بابا...بَي بِي...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محمود مغل(ڪاوش)

    توهان کي ڪهڙي نالي سان مخاطب ڪيان؟... ڪيئن سڏيان...! منهنجو هي سڏ عجيب آهي...ٿي سگهي ٿو، اوهان جي سماعتن جي تَهن ۾ لهي وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي اهو، هڪڙي ”مجذوب جي بڙَ“ جيان لڳي... هَذيان ۾ جيئن ماڻهو مخاطب ٿيندو آهي... چريائپ ۾ جيئن قصا ڪُٽيندو آهي... ٿي سگهي ٿو، هي سڀ اوهان کي به ائين ئي لڳي... هلو ڀلا جي لڳي به ته خير آهي... جنهن کي سڏڻو آهي سو ته سڏيندو نه... هاڻي ورندي ڏيڻ نه ڏيڻ، ته اوهان جي ”مانَ...مرتبي“ جي سوچ آهي...
    هي سڏ... اوهان لاءِ ڪو پهريون سڏ ناهي ... هن کان پهرين به، ڪائنات جي پولار ۾ اوهان کي هيج ۽ هٻڪار سان سڏيندڙ الاءِ ڪيتريون صدائون بيهجي ويون آهن ... الاءِ ڪيترا ڳوڙهن هاڻا لفظ ... ڀنل ڀَتُ ٿيل... ائين ئي فريز ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته اوهان پنهنجي محبتن جو هيٽر ”بَندي“ ڇڏيو آهي. سرد ٿي ويا آهيو ۽ سردي پسند ڪندڙ آهيو، گرميءَ کان اوهان کي چڙ جو آهي...
    مٿان وري وقت جي وهڪري، اوهان کي بيحد مصروف ڪري ڇڏيو آهي، اتي سوچ اها به اچي ٿي ته جي ماڻهو مصروف هوندو ته لازمن متحرڪ هوندو... ۽ جي متحرڪ هوندو ته سندس جسم ۾ حرارت هوندي... سردي ڪٿان هوندي؟ ... پر...اوهان جو ”ڪَيس“ ٻي نوعيت جو آهي... اوهان جي مصروفيت فريزر جيان ڪم ڪندي آهي ...اوهان جا جذبا آٺرجي ويندا آهن...
    اڄ امڙ ۽ ابي جا اوهان کي ڏٺي پورا سَت مهينا ۽ پنج ڏينهن ٿي ويا... اڙي اڙي... پنجن ڏينهن تي ناراض نه ٿيو... اهو ئي ٿا فرمايو نه ته پنجن ڏينهن جي ڪهڙي حيثيت آهي... ته ڇڏيو ڀلا... مهينا ته ست ٿيا نه... جولاءِ جي سترهين تاريخ آيا هئو... ٻه سئو چوڏهن ڏينهن ٿي ويا....هاڻي انهن ڏينهن جو اهو ڪهڙو پل آهي، جو هنن جي دل اوهان کي ساريو ناهي؟...مٿان وري اها شرطَ، روح کي راحت بخشيندي رهي ٿي ته اوهان اهو چيو ته ”بس... هر مهيني چڪر هڻنداسين پيا...“ پهريون مهينو هنن جو ان اعتبار ۾ ئي گذري ويو بابا... نه نه... ڪاوڙ نه ڪجو... اعتبار ته هاڻي به اٿن، پر مائٽ جي دل آهي نه... هزارين وهمَ ورائين ٿا... الله ڪري خير سان هجو... الله ڪري ڪو... ڪوسو واءُ نه لڳو هجيوَ...الله ڪري بس جُڙيا سلامت هجو... کين اعتبار آهي بابا توهان تي ... ايندوء ...ضرور ايندوء... بس... مائٽ جي دل ئي ڪا رب اهڙي خلقي آهي ... جڏهن به اوهان جي انتظار جو فڪر ٿا ڪَن ته ڄڻ ڀڄي ڀُري ٿا پون... حالانڪه توهان جي پاران موڪليل سڀ ڪجهه ملي ٿو...پر سندن بي اعتباريءَ جو گراف بس ائين ئي چڙهندو ٿو رهي...
    ڪيڏي نه عام ڳالهه ڪيان پيو ٿو مان... نه ڪا اوڀاري آهي نه ڪا لهواري... بس اهو پراڻو ئي قصو آهي... نواڻ ته ان ۾ ڪا به ناهي... جي اوهان مائٽن کي خالي گهر ۾، يا دارالامان ۾، يا ايڌي هوم ۾ رکي آيا آهيو ته ان ۾ ڪهڙي عجب جهڙي ڳالهه آهي... ها... اهو عجيب تڏهن ٿئي ها... جڏهن هُو اوهان کي رکي اچن ها... پر خير... اهو به هاڻي ٿئي ئي پَيو... روح جون رولاڪيون عجيب ٿي ويون آهن... هاڻي دورِ جديد جا ڪجهه مائٽ به اهڙا ”ماڊرن“ ٿي ويا آهن، پر بهرحال، اوهان جو هڪڙو پرابلم اهو به آهي نه...ته اوهان جا وڏڙا، اڳئين دور جا آهن... اوهان کي ڇڏي نه ٿا سگهن... مٿان وري سادا به اهڙا آهن جو اهو به نه ٿا مڃين ته ڪو توهان هنن کي ڇڏي ويا آهيو... جيتوڻيڪ توهان کي بلڪل پڪو پُختو يقين آهي ته توهان هنن کي وري ”نه ڏسڻ“ جو پڪو پهه ڪيو آهي، پر هنن جي اٻوجهائي کي ڇا ڪيون. کين الاءِ ڇو اهو سڀ ائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
    روز صبح جو، هڪڙي آس کين جيئاريندي آهي... ته اڄ توهان ايندوء، يا توهان جو ڪو نياپو ايندو... ۽ روز رات جو، اها نراسائي، کين ڳوڙهن هاڻڻ، وهاڻن تي ليٽائيندي آهي ته ”اڄ به توهان نه آيئو...“ ان وچ ۾، اسين کين کلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون... ساڻن گڏ ويهندا آهيون... هو کلندا به آهن، اسان جي ڪمپني برداشت به ڪندا آهن... پر اها کِلَ هزار نمڪين ڳوڙهن سان ”کاري“ هوندي آهي ۽ اهو ساٿ ”موڳو“ لڳندو آهي... انبَ جون سڪون، انبڙيون ناهن لاهي سگهنديون... وقت کي بس گذارڻو هوندو اٿن... سو گذرندو رهندو آهي.
    وقت جي ڦيٿي جي ان چڪر ۾، سڀ کان خطرناڪ لمحو اهو هوندو آهي، جڏهن ڪو اسان جي ڪلهن تي روانو ٿيندو آهي... هو سڀ سمجهندا آهن... سندن مُنهن جا پنا لهي ويندا آهن... آخري سفر ۾ به غيرن جو ڪلهو، کين عجيب لڳندو آهي... آسرن جي جهان ۾ ”بي آسرا“ ٿي، هو پاڻ ڪلهو ڏيڻ گهرندا آهن، پر منجهن دم ناهي هوندو... بس چهري جو ورق وڌيڪ ”ڪورو“ ٿي ويندو اٿن...
    بَابا ۽ بَي بِي...
    گهڙيون ته اهي خطرناڪ هونديون ئي آهن، پر خبر اٿوَ، ان کان خطرناڪ ٻيو ڇا هوندو آهي؟! ان کان خطرناڪ هوندي آهي، اها ڄاڻ، جيڪا هنن وٽ هوندي آهي ته اوهان نه ايندوء...۽ اوهان جي اها ”اڻڄاڻائي“ ته الاءِ ڪنهن مهل، اوهان جا ”وارث“ اوهان مان هٿ ڪڍي ويندا.... هنن کي علم هوندو آهي ته هو ”ڇورا...ڇنا“ آهن... اوهان جي ته سوچ ئي نه لڙندي آهي ته ڪو اوهان سان به ائين ٿي سگهي ٿو... هونئن سچي ڳالهه ته اها به اٿوَ ته هنن به ڪو نه سوچيو هو ته ڪو هنن سان ائين ٿيندو...
    اسين انگريز تي کلندا هئاسين ته ”ڪراڙن“ لاءِ هنن ”گهر“ ٺهرايا آهن ۽ اها کِلَ، اهو کچڪو ڪو، پراڻو نه ٿيو آهي...ڪجهه سال پهرين ئي ائين هوندو هو...هي ڪجهه سالن ۾ ئي ته اهو ڦرڪو ڦِريو آهي...مائٽن لاءِ اهڙا گهر ٺهيا آهن، پئسي نچڻ شروع ڪيو آهي...
    خير... جيڪي ڪجهه به هجي... هڪڙو ڪرم ڪيو... هنن وٽ هڪڙو ڀيرو اچو...اچو... پنهنجي پوري اعتماد ۽ يقين سان....۽ کين اچي رڳو ايترو چئي وڃو ته ”ڪم...بي انتها آهي...واندڪائي ڪانهي... تواتر سان اچي نه سگهبو....“ ۽ ها کين اها پَڪَ ڏياري وڃو ته، ”جي هنن جهان ڇڏيو ته کڻائي کين توهان ويندوء...“ ڇاڪاڻ ته ان آخري سفر جي خيال به هنن جو ”سفر“ وڌائي ڇڏيو آهي.
    بَابا... توهان کي مزو اچي ٿو هاڻي... جڏهن ڪير به اوهان کي هاڻي ائين ”بابا“ ڪري نه ٿو سڏي، ۽ بَي بِي...ڇا ڪنن ۾ ميڻ ڀرجي وئي آهي جو، ڪا صدا نه ٿي سمجهه ۾ اچي... مان سمجهان ٿو... اهو سڏ اوهان کي نه ٿو وڻي... ۽ مون به سچي ته سڏڻ نه پئي گهريو... پر هنن چيو... ”سڏي ڏي..“ ۽ اوهان لاءِ لاڏ وارا سَڏَ مون ڪري ڇڏيا آهن... جيتوڻيڪ ڄاڻان ٿو ته اوهان ڪنهن به لاڏ کڻائڻ جي لائق ناهيو.
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: بابا...بَي بِي...

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو