نثارابڙو
نائب منتظم
جينيوا؛ الڪوهل (شراب نوشي) سان اٽڪل 4 فيصد پوري دنيا ۾ ماڻهون مرن ٿا ۔۔۔ جيڪو دنيا جي خطرناڪ بيماري ايڊز ۽ ٽي بي يا وري دنيا ۾ ٿيندڙ جهيڙن واري موت کان به گهڻو آهي، ان خطري جي خبر ڏني آهي دنيا جي صحت واري تنظيم WHO
آفريڪا، ايشيا جي ملڪن ۾ موت جي شرح ڪجهه وڌيڪ آهي جنهن ۾ هندستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪجهه گهڻائي آهي۔۔ جن ملڪن ۾ شراب پيئڻ ۽ کپائڻ واريون پاليسيون نرم آهن انهن ملڪن ۾ پڻ اهو مسئلو گهڻو آهي ۔۔۔ شراب نوشيءَ سبب جهيڙن جو ٿيڻ، بيمارين جو ٿيڻ، گهر تي توجهه ۽ ٻارن کي صحيح پرورش نه ڏيڻ ۽ نوڪرين تان غير حاضري پڻ ٿئي ٿي ۔۔۔
لڳ ڀڳ 5۔2 ملين ماڻهون سموري دنيا ۾ هر سال شراب نوشيءَ جي مختلف طريقن سان مرن ٿا، اها خبر WHO جي تازي ليک ۾ ڏني وئي آهي (Global Status Report on Alcohol and Health)
دنيا ۾ شراب نوشيءَ سبب خاص ڪري 15 سالن کان 60 سال جا مرد گهڻي ڀاڱي موت جو شڪار ٿين ٿا۔۔۔
شراب نوشيءَ سبب لڳ ڀڳ 60 قسمن جون بيمارون پئدا ٿين ٿيون۔
آءُ سنڌ سلامت جي هن اڱڻ ذريعي سنڌي قوم جي نوجوانن کي اهو نياپو ڏيندس ته پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي زندگيءَ کي حرام ۾ نه وڃايو ۽ ڪوشش ڪريو ته اوهانجو معاشرو اهڙي قسم جي خطرناڪ شين کان خالي هجي ته جئين رحماني راهه طرف چٽائي پئدا ٿئي ۽ سنڌي قوم تعليمي ۽ سماجي ماحول ۾ اڳڀري ٿي سگهي۔
رب العالمين سنڌ کي اهڙين خطرناڪ بيمارين کان پناهه ۾ رکي ۔۔۔ آمين