واهه روم! ڇا تنهنجي ڳالهه ڪجي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ا[justify]ٽلي جو مشهور شهر روم هر دور ۾ سياحن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي. هن شهرکي محبت ڪندڙن جو گادي وارو هنڌ چيو ويندو آهي. روم اٽلي جو گادي وارو شهر هئڻ سان گڏوگڏ ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ گنجان شهر رهيو آهي.
    روم سياحتي اهميت جي حوالي سان هميشه فهرست ۾ موجود رهيو آهي. ان جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته2007ع ۾ هيءُ شهر سڄي دنيا ۾ سياحت جي حوالي سان 11هون شهر جڏهن ته يورپين يونين ۾ ٽئين نمبر تي هو. روم جي تاريخي مرڪز کي اقوام متحده عالمي ورثو قرار ڏنو آهي. هتان جا ڏسڻ جوڳا هنڌ ميوزم، ڦوهارا، چرچ، تاريخي جڳهون، قديم عمارتون، سامونڊي گذرگاهه قديم آثارن ۾ شامل آهن. هتي آرٽ، مجسمن، ڦوهارن، رنگين شيشن جي ٽڪرن کي ملائي ٺاهيندڙ تصويرن، ڀتن ۽ ڇتن تي ڪيل مصوري جي نمونن ۽ پينٽنگ جا وڻندڙ ذخيرا موجود آهن. هيءُ شهر دنيا جي لذيذ ترين کاڌن ۾ پڻ مشهور آهي. هن شهر جي گهٽين مان گذرندڙ پرڏيهي ماڻهن جو کاڌن جي خوشبوءِ تي ئي وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو آهي. روم جي آئيس ڪريم به مشهرو آهي جيڪا شهر جي هر گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ عام جام ملندي. هتان جي آئيس ڪريم عظيم ترين اطالوي تخليقن مان هڪ آهي. روم فيشن ۾ به مشهور آهي. ڊيزائينر شاپنگ ته ڏسڻ وٽان هوندي آهي. دنيا ۾ فيشن جي حوالي سان روم چوٿون وڏو ۽ اهم ترين مرڪز آهي. هتي تمام وڏا لگزري فيشن ۽ جيولري اسٽور آهن. هن شهر ۾ وک وک تي پبلڪ پارڪس ۽ فطري نظارا ڏسي سگهجن ٿا. هيءُ شهر مجسمن جي حوالي سان به سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هتان جو سڀ کان مشهور مجسمو ”ٽاڪنگ اسٽيچو آف روم“ چوِرائيندو آهي. اهو مجسمو 16هين صدي ۾ ٺاهيو ويو جيڪو اڄ به موجود آهي. هتي يورپ کنڊ جو سڀ کان وڏو اسٽوڊيو سائني سٽا به موجود آهي جيڪو 1737ع ۾ ٺاهيو ويو هو. راندين ۾فٽبال روم جي مشهور راند رهي آهي.
    [/justify]
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: واهه روم! ڇا تنهنجي ڳالهه ڪجي!

    ادا بهترين مضمون آهي ۔ مهرباني اهڙي ونڊ لا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو