غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
(محترم ميمبرس اسلام عليڪم۔ اڄڪله ٻين جي جائيداد تي لينڊ مافيا جو قبضو عام ٻڌاڻ ۾ اچي ٿو جنهن جي ڪري ڪيترائي جائيدادن جا مالڪ پنهنجي جائيداد کان محروم ٿي وڃن ٿا۔انڪري آسان پنهنجي آها ڊيوٽي ٿا سمجهون ته لينڊ مافيا جي خلاف قانون جي استعمال تي روشني وجهون ته ڪئي ڪو به اسان جو سنڌي سٻاجهڙو ان مسئلي کي منهن ڏي رهو آهي ته هو ان مان مستفيد سگهي اڪثر جائيداد جي جهڳڙن ۽ مسئلن ۾ فريق حقوق جائيداد ۽ قبضي جي لا۽ سول ڪورٽن سان رجوع ڪنديون آهن اندرسيڪشن 8 ۽ 9 اسپيسفڪ رليف ايڪٽ ۽ سول پروسيدير ڪود 1877 ، ان ۡ کان علاوه ڪنهن شخص جي زمين يا گهر تي غير قانوني طور تي قبضو (Tress Pass) ڪرڻ وارو شخص پي پي سي (پاڪستان پينل ڪود) جي تحت سزا جو حقدار آهي ان لا۽ يا ته پوليس وٽ ايف آئي آر ڪٽرائجي يا ڪورٽ ۾ سڌو فرياد اندرسيڪشن 200 سي آر پي سي (ڪرمينل پروسيدير ڪود) جي تحت داخل ڪجي پر مشاهدي ۾ اها ڳاله آئي آهي باوجود هنن قانونن جي ڪجه ماڻهون يا گروه عوام کي انهن جي جائداد تان غير قانوني طور تي بي دخل ڪري ٿو۔ ان فعل جي مرتڪب ماڻهن يا گروه کي قبضا گروپ مافيا جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪري عوام کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو ٿو پوي۔ان ڪري وڌندڙ شڪايتن کي مدنظر رکندين وفاقي حڪومت هڪ قانون زير عنوان "غير قانوني بيدخلي مجريا 2005 (Illegal Dispossession Act 2005) نافذ ڪيو آهي جنهن جو مقصد اهڙن گروهن يا افرادن جي سرگرمين کي ٻجو ڏنو وڃي۔ ان قانون جي مطابق عدالت مان مراد سيشنس ڪورٽ آهي جنهن ۾ ڪيس ڪرمينل پروسيدير ڪود 1989 جي تحت هلندو۔ قانون جي تشريح جي تحت قابض (Occupior ) جنهن وٽ جائداد جو قانوني قبضو هجي يا مالڪ (Owner) کي بغير ڪنهن قانوني جواز جي جائداد (Immonvable Property attached with earth) مان بيدخل ڪندو ته ائين ڪرڻ وارو ماڻهو سيڪشن 1 مٿئين قانون جو ملزم هوندو ۽ ان کي ڏهن سالن تائين سزا ۽ جرمانو لڳائي سگهجي ٿو۔
جيڪو ماڻهو جائداد مان بيدخل ٿيو آهي اهو هڪ سڌي درخواست (Direct Complaint) اندر سيڪشن 3 آف اليگل دسپزيشن ايڪٽ 2005 جي تحت سيشنس ڪورٽ ۾ داخل ڪندو۔ ڪورٽ سيڪشن5 آف اليگل دسپزيشن ايڪٽ 2005 جي تحت علائقي جي پوليس اسٽيشن جي انچارج (SHO) کي تفشيش جو حڪم ڏيندي ته پندرهن ڏينهن ۾ تفتيش ڪري ٻڌائي ته مالڪ يا قانوني قابض کي جائداد مان ملزم بيدخل ڪيو آهي يا نه۔ جيڪڏهن رپورٽ پازيٽو ايندي ته ڪورٽ فريادي کي ٻڌي يا ان جو بيان ريڪارڊ ڪري ڪمپلينٽ تي ڪاگزيننس کڻي ملزم جي حاضري لا۽ سمن يا بيل ايبل ورانٽ ڪن حالتن ۾ نان بيل ايبل وارنٽ اشو ڪندي ۽ جڏهن ملزم ڪورٽ ۾ حاضر ٿيندو ته ان کان ضامن وٺندي ان کان پو۽ فرد جرم (Charge) عائد ڪري ڪيس هلائيندي، فريادي ۽ ان جي گواهن جا بيان ريڪارد ڪندي ان کان پو۽ ملزم جو بيان اندر سيڪشن 342 ڪرمينل پروسيدير ڪود جي تحت ريڪارد ڪندي ۽ ان کان پو۽ جيڪڏهن ملزم واقعي مٿيو جرم ڪيو هوندو ته ان کا سزا ڏيندي ۽ جائداد مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪندي۔ هن قانون جي سيڪشن (1) 7 جي تحت جيڪڏهن ڪورٽ شروع ۾ ئي هن نتيجي تي پهچي ٿي ته مالڪ يا قانون قابض غير قانوني طور ملزم جائداد مان بيدخل ڪيو آهي ته جائداد جو عارضي قبضو (Interim Possession ) مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جيڪو ماڻهو اهو قبضو نه ڏيندو ته ڪورٽ عدالت جي ڪنهن آفيسر کي يا اهلڪار کي احڪامات جاري ڪندي ته پوليس جي مدد سان قبضو جائداد جو مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪيو وڃي۔ جڏهن ته سيڪشن 8 جي تحت مقدمي جي اختتام تي جڏهن ڪورٽ هن نتيجي تي پهچي ته جائداد جي مالڪ يا قانوني قابض کي غير قانوني طور بيدخل ڪيو ويو آهي يا جائداد ڦري ويئي آهي ته ڪورٽ حڪم ڪندي جائداد فورن ان جي مالڪ يا قانوني قابض جي حوالي ڪئي وڃي۔ ان مقصد جي لا۽ عدالتي آفيسر انچارج پوليس اسٽيشن کي حڪم ڏيئي سگهي ٿي ته ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي۔
هن قانون تحت نه رڳو ملزم کي سزا ملندي پر مالڪ يا قابض کي جائداد واپس موٽي ملندي۔ جڏهن ته ديواني مقدمو ( سول سوٽ ) داخل ڪرڻ سان صرف قبضو جائداد جو واپس مالڪ کي ملندو پر ملزم کي سزا ڪانه ايندي۔ انهي طرح ٽريس پاس جي ايف آئي آر ڪٽرائڻ سان ملزم کي پاڪستان پينل ڪود تحت سزا ته ملندي پر مالڪ کي جائداد جو قبضو نه ملندو۔
هي سڄي معلو معات هن فورم جي ميمبرن کي ان لا۽ گوش گذار ڪئي آهي ته هو جڏهن به هن قسم جو ڪو مسئلو فيس ڪن ته صحيح قانوني قدم کڻن۔ هميشه پنجهي دعائن ۾ اسان کي شامل ڪندا۔ توهان جي را۽ جو انتطار رهندو۔ الله پاڪ توهان جو ۽ اسان جو هميشه حامي ۽ ناصر رهي۔