افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
، مونکي آهي اميد الله ۾ ،
سجدي پئي سپرين زاريون زور ڪريندو ،
امت ڪارڻ احمد، ات پرمل (1) پاڪ پنندو
صور(2) ڌڪاءُ ٿيندو اکيون سڀ سج ڪندو ،
ميڙو ٿيندو مومنين ات محمد مير ملهندو(3) ،
نفسا نفسي(4) سڀڪو ڪري داتا در ڊوڙندو ،
مهت(5) ڏيندس مولو(6) ات بديون بخشائيندو ،
لغت؛
(1) . هيڻن جو حمايتي
(2) . توتاڙو اسرافيل (عليه سلام) جو
(3) . خوش ٿيندو
(4) . پنهنجي پنهنجي ( پچار)
(5) . عزت
(6) . مالڪ
شاھ جو رسالو
سر ؛ سارنگ صفحو ؛193
فصل پهريون . وائي
علامه غلام مصطفى قاسمه ( رحمةالله عليه)
(1) . هيڻن جو حمايتي
(2) . توتاڙو اسرافيل (عليه سلام) جو
(3) . خوش ٿيندو
(4) . پنهنجي پنهنجي ( پچار)
(5) . عزت
(6) . مالڪ
شاھ جو رسالو
سر ؛ سارنگ صفحو ؛193
فصل پهريون . وائي
علامه غلام مصطفى قاسمه ( رحمةالله عليه)
سر سارنگ ؛ سارنگ هڪ راڳڻي جو نالو آهي ، جا ساوڻ ۾ ڳائبي آهي . عام ماڻهن ۾ مشهور آهي ته جيڪو هن سر کي ٺيڪ سر ۽ تال ۾ ڳائيندو ته جهڙ پيدا ٿيندو ۽ مينهن وسندو .
سمجهاڻي ؛
شاھ ولي الله صاحب ” حوض ڪوثر“ لفظ جي تحقيق ڪندي لکن ٿا ته هو قرآن جو فيض آهي ، جنهن جي مثالي شڪل حوض ڪوثر آهي . جو عمدي ۽ مٺي پاڻيءَ سان ڀريل آهي . هن دنيا ۾ قرآن جو فيض سڀ ڪنهن لاءِ آهي ، جهڙي طرح برسات ۽ بارش سڀ ڪنهن زمين مٿان پئي ٿي .
برسات کان اڳ زمين جي حالت بلڪل خراب هوندي آهي ، ملڪ ۾ ان مهانگو ۽ کير مکڻ اڻ لڀ هوندو آهي ، پر برسات جي پوڻ کانپوءِ ساوڪ ۽ آبادي نظر ايندي آهي ، اهڙي طرح قرآن کان اڳ شهنشاھن ۽ سرمائدارن جي عوام مٿان ظلمن ڪري ماڻهن جي حالت ڏتڙيل هئي ، ٽيڪسن ۽ محصولن جي بار عوام جي چيلھ ڀڃي ڇڏي هئي ، پر جڏهن قرآن جو فيض انهن جي دلين تي برسات وانگر وسيو ته انهن جون دليون سيراب ٿي ويون ۽ قرآني انقلاب جا حامي بنجي شهنشاهت ۽ سرمائيداريءَ جي پاڙ پٽڻ جو ٻڄ پوکي ، اسلامي اقتصادي نظام کي دنيا ۾ رائج ڪرڻ لاءِ پکڙجي ويا ۽ قرآن جي رحمت جا ڪڪر ساريءَ دنيا مٿان وسيا .
مڪي مٿان موٽيون اٿيون ٿي عرفات ،
روزي پاڪ رسول جي رنگ ڪيائون رات،
وڄڙيون پرڀات موٽي مصر آئيون.
روزي پاڪ رسول جي رنگ ڪيائون رات،
وڄڙيون پرڀات موٽي مصر آئيون.
ڪمپوزر ؛ افتخار علي چوهاڻ