دل بـه آ خــالي، کــيـسي وانگر۔۔۔

آرزو

سينيئر رڪن
دل بـه آ خــالي، کــيـسي وانگر،
خالي فقير جي ڪشتي وانگر.

اونداهين ۾ گم ٿي وڃين ٿو،
مون کان پنهنجي پاڇي وانگر.

پاڙي وارن کان به لڪايان،
درد، حرام جي پئسي وانگر.

جڳ جي موج ۽ مستي ٽي ڏينهن،
ڀـــٽ ڌڻــي جـــي مــيـلـــي وانـگــر.

تو سان منهنجو انگ اٽوٽ،
ڌرتـــي ماءُ جي رشتي وانگر.

روز غـــمـن تــي ويــاج وڌي،
ميمڻ سيٺ جي ليکي وانگر.
 
Back
Top