دوستو اهي دوست جن جي ڪمپيوٽر ۾ موجود ريم جي ميموري گهٽ آهي۔۔۔ ۽ هميشه Not Responding جهڙي ايرر کي منهن ڏيندا رهندا آهن۔۔۔ اهي رجسٽري جي هن آسان ٽپ کي استعمال ڪندي پنهنجي ڪمپيوٽر جي ميموري وڌائي ان جي رفتار پڻ وڌائي سگهن ٿا ۔۔۔ سڀ کان پهريان اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪري رن پروگرام کوليو جتي regedit لکي ڪي بورڊ تان اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔۔ توهان جي اڳيان ونڊوز رجسٽري ونڊو کُلي ويندي۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان هيٺين ڪي تي پهچو۔۔۔ HKEY_LOCAL_MACHINE\SOFTWARE\Microsoft\Windows\ CurrentVersion\Explorerهاڻي ايڪسپلورر تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري نئين ڪي بڻايو جنهنجو نالو AlwaysUnloadDLL رکو جنهن کي ڪلڪ ڪرڻ سان ساڄي پاسي هڪ اسٽرنگ ڪي پاڻمرادو ٺهي ويندي۔۔۔ ڊيفالٽ نالي ان ڪي تي ڊبل ڪلڪ ڪريو ۽ ان جي ويليو 1 لکي اوڪي پريس ڪريو۔۔۔۔ ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ اهي دوست جن جي ڪمپيوٽر ۾ ريم جي ميموري 512 کان گهٽ آهي ۔۔۔ اهي صاف محسوس ڪندي ته سندن ڪمپيوٽر جي رفتار ڪافي بهتر ٿي آهي۔۔۔۔
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ريم جي ميموري وڌائي ڪمپيوٽر کي تڪڙو بڻايو۔۔۔۔ سٺي ٽپِ آهي ادا ونڊوز رجسٽري جي ونڊوز رجسٽري جا ڪافي سارا فيچرس آهن جن جي باري ۾ اسان فقيرن کي ته ڪا خبر ئي نه آهي بس صرف انتظار آهي توهان جي اهڙن ٿريڊن جو ته توهان اسان کي هر دفعي سان هڪ نئي ٽپ شيئر ڪندا . لاجواب ٽپ آهي ادا
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ريم جي ميموري وڌائي ڪمپيوٽر کي تڪڙو بڻايو۔۔۔۔ ادا رشيد مهرباني تمام بهترين شيئرنگ ڪئي آهي توهان۔۔۔۔
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود ريم جي ميموري وڌائي ڪمپيوٽر کي تڪڙو بڻايو۔۔۔۔ ادا تمام سٺو ٽپس آهي هن ٽپس جي اسان کي تمام گهڻي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته ڪافي اهڙا دوست آهن جيڪي اسان کي چوندا آهن ته اسان جو ڪمپيوٽر پهرين کان تمام گهڻو سلو ٿي ويو آهي ڇا ڪجي ته آئون انهن کي چوندو هوئس ته ادا وائرس لڳي ويو آهي ان جي ڪري سلو آهي وندڊوز نئي ڪرڻي پوندي پر هاڻي توهان جو ٽپس استعمال ڪري ان مان فائدو وٺنداسين