ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ، رت راھ رتوليءَ رسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ، برساتن ۾ باهيون وسنديون، کوهن ۾ پڻ کوريون تَپنديون، ڌرتي ساري ٽامون ٿيندي، سنڌ سموري سامهون ٿيندي، اُڀ اُڀارون کائي کائي، نيٺ پَٽيندو ساهي ساهي، گوريلن جا گيت هوا ۾، ٻرندا محبت ميت هوا ۾، راڄ ۾ ڪو به نه روڳي رهندو، ٺڳ نه ڪو ڪو ٺوڳي رهندو، اهڙو ڏينهن به اچڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ. هي بڪتر بند هوائي حملا، شينهن مردن ٻڌيا شملا، وانگي ورندا وِيرن وانگي، سر ڪٽائڻ سنڌوءَ سانگي، آيا آيا ڄاڻ ته آيا، گيت ڳنوارن ائين پئي ڳايا، ڪِرندا ڪنگرا ڪوٽ ۽ قلعا، ٻاهر نڪري ايندا ٻلا، ڪونڌر رکندا ڪنڌ مروڙي، هنن ڇڏيا ٽڪر ٽوڙي، هي ڳوٺن شهرن ڳهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ. تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي، تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا، اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون، دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا، جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ. ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي، ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا، يورپ جا هي پاليل ڪُتا، نيٺ ته ڀڄندا کائي جُوتا، اڄ قوم جي ڪُک ۾ ڪانِ لڳو آ، گھر گھر اهڙو گھنڊ وڳو آ، هر ماڻهو ”منشي“ مرڻو آ، هن ڀونءَ جو پيٽ ته ڀرڻو آ، هر سُور سنڌوءَ جو سَهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.
جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔ ادا آرزو مهرباني منشي ابراهيم سنڌ جي انقلابي شاعرن مان چوٽيء جو شاعر رهيو آهي۔ سندس شاعري سنڌين لاء هڪ حوصلو ڏيندڙ پيغام آهي۔ اهڙي ڀلوڙ شاعر جي شاعري ونڊ ڪرڻ لاء اوهان جا ٿورا۔
جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔ ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي، ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا، تمام سهڻو، انقلابي جذبي سان ٽمٽار نظم ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔
جواب: ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ۔۔۔ ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ، رت راھ رتوليءَ رسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ، ادا آرزو تمام بهترين شاعري ونڊڻ جي مهرباني.
اصل دل وٽان سٽون۔۔۔مهرباني ونڊ ڪرڻ جي۔ تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي، تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا، اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون، دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا، جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.
منشي لفظن جو بادشاهه شاعر هو۔سندس مزاحمتي يا رومانوي مطلب ته منشي جنهن به صنف کي ڇهيو ان کي لازوال بنائي ڇڏيائين،منشي ٻولي جو بادشاهه شاعر هو هن وٽ ٻولي جو خزانو تمام وڏو هو،شاعر ته سڀ سٺا هوندا اهن پر ٻولي سان جهولي ڀريل ڪجهه خوشنصيب شاعرن کي ئي ملندي آهي، جيئن منشي،استاد بخاري،نياز همايوني،حليم باغي اهي ٻولي جا بادشاهه شاعر هئا ۽ آهن۔ سندن متعارف ڪرايل تشبيهون،استعارا هر دور ۾ نوان رهندا،سندن ڏات تي زوال اچڻو ئي ناهي۔۔۔