اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو اڄ مان اوهان کي يو ايس بي ۾ ونڊوز انسٽال ڪرڻ سيکاريندس يو ايس بي ۾ ونڊوز انسٽال ڪرڻ جون Requirement هي آهن 1. هڪ اهڙو ڪمپيوٽر جيڪو يو ايس بي کان بوٽُ ٿيڻ جي صلاحيت رکندو هجي 2. هڪ عدد يو ايس بي 2 جي بي گهٽ ۾ گهٽ 3. سي ڊي روم گهٽ ۾ گهٽ 4. هيٺ ڏنل لنڪ تان سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪيو سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پو۽ سيٽ اپ نالي فائيل تي ڪلڪ ڪيو ان سيٽ اپ کي رن ڪيو ڏسو هي تصوير هاڻي هن کي انسٽال ڪيو ، انسٽال ڪرڻ کان پو۽ يو ايس بي ڪمپيوٽر پورٽ ۾ لڳايو هاڻي توهان هن لوڪيشن تي وڃو C:// kamku/pe to usb هاڻي توهان pe to usb تي ڊبل ڪلڪ ڪيو ڏسو هي تصوير هاڻي هڪ ونڊوز ظاهر ٿيندي ڏسو هي تصوير هاڻي هتي جيڪي به ضروري شيون آهن انهن کي چيڪ لڳائي واضع ڪري ڇڏيو آهي توهان صرف ڊرائيو ليبل ۾ پنهنجي يو ايس بي ڊرائيو رکجو Destination Drive ۾ توهان کي يو ايس بي رکڻي آهي هاڻي توهان اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪيو پو۽ YES ڪيو Continue ڪرڻ لا۽ هاڻي وري ڪنفرم ڪيو ويندو توهان YES تي ڪلڪ ڪيو هاڻي ٿوري دير انتظار ڪريو هاڻي اوڪي تي ڪلڪ ڪيو ۽ pe to usb کي بند ڪيو هاڻي توهان رَنِ ۾ اچي ڪري سي ايم ڊي ٽائيپ ڪيو سنڌ سلامت جا دوستو هي سلسلو جاري آهي sadayeen gud
اسلام اليڪم دوستو اڄ اسان يو ايس بي ۾ ونڊوز انسٽال ڪرڻ جي سلسلي کي شروع ڪريون ٿا دوستو اچو ته پريڪٽيڪل شروع ڪريون هاڻي وري سي ڊي لکي ڪري انٽر ڪريو هاڻي ٽائيپ ڪريو cd komku \bootsect انٽر ڪريو رزلٽ هي ايندو هاڻي ڪمانڊ پرامپٽ ۾ وري هي ٽائيپ ڪريو bootsect/nt52H پو۽ انٽر ڪري ڇڏيو (نوٽ) H توهان جي يو ايس بي جي ڊرائيو ليٽر نمبر آهي رزلٽ هي ايندو Successfully Updated file system boot code. Boot code was successfully update on all target volume هاڻي cd ٽائيپ ڪري انٽر کي دٻايو هاڻي cdusb _prep8 ٽائيپ ڪري انٽر دٻايو دوستو هي سلسلو جاري آهي سدائين گڏ
يو ايس بي ۾ ونڊو ايڪس پي انسٽال ڪريو اسلام عليڪم دوستو هاڻي صرف usb _prep8 ٽائيپ ڪري انٽر ڪري ڇڏيو هاڻي وري ڪمانڊ پرامپٽ ونڊو هن طرح نظر ايندي ڪا به ڪي پريس ڪيو جي ڊائريڪشن ملندي توهان جيئن ئي ڪا به ڪي دٻائيندا ته هي اسڪرين توهان کي ڏسڻ ۾ ايندي هاڻي توهان ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي ، سي ڊي ڊرائيو ۾ وجهو ۽ 1 وارو آپشن سليڪٽ ڪريو يعني 1 وارو بٽن دٻايو توهان جيئن ئي 1 وارو بٽن دٻائيندو ته Browse for folder واري ونڊو توهان جي سامهون ايندي هاڻي سي ڊي يا ڊي وي ڊي روم جيڪا توهان وٽ آهي اها سليڪٽ ڪري OK جو بٽن دٻايو هاڻي توهان ڏسندو ته XP Setup source Path ۾ توهان واري سي ڊي ڊرائيو اچي وئي هوندي جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ Drive T: Assign آهي ته ان کي تبديل ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ناهي ته پو۽ ان کي ائين ئي ڇڏي ڏيو Drive T کي تبديل ڪرڻ لا۽ 2 ٽائيپ ڪريو ۽ انٽر ڪيو Enter available Virtual Drive letter مثال طور تي توهان وٽ ڊرائيو ايس ناهي ته توهان S ٽائيپ ڪريو ۽ انٽر دٻايو هاڻي وري هي اسڪرين توهان جي سامهون هوندو توهان وٽ جيڪڏهن فليش ڊرائيو H آهي ته توهان ٽائيپ ڪي ۽ انٽر ڪري ڇڏيو After Backup prep8 welcome screen هاڻي توهان 4 ٽائيپ ڪريو ۽ انٽر ڪري ڇڏيو Tomake neo Temporary image with XP location source and copy it to US B Flash Drive هاڻي ڪجهه دير انتظار ڪريو هاڻي هتي توهان کي وارننگ ملندي ته توهان جي ڊيٽا موٽڻ جهڙي نه رهندي توهان yes ڪري ڇڏيو هاڻي ڊائريڪشن ملندي ته ڪا به ڪي پريس ڪيو توهان ڪا به ڪي پريس ڪري سگهو ٿا فقير جي توهان کي اجازت آهي جاري آهي
يو ايس بي ۾ ونڊو ايڪس پي انسٽال ڪريو هاڻي وري هن جو پنهنجو پراسس هلندو توهان صرف ان ٽائيم ان کي ڏسڻ کان علاوه ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون ان پراسس کي هلڻ ڏيو هاڻي جڏهن توهان کي هي ڊائريڪشن ملي Making of local source folder SWIN_NTS ,LS Ready جي ڊائريڪشن ملي ته توهان هاڻي ڪا به ڪي پريس ڪري سگهون ٿا هي ڏسو تصوير ان کان پو۽ ان جو پراسس هلڻ لڳندو پو۽ وري توهان کي ڊائريڪشن ملندي توهان Yes تي ڪلڪ ڪيو ڏسو تصوير هاڻي وري توهان کي ٻئي ڊائريڪشن ملندي ته اتي به توهان تيyes ڪلڪ ڪريو ڏسو تصوير ان کان پو۽ توهان کي هي ڊائريڪشن ملندي Would you Like to unmount the virtual Drive ?توهان yes تي ڪلڪ ڪريو هاڻي ٿوري دير انتظار ڪريو ۽ ڪا به ڪي پريس ڪريو ۽ وري ٻيهر ڪا به ڪي پريس ڪريو هاڻي توهان sub prep8 بند ڪري ڇڏيو هاڻي توهان جي يو ايس بي فليش ڊرائيو تيار آهي هاڻي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي Bios ۾ وڃو اتي Frist Boot Device ۾ USB HDD سليڪٽ ڪري وٺو هاڻي توهان سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪيو ۽ ان کي يو ايس بي کان بوٽُ ڪرايو هاڻي جيئن ئي سسٽم يو ايس بي کان بوٽ ٿيندو توهان کي ڊائريڪشن ملندي TXT Mode Setup windows XP Never Unplug usb Drive Untill Atter logon سليڪٽ ڪريو انٽر ڪريو هاڻي جڏهن هارڊ ڊسڪ ڊٽيڪٽ ٿئي وڃي ته پارٽيشن سليڪٽ ڪريو ۽ ان پارٽيشن تي ونڊوز انسٽال ڪريو جڏهن وري ٽيسٽ موڊ مڪمل ٿئي ويندو ته سسٽم ري اسٽار ٽ ٿئي ويندو هاڻي وري توهان GUI Mode Setup Window Xp continue Setup Start Xp کي سليڪٽ ڪريو هاڻي ونڊوز جا اسٽيپ جاري رکو ۽ ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪري وٺو . جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي اڄا به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هجي ته asul matt اهو پڇا ڪري سگهي ٿو دعائن ۾ ياد ڦلپوٽو فقير sindhsalamatsaathsal
ويلڪم ادا عامر علي مان اوهان کي سنڌ سلامت تي خوش آمديد چوان ٿو توهان پنهنجو تعارف ، تعارف واري سيڪشن ۾ ضرور ڪرائيندا ۽ ها مون کي اندازو آهي ته توهان ڪافي مصروف ماڻهو آهيو پر تنهن هوندي به اسان اوهان کي عرض ڪنداسين ته توهان ڪجهه ٽائيم سنڌ سلامت کي ڏيو خاص طور تي موبائيلن واري سيڪشن ۾ ڇو جو توهان موبائيل ماسٽر آهيو مٺا پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا shal judy hujeen suhnan saan sindhsalamatsaathsal
ادا ڦلپوٽه فقير تمام آسان طريقي سان سمجهايو اٿئي، مٺا مان پاڻ گهڻن ڏينهن کان وٺي پريشان هيس، آخر توهان منهنجي پريشاني حل ڪري ڇڏيئ lajwab-sharing hatt-pare asul matt مٺا توهان جي اهڙين ناياب شيئرنگس جو بي چيني سان انتظار رهندو۔
ادا توهان سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا، مٺا جيڪڏهن توهان پنهنجي باري ۾ ڪجهه تعارف واري سيڪشن ۾ ٻڌائيندا ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي۔
جواب: يو ايس بي ۾ ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪريو . بهترين ادا پر پروسيس ڏاڍو ڊگهو آ، مان ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ نئين سافٽويئر ٻڌائي آهي جنهن جي ضريعي توهان آساني سان پنهنجي يو ايس بي جي ذريعي ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪري سگهو ٿا، لنڪ هي آهي http://www.sindhsalamat.com/showthr...س-بي-مان،-هاڻي-سي-ڊي-روم-جي-ڪا-ضرورت-ڪونهي۔۔۔
ادا ڏاڍي ڀلي ٽپ آهي، پر ادا پروگرام نٿو ملي، انويلڊ لنڪ آ۔ مهرباني ڪري پرگرام جي ڪا ٻي لنڪ موڪليندا اوهان جي جواب جا منتظر آهيون، توهان جون وڏيون مهربانيون۔
جئين ته موضوع کي ڪافي وقت ٿي چڪو آهي ان ڪري مفت ۾ اپلوڊنگ ڏيندڙ سائيٽس اڪثر فائيلز کي ڊليٽ ڪريو ڇڏين۔۔۔ هوئن ته لنڪ کي درست ڪيو ويو آهي پر دوستن کي عرض ته سافٽويئر جي سڪرين شاٽ يا نالي جي معلوم ٿيڻ کان پوءِ گوگلنگ ڪرڻ کان نه ڪيٻائين جو اهڙا سافٽويئر آساني سان ڳولي سگهجن ٿا۔۔۔
ابول ايڏي محنت مان 1999 ۾ سي لينگويج سکڻ ۾ به نه ڪئي هُئي۔۔سائين بهترين ڪم آهي جيڪي ڪرڻ گهرن ته فائدو وٺي سگهن ٿا۔
سائين منظور صاحب ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ لا۽ وقت ڪڍبو آهي تڏهن ئي ڪجهه پرائي سگهبو آهي پسند ڪرڻ لا۽ مهرباني