ڪجهه وقت اڳ ڳوٺ ۾ انبن جي هڪ باغ تي ويٺل هڪ باغائي دوست سان ڪچهري ٿي، ڳالهين مان پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل پئي لڳو پر سندس کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته پاڻ پنجون پاس آهي۔۔۔ وڌيڪ نه پڙهڻجو سبب پڇڻ تي ٻڌايائين ته استادن جي تشدد جي ڪري ان پڙهڻ ڇڏي ڏنو هو، بلاوجه ننڍڙي ڳالهين تي تشدد ڪرڻ، ايستائين جو هڪ ڀيري سندس هٿ جون آڱريون ڪم ڇڏي ويون هيون۔۔ اهي حال ڏسي سندس مائٽن کيس پڙهائڻ کان ويهاري ڇڏيو۔۔۔ اخبارن کي پڙهڻسان خبر پوي ٿي ته ايترا الائي جي ڪيترا دوست هوندا، پر خير هي حال ته سنڌ جو هو۔۔ پر پنجاب ۾ ڪا گهٽتائي ناهي۔۔
فطرت آهي ته انسان پنهنجي پي ما جي ۽ استاد جي مار دل ۾ ناهي رکندو ۔۔۔ شايد انڪري ته هر ٻار پنهنجن وڏن ۽ استادن جي عزت ۽ احترام ايترو ڪندو آهي جو دل ۾ بغض ناهي ويهندو ۔۔۔
اسانجا استاد يا ما پي پڻ هٿ جو استعمال يا بد زباني يا وري ڪنهن لڪڻ جي مار ڏيڻ کي عام ڳالهه سمجهندا آهن ۔۔۔ جيڪا هڪ جهالت جي نشاني آهي، اسانجي استادن سميت اسانجن والدين کي پڻ احتياط ڪرڻ گهرجي ۽ اها ظالمانه روش بند ڪرڻ گهرجي ۔۔۔
خاص طور تي سرڪاري اصولن ۾ ته تبديلي جي سخت ضرورت آهي، جنهن سان نه فقط موجوده نصاب ۽ نظام تبديل ڪيو وڃي ۽ قومن جي نفسيات جي حساب سان قانون ۽ اصول ورائي ٺاهيا وڃن ۔۔۔
پر وري به سوال اهو آهي ته ههڙي انڌي زماني ۾ ٻلي کي گهنڊڙي ڪير ٻڌندو ۔۔۔؟؟؟؟