ساز کي تار کان جدا نه ڪجي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    احسان دانش


    ساز کي تار کان جدا نه ڪجي
    گل کي خار کان جدا نه ڪجي

    ساري ڌرتيءَ مٿان لهو هاري
    سونهن سنسار کان جدا نه ڪجي

    نفرتون ڌار ڪجن جيون کان
    زندگي پيار کان جدا نه ڪجي

    ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇو جدا آهي؟
    مٽي هٻڪار کان جدا نه ڪجي

    ڏکَ جي فلسفي کي ڪو سمجھي
    لڙڪَ کي لارَ کان جدا نه ڪجي

    بس خيالن ۾ سمائي ڇڏجي
    دل کي دلدار کان جدا نه ڪجي

    عشق جي ڌن ۾ ٿي ويو آ غرق
    يار کي يار کان جدا نه ڪجي

    اڄ به منصور کپي ڪو دانش
    سچ کي دار کان جدا نه ڪجي

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ساز کي تار کان جدا نه ڪجي

    گل کــــي خار کان جدا نه ڪجي
    سونهن سنسار کان جدا نه ڪجي
    زندگي پيار کـــــان جدا نه ڪـجي
    مٽي هٻڪار کان جدا نه ڪجي
    لڙڪَ کي لارَ کان جدا نه ڪجي
    دل کي دلدار کان جدا نه ڪـجي
    يار کـــي يار کــــان جدا نه ڪجي
    سچ کـــــي دار کان جدا نه ڪجي

    واه ادا عاشق، اصل اڄ ته احسان دانش جا سهڻا ٻول ٻڌرائي قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ ۔۔۔ بيشڪ ڪنهنکي به ڪنهنکان جدا نه ڪجي پر ها ظالم کي ظلم کان جدا ضرور ڪجي ۔۔۔ مظلوم جي جاڻ ڇڏائجي ۔۔۔ سچ کي ڪوڙ کان ڌار ضرور ڪجي، ۽ ها اوندهه کي روشني ضرور ڏيکارجي ۔۔۔

    مٿان وري عاشق جا ڏنل رنگ به پنهنجي مٽ پاڻ آهن

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ساز کي تار کان جدا نه ڪجي

    سائين اوهانکي احسان دانش جي شاعري پسند آئي...۽ اسان جا ڏنل رنگ..مطلب ته اسان جا ٿڪ لهي ويا.
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ساز کي تار کان جدا نه ڪجي

    ادا تمام بهترين شاعري وري مٿان بهترين ڊيزائن ، مهرباني
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ساز کي تار کان جدا نه ڪجي

    بهترين ونڊ۔۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ساز کي تار کان جدا نه ڪجي

    نفرتون ڌار ڪجن جيون کان
    زندگي پيار کان جدا نه ڪجي


    ادا احسان دانش نئين ٽهي جي شاعرن ۾ هڪ پختي شاعر طور اڀريو آهي۔ لاڙڪاڻي ۾ ادا احسان دانش ۽ ادا رضوان گل جو ڪم ۽ سندن هروقت مصروف رهڻ ۽ دوستن کي ڪٺي ڪرڻ به هڪ سٺو ڪم آهي۔

    احسان دانش جي مٿين شاعريء مان پيار ۽ محبت جي ريت ظاهر آهي۔ سندس هيء شاعري سونهن ۽ پيار جو سنگم پئي لڳي۔

    مهرباني ادا عاشق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو