سنڌ سلامت جا دوستو ! مان اوهان دوستن کي التجا ٿو ڪريان ته منهنجي ڪمپيوٽر ۾ هڪ اهڙو مسئلو آهي جو مان ان مسئلي مان جان ڇڏائڻ ٿو چاهيان۔۔ ڪوشش ته تمام گهڻي ڪئي اٿم پر وري به ساڳي طرح ٻيهر اچيو وڃن۔۔۔۔۔ 1. System Volue Information 2. RECYCLER 3. Config.Msi انهن ٽنهي فولڊرن کي مان ڊليٽ به ڪندو آهيان۔۔۔ مستقل ڊليٽ ڪرڻ جو ڪو حل ٻڌائيندا ته اوهانجي مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تصوير به ڳنڍيل ڏسو
ادا زاهد جيتري مون کي ڄاڻ آهي ته اهي سسٽم جو حصو آهن ان کي هائيڊ ته ڪري سگهجي ٿو پر ڊيليٽ نه ٿو ڪري سگهجي بهرحال هي مون جي را۽ آهي ٿئي سگهي ٿو ته ڪنهن دوست وٽ ان جو ڪو حل هجي اڃا مون کان وڌيڪ سينيئر پوئتي آهن انشاالله ڪجهه نه ڪجهه حل نڪري ايندو دعائن ۾ ياد
منهنجي ڄاڻ مطابق انهن کي ڊيليٽ ته ڪري سگهجي ٿو پر انهن مان هميشه ڇوٽڪارو حاصل نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هنن جو ونڊوز سان تمام گهرو لاڳاپو آهي، هنن کي ڊيليٽ ڪرڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪبو ته هي وري ظاهر ٿي پوندا. دراصل توهان پنهنجي ڪمپيوٽر کي جيترا ڀيرا به بند ڪندا يا کوليندا آهيو، ته انهيءَ جو بيڪ اپ ري اسٽور ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن System Volume Information کي ڪجهه عرصي تائين ڊيليٽ نه ڪجي ته انهيءَ جو ري اسٽور بيڪ اپ ايترو ته ڳرو ٿي ويندو آهي، جو ممڪن آهي ته توهان جي هارڊ ڊسڪ جو ”سي پارٽيشن“ (يا وري جنهن پارٽيشن ۾ ونڊوز انسٽال ٿيل آهي) ڀرجي ويندو ۽ توهان جي ڪمپيوٽر جي اسپيڊ به تمام سست ٿي ويندي. بالڪل انهيءَ طريقي سان هارڊ ڊسڪ جي سمورن پارٽيشنن ۾ اهي فائل ٺهي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هي فائل ڊيليٽ به نه ٿيندا آهن. انهيءَ صورت ۾ هنن کي ڊيليٽ ڪرڻ لاءِ “Unlocker” سافٽويئر استعمال ڪجي. ”ان لاڪر“ جي ذريعي ڊيليٽ نه ٿيڻ وارا فائل به آسانيءَ سان ڊيليٽ ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ باري ۾ اڃان وڌيڪ تفصيل اسان وارو جادوگر صاحب ئي ڏئي سگهي ٿو، جيڪو اجهو پهتو ئي پهتو.
مهرباني ادا ابو زين۔۔۔ ادا اهو مئو ماريو ان لاڪر سافٽوئير ڪٿان آڻيان۔۔۔ ادا اوهان جي سمجهاڻي پياري آهي۔۔ ڀاءُ پر مستقل حل ته انهي نٿو ٿي سگهي۔۔۔ باقي ادا مان هر روز انهي سسٽم واليم انفارميشن فولڊر کي ڊليٽ ڪندو آهيان۔۔۔ جڏهن ڊيليٽ جو ايرر ڏيندو آهي۔۔۔ ته پوءِ واري انهي کي کولي مزيد اندر ٺهيل فولڊر کي هڪ، هڪ ڪري ڊيليٽ ڪندو آهيان۔۔۔۔
فقير سائين اوهان جو ۽ ادا ابوزين جو جواب تمام ملندڙ جلندڙ آهي۔۔ باقي ادا جادوگر جو انتظار آهي متان ڪو جادوگري وارو ٽوڻو کڻي پهچي۔۔۔۔۔
ادا زاهد ڀاءُ، مئو ماريو ان لاڪر هيٺين لنڪ تان ڪاپي ڪريو. هن کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ توهان کي هڪڙو هڪڙو فولڊر الڳ الڳ ڊيليٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي. ڪنهن به فولڊر کي ڊيليٽ ڪريو، ڊيليٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ توهان کان هي ان لاڪر آپشن پڇندو ته ڇا هن کي ان لاڪ ڪري ڊيليٽ ڪري ڇڏيان. بس ائين ڪرڻ سان سمورو فولڊر ئي چٽ...... ان لاڪر هتان ڪاپي ڪريو.
ادا مگسي هاڻي وري ادا زاهد توهان کان ڪاسپر سڪائي ڊائون لوڊ ڪرڻ جو لنڪ پڇندو۔۔۔۔ منهنجو خيال آهي انهي مسئلي جو سبب ۽ حل سموري ساٿ ٻڌائي ڇڏيو آهي۔۔۔ ان جي باوجود ادا زاهد جيڪڏهن توهان کي مونجهه ٿيندي هجي ته توهان My Computer جي Tools مينو مان Folder Options ۽ اتان وڃي Don't Show Hidden Files and Folder کي چيڪ لڳائي اوڪي ڪري ڇڏيو۔۔۔۔
ادا اسان ڪاسپر اسڪائي گهرڻ تان هٿ کنيوسين۔۔۔ ڪونه ٿو کپي اسان کي ڪاسپر اسڪائي۔۔۔۔۔ اوهان جو جواب پڙهي ڪري اصل لاجواب ٿي وياسين۔۔۔ ٿوري ڳالهه ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ڇڏيو۔۔۔۔۔ ائين ڪرڻ لاءِ ته مونکي دوستن گهڻو ٻڌايو هئو پر جاني اهي ته صرف اوجهل ٿي ويندا۔۔۔۔۔۔بحرال ادا پنهنجي سنڌي ۾ مثال ڏيندا آهن ته مُلي جي ڊوڙ مسيط تائين۔۔۔۔۔۔۔
سائين زاهد جن کي عرض آهي ته انهن فولڊرن ۾ ڪو بار نه آهي هڪ ته ادا رشيد واري مشوري تي عمل ڪن ٻيو ته my computer جي porperties ۾ وڃي System Restore واري ٽيب کي سليڪٽ ڪري Turn off System restore on all drive واري چيڪ باڪس کي ڪلڪ ڪري ڇڏيو ته ڪافي قدر اوهان جي شڪايت جو حل ٿيندو