اسلام و عليڪم، ادا رشيد ، ادا سليمان وساڻ ۽ سنڌسلامت جا سمورا دوستواڄ اوهان جو ڪيلينڊر هٿن تائين پهتو، سچ پڇو ته دل باغ بهار ٿي وئي۔ سنڌ سلامت ڪيلينڊر جنهن ۾ سموري سنڌ کي جنهن طرح سان سمايو ويو آهي سچ پڇو ته اصل دل خوشي ۾ ئي نه پئي ماپي، ۽ دوستن کي ڏيڻ محل فخر پئي محسوس ٿيو، اڄ لائيبريري ۾ ڪيلينڊر پهچايو ويو آهي ۽ سڀاڻي کان اسڪولن ۾ پهچائڻ شروع ڪبو۔ اوهان جي دعا رهي ته انشاالله مقصد ۾ ڪاميابي ماڻبي۔ اوهان دوستن جون لک مهربانيون۔
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن جو مهربانيون۔۔۔! ادا اوهان جا به لک لائق جو اوهان ڪيلينڊر ادارن تائين پيا پهچايو۔ اوهان تائين ڪيلينڊر پهچائڻ ۾ ٿورو وڌيڪ وقت لڳو ان لاء معذرت۔ اميد ته سنڌ سلامت جا اهي دوست جن تائين ڪيلينڊر پهتا آهن اهي وقت سر انهن جي ورهاست ڪري وٺندا۔ فقير ڦلپوٽي جون به مهربانيون جنهن خيرپور کان شڪارپور تائين ڪيلينڊر پهچائڻ جي ذميواري پوري ڪئي۔
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن جو مهربانيون۔۔۔! واقعي ادا ڪيلنڊر تمام زبردست آهي، سلام آهي سنڌ سلامت جي ٽيم کي جو ايترو بهترين ڪيلنڊر تيار ڪيو اٿن۔۔۔ اهو ٻڌائيندي فخر ٿئي پيو ته ڪالهه ٽنڊو محمد خان ۾ امداد حسيني سان ملهايل شام ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم (سرپرست اعلى سائين نثار ناز، ايڊيٽر اسد علي ميرجت مست ۽ ميمبر ادي شبانه امتياز سمون) طرفان سنڌ سلامت جا ڪيلنڊر سنڌ جي برک ڏاهن، اديبن ۽ شاعرن کي تحفي طور ڏنا ويا۔۔ جن هن ڪيلنڊر جي آئيڊيا ۽ سنڌ سلامت جي محنت کي ڏاڍو ساراهيو
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن جو مهربانيون۔۔۔! ادا سڀني دوستن کي شاباس هجي جو اهي سنڌي ٻوليء جي بهتريء ء پنهنجي ثقافت کي عام ڪرڻ لاء ڪم ڪري رهيا آهن۔ ڪيلنڊر جي تياريء ۾ ادي عبدالرشيد ء محترم سليمان وساڻ پنهنجو قيمتي وقت ڏنو، ان کان علاواه محترم جاويد قاضي صاحب جنهن جو اهم ڪردار رهيو۔ ادي آرزو جي ڳالهه بلڪل درست آهي ته هي ڪيلنڊر دوستن کي ڏيندي فخرمحسوس ٿئي ٿو۔ هن کان اڳ اهڙو سنڌي ڪيلنڊر نه هيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت