙي قيامت آهي ته اسين هڪ ٻئي کي ڪهي رهيا آهيون.

    صدر محترم؟

    ”اسان کي توهان کان ٽي شڪايتون“ جيڪڏهن هنن ڳالهين تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته اڄ هيءَ مصيبت نه ٿئي ها.
    پهريون ته سنڌي کي آئين ۾ هڪ قومي زبان جي حيثيت نه ڏني وئي. انهيءَ ڪري اسان جا هيءَ ڀائر ڪراچي وارا ۽ سندن هم خيال چون ٿا ته سنڌي ڪنهن صورت ۾ قومي زبان نه آهي ته پوءِ سرڪاري زبان ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ اهو دليل آئين ۾ انهيءَ غلطيءَ جي ڪري اسان سان لاڳو ڪيو ٿو وڃي. ٻيو ته انهي آئين ۾ اسان جي سنڌ جي حڪومت کي مجبور ڪيو ويو ته ائڪٽ پاس ڪرڻ کانسواءِ صوبائي زبانن جي ڪابه حيثيت نه رهندي. انهيءَ ڪري هي بي معنيٰ بل پاس ڪيو ويو. ٻي صورت ۾ ائڪٽ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. سنڌ ۾ اڄ به سنڌي زبان هلي رهي آهي. انهيءَ ائڪٽ جي ڪري ته اسان کي جيڪو هئو اهو به وڃائي رهيا آهيون، نه ائڪٽ پاس ٿئي ها نه هنن قهرن ٿيڻ لاءِ ڪو سبب بڻجي ها.

    ٽين شڪايت هي آهي ته آئين موجب صرف هڪڙي صوبائي زبان ٿيڻي هجي ها ته پوءِ منهنجي هنن نواب صاحب وارن دوستن کي صرف اهو جواب ڏجي ها ته صوبي ۾ فقط هڪ زبان ٿي سگهي ٿي اردو يا سنڌي ۽ نه اردو ۽ سنڌي. جيئن هنن صاحبن آسمان مٿي تي کنيو آهي ته هو ٻئي زبان، صوبائي زبانون بنائڻ گهرن ٿا. اهو ڌوڪو ظاهر ٿي پوي ها. جيڪڏهن انهيءَ قانوني نڪتي جي چڱي طرح تبليغ ڪئي وڃي ها ته هيترو نقصان نه ٿئي ها.

    صدر محترمه

    اسان جي گُهر آهي ته سنڌ ۾ صرف سنڌي واحد سرڪاري زبان ٿيڻڻ گهرجي ۽ اسان نٿا چاهيون ته اردو ۽ سنڌي ٻئي گڏ سرڪاري زبانون ٿيڻ گهرجن.

    اردو بين الاقوامي زبان آهي. برصغير جي زبان آهي. پاڪستان جي قومي زبان آهي. هن زبان کي وڏو سرمايو آهي. کيس سڄي پاڪستان جي منظم هڪ سيڪشن جي پٺڀرائي آهي، زبردست پريس آهي. انهيءَ ڪري جنهن زبان کي ڪنهن به نقصان ٿيڻ جو ڪوبه انديشو ڪونه آهي. هاڻي جيڪڏهن ايڏي طاقت جي آڏو سنڌي زبان کي کڙو ڪيو ويو، سنڌي هڪ مظلوم صوبي جي زبان آهي، انهن ماڻهن جي زبان آهي، جي دربدر آهن، جي ڇڙوڇڙ آهن، جنهن کي ڪابه پريس ڪانه آهي، ته ضرور سنڌي ختم ٿي ويندي.

    انهيءَ کان سواءِ سان جي ڀائرن کي پوءِ سنڌي سکڻ جي ڪهڙي ضرورت ٿيندي. اردو به جيڪڏهن سرڪاري زبان هوندي ته پوءِ کين سنڌي پڙهڻ جي ڪابه ضرورت نه ٿيندي.

    محترم صدر؟

    ائين ضرور آهي ته اسان کي صرف اردو دان دوستن تي ملامت ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. افسوس اهو آهي ته هنن حالتن لاءِ ۽ زبان جي سوال لاءِ اسين ٻئي ڌريون جوابدار آهيون. اچو ڪجهه پاڻ کان حساب ڪتاب وٺون. سنڌ جي آدمشماري هڪ ڪروڙ 20 لک آهي. جنهن مان سنڌي مادري زبان وارا اٽڪل 70 يا 80 لک ٿينداسين! مگر اسان مان گهڻا ماڻهو آهن جي سنڌي پڙهي سگهن ٿا! 2 يا 3 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. يعني زياده ۾ زيده 5 يا 6 لک. مگر اردو جي پڙهڻ وارا گهٽ ۾ گهٽ 25 لک سنڌ ۾ ٿيندا، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ اندازو لڳائبو ته اٽڪل ڪروڙ ماڻهو اردو پڙهي سگهن ٿا. پوءِ اهڙي حال ۾سنڌي ڪيئن زنده رهي سگهي ٿي. اسان کي گهرجي ته لٽريسي (تعليم) تي زور ڏيون گهٽ ۾گهٽ 20 لک سنڌي پڙهڻ وارا پيدا ڪريون ته پوءِ سنڌي زنده رهي سگهي ٿي ٻي صورت ظاهر آهي.

    صدر محترم ۽ منهنجا عزيزو؟

    ڪهڙي نه ڏک جي ڳالهه آهي سنڌ ۾ اسان جا هيءُ ڀائر، (ڪراچي وارن ڏانهن) سنڌ کي ٻن زبان وارو صوبو بنائڻ گهرن ٿا. يعني هڪڙا اردو ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا سنڌي ڳالهائيندڙ. يعني ٻه فرقا. پاڪستان کان اڳ سنڌ ۾ ٻه فرقا مذهب تي مبني هئا ۽ هاڻ زبان تي مبني. اڳ ته آخر هندستان ٻه اڌ ڪيو ويو ۽ هندن کي هتان لڏڻو پيو. مگر هن فرقي بازيءَ جو ڪهڙو نتيجو ٿيندو. يعني انهيءَ تعصب جي ڪري بنگال اسان کان جدا ٿي ويو. هاڻي ڪنهن کي جدا ڪرڻ جي گهر ڪئي ٿي وڃي ۽ جدائي آخر ڪيستائين ٿيندي رهندي. هيءَ زبان جي نالي ۾ مذهب جي بدران ڪيستائين خونريزي ٿيندي رهندي.

    مگر اسان ڇا ٿا چاهيون؟

    ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سنڌ ۾ جيڪي به اچن. اهي پنهنجون زبانون وسارين ۽ سنڌي زبان قبول ڪن. مگر اسان سنڌ جي ماڻهن فراخدلي ڏيکاري کين اجنبي محسوس ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ ساڻن غلط سلط اردو ڳالهائڻ شروع ڪئي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ۽ هن بل ۾ اهو قانوني طور قبول ڪيو ويو آهي ته فقط صوبي جون ٻه زبانون نه ٿينديون. مگر اسان مان هر هڪ ٻن زبانن يعني سنڌي ۽ اردو جو واقف هوندو ۽ ٻئي زبانون ڳالهائيندو ۽ لکندو. اهڙي طرح اسان جي قلبن مان ٻن زبانن سکڻ سان ٻيائي ختم ٿيندي. هنن ٻنهي مقصدن مان ڪهڙو مقصد حق تي ۽ انسانيت جي بهتري ۾ آهي.

    صدر صاحب

    مگر ڇا چئجي اردوءَ جي آڙ ۾ سڄا 25 سال سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ سنڌي عوام کي ناس ڪيو ويو آهي. جيڪي هندو وياج خورن هڪ سئو سالن ۾ اسان کي نپوڙيو انهيءَ کان وڌيڪ 25 سالن ۾ اردو دان سرمائيدارن اسان کي ڦريو آهي. سڀ ڪجهه کڻي ويا. هاڻي اردو کي آڙ ڪري پاڻ حڪمران قوم بنجي اسان تي حڪومت ڪرڻ گهرن ٿا ۽ انهيءَ ڪري سنڌين کي حڪومت مان ڪڍڻ گهرن ٿا.

    صدر محترم!

    ٻي ڳالهه جا مان توهان جي ڌيان تي آڻڻ گهران ٿو ته اها اِها آهي ته اسان جي هنن ڀائرن صوبائي اسيمبلي ۾اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پاتيون. جناب ڀوپالي صاحب اهڙو بل پيش ڪيو ته سنڌ جي واحد سرڪاري زبان سنڌي ٿيندي. پوءِ ڪهڙي باهه ٻري جو ٽوپيون ۽ اجرڪ گم ٿي ويا ۽ هيءَ بل جو سندن ئي پيش ڪيل آهي تنهن جي مخالفت ڇو ٿي؟
    سائين منهنجا!
    اڄ ڏينهن تائين بنگال کي پاڪستان جو حصو سمجهيو ٿو وڃي ۽ اردو سان بنگالي به قومي زبان تسليم ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ سنڌي، بنگالي زبان کان ڪهڙي حجت ڪري گهٽ ليکي ٿي وڃي ۽ بنگالي جي صوبي ۾ بنگالي صوبائي سرڪاري زبان هئي ۽ آهي يا اردو؟ پوءِ اسان سان ٻه اکيائي ڇو. ڇاڪاڻ ته اسين ضعيف آهيون، ٿورا آهيون. يعني 70 لک ۽ بنگالي 7 ڪروڙ انهيءَ ڪري اسان سان هيءُ ظلم ٿي رهيو آهي.

    صدر محترم؟

    17-2-1971ع تي پاڪستان هڪ هو. انهيءَ وقت عوامي ليگ پاڪستان جي واحد اڪثريتي پارٽي هئي. مون شيخ مجيب الرحمان کان ۽ ورڪنگ ڪاميٽي کان ڊاڪا ۾ گهر ڪئي ته جماعت فيصلو ڪري ته سنڌ جي واحد سرڪاري زبان سنڌي هئڻ گهرجي. اها گهر قبول ڪئي وئي ۽ اهڙو بيان سنڌ مان سڀني ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن ڏنو جن ۾ ڪراچي جا مهاجر ليڊر به هئا، جن به صحيح ڪئي هئي. (اهو صحيح ٿيل بيان مون وٽ هو جو مون ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو.)

    صدر صاحب فرمايو!

    ”انهيءَ تاريخ ڪراچي سنڌ سان شامل ڪئي وئي هئي يا ڪراچي ڌار هئي؟“ مان وراڻيو؟ ”خوشقسمتيءَ سان مون وٽ هڪ ٻيو دستاويز به آهي. هيءَ 16-2-1971ع وارو دستاويز، جنهن موجب ڪراچيءَ کي سنڌ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ دستاويز تي به ساڳين ميمبرن جون صحيحون آهن. پاڪستان عوامي ليگ به اهو فيصلو ڪيو آهي ته پوءِ توهان ۽ توهان جي پارٽي جا هاڻي اڪثريت ۾ آهي اسان سان اسان جي حجت کي رد ڪري ظلم ڇو ٿي ڪري!
    صدر محترم ۽ خاص طرح اسلامي جماعت جا پروفيسر عبدالغفور صاحب! (جو صاحب ڪانفرنس ۾ حاضر هو ۽ ايم اين اي هو) اسلامي جماعت ۽ ٻين تنگ دل ملن، حضور صه جي دين ۽ سندن پيغام سان، ايڏي دشمني ڪئي آهي جنهن جو ڪو حد حساب ڪونه آهي.

    علامه مشرقي جنهن جي تحريڪ ۾ مان سرگرم سپاهي هوس ۽ علامه قاضي جو منهن جو روحاني پيءُ هو، اهي چوندا هئا ته قرآن هن زماني ۾ اهي عالم سمجهي سگهن ٿا جن جي اڄوڪي 20 صديءَ جي سائنسي دنيا جي سڀني علمن سان نه فقط واقفيت هجي، مگر انهن کي سڀني علمن تي عبور هجي. تنگ دل ۽ سڀني علمن کان نسورو چٽ ملا. تنهن کي ڪهڙي خبر ته رب جي ذات ڪيتري قدر بي مثال، عميق ۽ هر شئي تي قادر آهي. هيءَ ڪچا گهڙا آهن. جن ۾ نه درد آهي، نه سوز آهي ۽ نه عشق آهي.

    مٺڙي سنڌ جي روحاني رهبرن لطيف، سچل، بلي شاهه، فريد، باهو ۽ ٻين بزرگن الله جي محبت جو ايڏو سمنڊ جاري ڪري ڇڏيو هو جو سنڌ جو هر ذرو الله جي ذڪر ۽ فڪر ۾ گم ٿي ويل هو. مون کي چڱي طرح يادگيري آهي. 1920-1922ع ۾ ڪاليجن جا هندو شاگرد، پروفيسر، پرنسپال، سخي قبول محمد درازائي فقير ۽ نصير فقير جا ۽ جهوڪ شريف جا مريد هوندا هئا. ڪنور ڀڳت وحدت جا گيت ۽ لطيف جي محبت جا بيت پڙهندو هو ۽ هندو، مسلمان فقير کان الله جو ذڪر وٺندا هئا ۽ سندن گهرن ۾ هندو عورتون الله جو ذڪر ڪنديون هيون. مگر جيئن پاڪستان سان گڏ جاهل ملن جو سياست ۽ سماج ۾ پير پيو، هنن نفرت جي ايڏي باهه ٻاري ڇڏي ۽ اسلام جو اهڙو عجيب تخيل پيش ڪيو آهي جو اڄ مسلمانن جا ٻچا الله جا انڪاري ۽ اسلام کان باغي بنجي چڪا آهن. هيءُ آهي مولوي صاحب توهان جي توهان جي جسارت، جنگ ۽ حريت جي خدمت.

    اڄ محبت واري زمين سنڌ، نفرت، حقارت، تعصب جي باهه ۾ جلي رهي آهي. غريب ماڻهن، ڪراچي ۾ سنڌي ۽ بلوچن جا، جهڳا جهڻ ٿي ويا. سنڌ ۾ پرديسي هندستان کان آيل مسلمان به عجيب ڪشمڪش ۾ آهن. هيءُ آهي توهان جي تقليد، هيءَ آهي توهان جي تفريق، هيءُ آهي توهان جو تفڪر، هيءُ آهي توهان جو روحاني ۽ ايماني تحفو جيڪو توهان آڻي سنڌ کي ڏنو آهي.

    صدر محترم

    مان سنڌ جي سيرت ۽ صورت ٻنهي جو عاشق آهيان. سيرت جي معني آهي روح ۽ صورت جي معني ٻولي. شل منهن جي مٺڙي سنڌ پنهنجي سيرت ۽ صورت سان قيامت تائين قائم ۽ دائم رهي.

    مان هنن پنهنجن ڀائرن کي هٿ جوڙي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي مظلوم صوبي سنڌ تي رحم ڪريو ۽ منهنجي مظلوم سنڌيءَ زبان تي رحم ڪريو. اردوءَ کي تمام وڏو علائقو پنهنجي وسڻ ۽ ويجهڻ لاءِ ميسر آهي، صرف سنڌ جي ننڍڙي ايراضيءَ سنڌي لاءِ ڇڏيو ته سنڌي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهر ۾ وڌي ۽ ويجهي (مون کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.)

    محترم صدر!

    سچي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي زبان جو هڪڙو بهانو بنايو ويو آهي، حقيقتن هيءَ هڪ منصوبو آهي. توهان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جو. هن کان پوءِ ٻيا مسئلا ڇيڙيا ويندا. مگر هنن دوستن کي واضح طور نوٽيس ٿو ڏيان ته ڀٽي صاحب کي برطرف ڪرڻ سان ۽ فوجي ڪاهه آڻڻ ۾ جيڪڏهن ڪامياب ٿيا ته پوءِ هيءَ باقي پاڪستان پڻ انهيءَ ڏينهن ختم ٿيندو. اهو ڏينهن مسلمانن لاءِ ذلت جو ڏينهن ٿيندو، سڀني جو وڏو نقصان ٿيندو. مگر خاص طرح انهن ڀائرن لاءِ جي هندستان مان هتي آيا تن جي لاءِ ته موت ٿيندو. عرض فقط هيءَ آهي ته پاڻ پنهنجي گهرن کي باهه ڏئي نه ساڙيو. سنڌ کي اسان هرگز ختم ڪرڻ نه ڏينداسين. پهريائين اسان سڀني سنڌين کي مون سميت ڪهي عربي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي پوءِ سنڌ ختم ٿي سگهي ٿي. اسان سنڌ کي پاڪستان ۾ عزت وارو ۽ خوددار صوبو بنائڻ گهرون ٿا. اسان ڀائرن واري زندگي گذارڻ چاهيون ٿا. ڌڻي شل اسان کي سمجهه ڏئي.
    [/JUSTIFY]

    عوامي آواز تان ورتل
     
  2. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٻولي بل، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مان

    تمام بهترين سائين
    جاري رکجو۔۔۔۔۔۔
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌي ٻولي بل، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مان

    ادا سليمان وساڻ توهان هڪ بهترين انسان جو بهترين ليک ونڍ ڪيو آهي ۔آلله پاڪ توهان کي انجو اجرو ڏيندو۔سنڌي ٻولي سان اهڙين سنڌي ماڻهن جي کوٽ ٿي ويئي آهي۔الله سائين شل اسان کي نيڪ هدايت ڏئي ت آسان سنڌي ٻولي ي خدمت ۽ حفاظت ڪري سگهون۔تاريخ شاهد آهي ت قران شريف جو پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو هو۔سنڌي ٻولي تمام پراڻي ٻولي آهي هن جي حفاظت ڪرڻ توهانجو ۽ اسانجو قومي فريضو آهي۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي بل، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مان

    سائين بلڪل اوهان صحيح فرمايو

    سنڌ جي تاريخ جي جڏهن به ڳاله ٿيندي ته يقينن قاضي فيض محمد صاحب جي هن تقرير ۽ سندس ڪوششن کي ضرور ڳايو ويندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو