ابراهيم منشي اسان هر دؤر جي حاڪم، کي حق جي ڳالھ چونداسين، اسان وانگين جي هر ويري، وڏيري ساڻ وڙهنداسون. ڀلي ڪيسن ۾ اَٽڪايو، ڀلي ڦاسين تي ڦٿڪايو، ڀلي لوهن ۾ لٽڪايو، ڀلي ٽانڊن تي ٽهڪايو، ڀلي سُورين تي سَهڪايو، ڀلي ميدان ۾ ماريو، اسان سُوري تي پنهنجي ديس، جا نعرا پيا هڻنداسون. اسان دودا هميراڻي، ۽ دريا خان دُولهاڻي، اسان لاکا ته ڦولهاڻي، اسان هيمون به ڪالاڻي، اسان صادق مزاراڻي، اسان سان شاھ، سچل ساٿي، اسان مهمير ميدان ۾، مرڻ کان ڪِين مُڙنداسون. ڪروڙن جي هي آبادي، گھُري ٿي پنهنجي آزادي، ڪنداسون پنهنجي قُوت ساڻ، بي پاڙن جي بربادي، سدا سانگين جي شهزادي، متي مهراڻ جي وادي، انهيءَ مان سامراجي لوڌ، لوڌي نيٺ ڪڍنداسون. هتي ڌاريان جي ڌاڙيلا، سڀيئي گڏجي گُرو چيلا، وجھي وانگين ۾ واويلا، ويا ڀيلي ٻَنيون ٻيلا، ڪري مارو اُٿيا ميلا، وهائي رت سندا ريلا، ورهن جا وير ويرين کان، وڙهي هڪ ڏينهن وٺنداسون. مِڙيا ”منشي“ اجھي مارو، وطن پنهنجي سَندا وارو، ڪري هر درد پنهنجي جو، ٿا ڄاڻن سي دوا دارو، لکين لهرين منجھان لاشڪ، تري ڄاڻن اهي تارو، اسان اک سامراجي ڪابه سنڌڙيءَ ۾ نه سَهنداسون.