مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ٻولين جي تحريڪ جي تاريخ ۽ سنڌيءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي ڏات ڌڻين جي هلايل جدوجهد! ممتاز بخاري ورهاڱي کانپوءِ جيڪو ورهاڱو ٿيو، ان جي مک سببن ۾ هڪ سبب بنگالي ٻوليءَ واري تحريڪ هو. ريڊ ڪلف ڪميشن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ته ڪيو، پر ورهاڱي کانپوءِ خاص ڪري اوڀر ۽ اولهه پاڪستان ۾ رهندڙ قومن ۾ ٻوليءَ جي نفاق وارو ٻج ملڪ جي شروعاتي حڪمرانن ۽ بعد ۾ ايندڙ آمرن ڇٽيو. جڏهن انهن پاران ون يونٽ مڙهي سڀني صوبن کي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته 1947ع ۾ پاڪستان آزاد ٿيو ته پوءِ ٻين مسئلن سان گڏ ٻولي وارو مسئلو به بي ڍنگي انداز ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ورهاڱي کان اڳ اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي قومپرستي اڳ ئي موجود هئي، جڏهن اهو اوڀر پاڪستان طور ملڪ ۾ شامل ٿيو ته اتي جي عوام کي اميد هئي ته ساڻن برابريءَ جو ورتاءُ ڪيو ويندو. پر 1948ع ۾ اردوءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اردو ٻولي ننڍي کنڊ ۾ ارڙهين صديءَ ۾ عروج ماڻڻ شروع ڪيو هو. خاص ڪري مغل بادشاهتن دوران اها وڌڻ لڳي پر ان ٻوليءَ ۾ ڪيترين ئي ٻولين جو رس شامل ٿيڻ لڳو، جن کي Indo-Aryan ۽ Indo-Iranian ٻوليون چيو ويندو آهي. عام طور اردو واري انداز ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي اردو نالي سان سڏيندڙ پهرين ماڻهو طور سراج الدين آرزو جو نالو ورتو وڃي ٿو، جيڪو شاعر پڻ هو. پاڪستان ٺهڻ وقت هندستان مان لڏي ايندڙ مهاجرن جي رابطي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻولي اردو هئي ۽ سنڌين کانسواءِ هندستان جا ٻيا جيڪي اڳواڻ هئا جن پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو ٿي ورتو، انهن جي اڪثريت هڪ ٻئي سان اردو ڳالهائيندي هئي. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته عوامي طور مادري ٻولي ڳالهائيندڙ عوام جي پنهنجن علائقن ۾ اڪثريتي ڳالهايون ويندڙ ٻوليون پنجابي، بنگالي، پشتو، سنڌي، بلوچي ۽ سرائيڪي هيون، جيتوڻيڪ بعد ۾ 1951ع ۽ 1961ع وارين آدم شمارين ۾ سرائيڪي کي پنجابي ٻولي طور ڳڻيو ويو هو، پر ورهاڱي وقت ان جا ڳالهائيندڙ تمام گهڻا هئا ۽ اردو پنج سيڪڙو ماڻهن جي به مادري ٻولي نه هئي. ان جي باوجود رابطي جي حوالي سان اولهه پاڪستان ۾ اڪثريتي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ به چڱا خاصا ماڻهو ان کي سمجهندڙ هئا. خاص طور تي بنگالين ۽ سنڌي پڙهيل لکيل ماڻهن سرڪار جي ان فيصلي تي اعتراض واريو هو ۽ اردو کي رابطي جي ٻولي جي حوالي سان هر ڪوئي مڃڻ لاءِ تيار هو. پر پنهنجن مادري ٻولين جي قيمتن تي نه. ان ڪري جيئن ئي 1948ع ۾ اردوءَ کي ملڪ جي قومي ٻوليءَ درجو ڏنو ويو ته بنگالي ماڻهن شديد رد عمل ظاهر ڪيو. ڍاڪا يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن مظاهرا ڪيا ۽ حڪومت تي زور وڌو ته بنگالي کي به قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. ڇو ته انهن جي دانشورن جو خيال هو ته ڏيڍ سئو سال پراڻي ٻوليءَ کي قديم ٻوليون ڳالهائيندڙ ڪروڙين ماڻهن تي مڙهي نه ٿو سگهجي. بنگال ۾ ته 1947ع ۾ ئي ڍاڪا جي روڊن تي عبدالڪشيم جي اڳواڻي ۾ شاگردن مظاهرا ڪيا. تمدن مجلش تنظيم ان جي شروعات ڪئي. انهن جو مطالبو انتهائي سادو هو ته بنگالي کي به قومي ٻوليءَ بڻايو ۽ اوڀر پاڪستان ۾ رهندڙ بنگالين کي بنگالي ٻوليءَ ۾ پڙهايو وڃي. سرڪاري طور تي بنگالي سوڌو مادري ٻولين کي اهميت نه ملڻ سبب اوڀر پاڪستان ۽ سنڌ صوبي جي دانشورن رد عمل ظاهر ڪيو. 11 مارچ 1948ع وارو ڏينهن بنگالي ٻولي جي تحريڪ جي حوالي سان جهڙوڪ بنگلاديش جو بنياد هيو، ان ڏهاڙي بيشمار شاگرد روڊن تي هئا، ڍاڪا جو عوام به انهن جي روح سان رليل هو. شاگرد پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ بنگالي ٻوليءَ جي بحالي، نوٽن تي بنگالي ۾ لکڻ، ٽڪلين ۽ ٻين سرڪاري دستاويزن کي بنگالي ٻولي ۾ ڇاپڻ سوڌو ٻيا مطالبا ڪري رهيا هئا، شاگردن جي ان تحريڪ ۾ چوٽي جا بنگالي سياستدان شيخ مجيب الرحمان، شمس الحق ۽ ٻيا به شامل هئا، جن کي گرفتار ڪيو ويو. اولهه پاڪستان جي سياسي اڳواڻن جو خيال هو ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي سڃاڻپ رڳو اردو ئي آهي، اهڙي خيال کي سياستڪارن جو طبقو هٿي ڏيندو رهيو. ڇو ته پاڪستان جي حڪمران ڪندڙ طبقي تي هندستاني علائقي مان آيل سياستدانن جو به وڏو انگ شامل هو، ان جذباتي پڻي جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن پاڪستان جو گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح 19 مارچ 1948ع تي ڍاڪا پهتو ته هن به اتي اردو جي اهميت تي زور ڏنو ۽ اردو جي مخالفت کي پاڪستان سان دشمني برابر قرار ڏنو، جڏهن ته بنگالي يا ٻين ٻولين جا دانشور اهو چئي رهيا هئا ته انهن جو اردو سان ڪو به اختلاف ناهي پر اهي پنهنجي مادري ٻولين کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ ٿا چاهين. پاڪستاني حڪمرانن جي رويي سبب بنگالي ماڻهن ٻولي واري تحريڪ کي زور وٺرائي ڇڏيو، تحريڪ کي سمجهڻ بدران چٿڻ جي فيصلي تي عمل ٿيندو رهيو، لياقت علي خان جيڪو ملڪ جو وزير اعظم هو، ان پاران ڪا لچڪ نه ڏيکاري وئي، پاڪستان جي گورنر جنرل خواجه نظام الدين ته تيل مٿان ڄڻ تيلي اڇلي، جڏهن هن 27 جنوري 1952ع واري تقرير ۾ ”اردو ۽ صرف اردو“ تي زور ڀريو. مولانا ڀاشاني ٻولي واري تحريڪ کي زور وٺرايو. 12 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شاگرد ۽ عوام بيٺل هئا، سرڪار 144 قلم هڻي چڪي هئي، پوءِ شيل هليا، گوليون هليون، ماڻهو ڦٽجي پيا، ٻڌجي ويا ۽ ڪجهه شاگرد مارجي ويا، ڍاڪا شهر ته ڇا بنگالين جي دلين ۾ به باهه ٻري پئي، جيڪا تيستائين ٿڌي نه ٿي، جيستائين انهن جي مادري ٻولي لاءِ 1970ع ۾ الڳ وطن بنگلاديش وجود ۾ آيو، جيتوڻيڪ 1954ع ڌاري انهن جي قربانين سبب 7 مئي تي بنگالي کي ٻي آفيشل ٻولي جو درجو ڏنو ويو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ کان سٺو نه ويو ۽ جنرل ايوب خان 6 فيبروري 1959ع تي ون يونٽ مڙهي رڳو اردو کي قومي ٻولي قرار ڏئي ڇڏيو، ون يونٽ خلاف ٻولي جي بنياد تي رڳو بنگالين نه پر سنڌين به ڀرپور جدوجهد شروع ڪئي. جيڪا ڪامياب وئي، سنڌ جي اديبن سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي جدوجهد ڪئي، بنگلاديش ڌار ٿيڻ کانپوءِ ۽ سنڌ ۾ سنڌ جي سڄاڻ حلقي اديبن ۽ قومپرستن پنهنجي مطالبي تان اڄ ڏينهن تائين هٿ نه کنيو آهي. سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اندر مک پليٽ فارم سنڌي ادبي سنگت رهي آهي. جنهن جي ان جدوجهد کي سنڌ جي قومپرست سياسي جماعتن به پنهنجي جدوجهد ۽ قومي مطالبي ۾ شامل ڪيو، سنڌ جي باشعور طبقي سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي طور مڃتا لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون. ون يونٽ جي خاتمي ۽ مادري ٻولين جي بحالي لاءِ سنڌ مرڪزي حيثيت اختيار ڪئي، ون يونٽ ٽٽڻ بعد به سنڌي اديبن ۽ باشعور طبقي سان قومپرست سياستدان به هم خيال ٿي ويا، ادبي سنگت پاران آفيسن ۾ سنڌي لک پڙهه، ريلوي اسٽيشن سوڌو مختلف هنڌن تي سڃاڻپ لاءِ لڳندڙ بورڊن تي سنڌيءَ ۾ لکڻ سوڌو ” سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جدوجهد جاري رکي. ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دور ۾ سنڌيءَ کي دفتري ٻولي بڻايو ويو هو، جڏهن سنڌ بمبئيءَ سان ڳنڍي وئي ته ان جي بمبيءَ کان جدا ڪرڻ لاءِ هلندڙ هلچل ۾ سنڌ جي سياستدانن وٽ وڏي ۾ وڏو دليل سنڌي ٻولي هو. آڪسفورڊ پريس پاران ڇپرايل ڪتاب Language and politics in Pakistan ۾ طارق محمود موجب: ”مسلمانن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سنڌي ڪلچر بمبيءَ کان مختلف آهي، ٻولي ان سلسلي ۾ مک دليل هئي ته اڪثريت مسلمانن لاءِ الڳ صوبو ٺهي“ (صفحو 108) ورهاڱي کانپوءِ سنڌيءَ کي نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ جي ماڻهن ۾ رد عمل فطري هيو، سنڌ اسيمبلي ۾ به سنڌي ٻولي جي اهميت تي زور وٺرايو ويو. ورهاڱي کانپوءِ مادري ٻولين کي ڀت سان لڳائڻ لاءِ 1951ع واري جيڪا آدم شماري سامهون آئي، ان ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد وڌيڪ ڏيکاريو ويو. ”ڪراچي ۾ 57.55 سيڪڙو، حيدر آباد ۾ 66.08، سکر ۾ 54.08، ميرپور خاص ۾ 68.42، نواب شاهه ۾ 54.39 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 35.39 سيڪڙو آبادي اردو ڳالهائيندڙن جي شمار ڪري ڏيکاري وئي“، (Language and politic in Pakistan) (صفحو؛ 111) ان مان اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اڪثريت سنڌين جي آهي ئي نه. سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان ڪڍي ڄام شورو آڻڻ ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪري اتي 1957ع ۾ سنڌيءَ ۾ امتحان ڏيڻ تي پابندي هڻڻ سبب سنڌي، اردو ڇڪتاڻ وڌي وئي، ان دور ۾ حيدر بخش جتوئي زبردست قسم جي هلچل هلائي ۽ سنڌيءَ ٻولي بابت سندس پمفليٽ سنڌين ۾ ٻولي بابت جاڳرتا وڌائڻ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو. ادبي سنگت به ان موقعي تي ان وقت ڪراچي ۾ پنج لک کان مٿي رهندڙ سنڌين سان ٻه اکيائي ڪوٺيو، سنڌي ميڊيا به ٻولي خلاف سازشن کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو. ون يونٽ کي اديبن ۽ قومپرستن رد ڪري ڇڏيو، وڏا وڏا مظاهرا جلسا ٿيا، شاعرن ٻولي لاءِ لفظن جا وڏا واهڙ واهايا، گرفتاريون ٿيون، 1962ع ۾ 9 نومبر تي ملهايل سنڌي ڏهاڙو سنڌي ٻولي جي لاءِ سنڌين پاران جاگرتا جو وڏو اظهار هيو، ون يونٽ دوران سنڌي اسڪول بند ٿيا، اردو کي ڦهلائڻ ۽ مڙهڻ جي ڀرپور حڪمت عملي سان ڪم ٿيو. اردو اسڪول وڌيڪ کوليا ويا، تعليمي پاليسي ۾ ايوب خان توڙي يحيٰ خان سنڌي ٻولي کي اهميت نه ڏني. اسٽبليشمينٽ اهڙي طريقي سان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي جهڙوڪ جدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ ان جو ڀرپور سياسي فائدو ورتو ويو. پنجاب سان تعلق رکندڙ حڪمران طبقو جهڙوڪ مادري ٻولين جي حوالي سان انهن جو هم خيال بڻيل هو، بنگلاديش جي جدا ٿيڻ کانپوءِ به جيڪو نئون پاڪستان ٿيو. ان ۾ به ساڳي صورتحال ٿي، جيئن 1947ع واري ورهاڱي کانپوءِ اڳين سال ئي ٻولي جي حوالي سان اوڀر پاڪستان ۾ احتجاج ٿيو هو، تيئن ئي اولهه پاڪستان جڏهن پاڪستان ٿيو ته ان جي اڳين سال جنوري 1971ع ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان احتجاج شروع ٿي ويا، ان بعد سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن ٻولي لاءِ سرڪار تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو. 1971ع ۾ ممتاز علي ڀٽي جي وڏ وزارت واري دور ۾ اعلان ڪيو ويو ته سنڌي جي ون يونٽ کان اڳ واري صوبي ۾ حيثيت بحالي ڪجي ٿي، تنهن تي اردو ڳالهائيندڙن مخالفت ڪئي، انهن پاران ڪراچي ۾ احتجاج ڪيا ويا، 1972ع ۾ ٻولي جو بل آندو ويو، پر 70ع واري ان ڏهاڪي کانپوءِ سنڌي ٻولي جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن حڪمران طبقي جي پاليسين کي رد ڪيو، اڃا تائين سنڌ جا ماڻهو مک ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ آواز اٿارين ٿا. هن وقت ته وفاقي پارٽي پ پ جا سنڌ وارا اڳواڻ به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حوالي سان درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڳالهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ئي چونڊيل ايم اين ايز پاران قومي اسيمبلي ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ بل تيار ڪيو ويو آهي. سنڌ اندر ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر جي خانگي ۽ وفاقي اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ تي پڻ احتجاج ٿي رهيا آهن. دفتري ٻولي طور سنڌي کي عملي انداز ۾ آڻڻ لاءِ زور ڏنو پيو وڃي پر سرڪاري طور رويو ساڳيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جا اڳوڻا سيڪريٽري جنرل ٻولي جي حوالي سان جدوجهد بابت ساڳي راءِ رکن ٿا. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر ادل سومري جو ان سوال ته ادبي سنگت پاران ٻولي جي حوالي سان ڪهڙي جدوجهد ڪئي وئي آهي، جي جواب ۾ چوڻ آهي ته ون يونٽ کان ادبي سنگت ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪردار ادا ڪيو، پر جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ٻولي جي نيڪالي ٿي ته ان خلاف ادبي سنگت ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي پاران جيڪو مظاهرو ڪيو ويو، ان جي اڳواڻي محمد ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي، احسان بدوي ۽ ٻين ڪئي هئي. سنڌي ٻولي کي پنجين درجي تائين محدود ڪرڻ خلاف ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن ڀرپور صحيحن جي مهم به شروع ڪئي هئي. يوم سنڌي زبان جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو. حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، ڪراچي، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا وڏا جلسا ڪيا ويا هئا، ٻولي تحريڪ دوران سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز، رشيد ڀٽي، اختر بلوچ ۽ ٻيا جيل ۾ ويا هئا. ادبي سنگت جو ٻولي لاءِ ڪردار ۽ جدوجهد اڃا تائين هلندڙ آهي. ٻولي کي خطرناڪ جي حوالي سان ادل سومري جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب ته ٻولي کي خطرو آهي پر پنهنجن کان به ان کي اهو خطرو آهي ته وڏن وڏن خانگي اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهايو ٿو وڃي پر انهن اسڪولن ڏانهن اهو ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته سندن ٻار سنڌي پڙهي رهيا آهن يا نه. هن چيو ته سنڌي ٻولي سميت ٻين ٻولين کي مادري ٻولي ڪيو ويندو ته ان جي ترقي ٿيندي جيئن هندستان ۾ قومي ٻولين کي سرپرستي آهي، تئين هتي سنڌي ٻولي کي به سرپرستي ملي ويندي ۽ ٻولي کي به ترقي جا موقعا ملندا. سنڌي ادبي سنگت ۾ چار ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهندڙ نامياري اديب تاج جويو جو چوڻ آهي ته سنڌي ادبي سنگت وجود کان وٺي سنڌي ٻولي لاءِ ڀرپور نموني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندي پئي اچي. هن چيو ته جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاقي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو، تڏهن کان وٺي سنڌي اديبن ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو. هن چيو ته 1956ع ۾ جڏهن ادبي سنگت 12 شاخن جو وجود رکيو ۽ ان جي ڦهلاءُ ڪيو ته ان جو جيڪو آئين ٺاهيو ويو، ان ۾ بنيادي نقطو سنڌي ٻولي متعلق هو. بنگالين ٻولي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽21 فيبروري 1952ع تي ٻولي جي بنياد تي قتل عام ٿيو پر بنگالين فتح ماڻي، اهو ئي سبب آهي جو اقوام متحده به 21 فيبروري تي مادري ٻولين جو ڏينهن ملهائي پئي. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت ڪنهن به دور ۾ غافل نه رهي آهي ۽ هاڻ اها خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌي قوم اديبن جي ڳالهه سمجهي وئي آهي، قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو سڌي طرح سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ثقافت کاتي جي وزير پاران ٻولي ڪاميٽي ٺاهي آهي، اسان پاران ان ڪاميٽي جي بنياد تي جنهن ۾ لينگئيج اٿارٽي به شامل آهي، بل جون غلطيون درست ڪري ميمبرن کي ڏني آهي ته جيئن اهي اسيمبلي مان بل پاس ڪرائين. ٻولي جي خطرن جي حوالي سان تاج جويو جو چوڻ آهي ته بنگالين کي ٻولي جي حوالي سان جواب ڏنو ويو ته ان ڏينهن کان وٺي ڏار پئجي ويا هئا ۽ انهن ڌار ملڪ ٺاهيو ان ڪري ملڪ جي قومي ٻولين وارا ماڻهو چون ٿا ته سندن ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، نه ته اهو سمجهيو ويندو ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ ئي ڏار وجهڻ چاهي ٿي، اهو فيصلو حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي پوءِ ان جو ذميوار ملڪ جي قومن کي نه سمجهيو وڃي. نامياري شاعري ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اياز گل جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي لاءِ ادبي سنگت جي هلايل تحريڪ هاڻ فائدي واري ٿي رهي آهي، ڇوته اڄ سنڌ جو عام ماڻهو به پنهنجي سوچ تبديل ڪري چڪو آهي ۽ اڪثريتي عوام چاهي ٿو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. ۽ ساڃاهه وند طبقو سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي گهر ڪري رهيو آهي. اڄ سڀ کان وڏي پيش رفت اها آهي ته وفاق پرست سياستدان به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جا حامي ٿيا آهن ۽ ان لاءِ اهي عملي طور اسيمبلين ۾ آواز به اٿارين ٿا. اياز گل جو چوڻ آهي ته اڃا به اسان کي پنهنجي سموري سگهه ۽ سچائي سان مصلحتن کي پاسي رکي ڪوششون ورتيون وينديون ته يقينن مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ملي ويندو. هن ان سوال جي جواب ۾ ته جيڪڏهن قومي ٻولين جو درجو مليو ته مادري ٻولين کي ڇا فائدو ٿيندو؟ بابت چوڻ آهي ته جيڪي بنيادي حق آهن اهي ملندا قوم جو نالو سڄي دنيا ۾ وڌيڪ سگهاري نموني ورتو ويندو ۽ سڃاڻپ ملندي ته مادري ٻوليون سرڪاري طور به اهميت واريون آهن. هن چيو ته دنيا ۾سنڌي ٻولي ڪيترن ئي هنڌن تي ڳالهائي ٿي وڃي پاڙيسري ملڪ ۾ ٻين مادري ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي کي به سرڪاري ٻولي جو درجو حاصل آهي جنهن ڪري اتان جي ادب ۽ سنڌي ڪلچر کي فائدو رسي ٿو. نالي واري شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج بلوچ ادبي سنگت جي ٻولي بابت جدوجهد لاءِ ڳالهائيندي چيو ته 1960ع ڌاري جڏهن شريف ڪميشن سنڌ مان سنڌي ٻولي کي سنڌي ميڊيم طور واهپي ۾ آڻڻ لاءِ بندش وڌي، ان دور کان اسان ان تحريڪ ۾ شامل آهيون. اسان سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن اڄ به اهو مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌي ٻولي کي هاڻ قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي جيڪا اسان جي فطري ۽ قانوني حيثيت آهي. سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز سنڌي ٻولي بابت جدوجهد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ابتدا کان ئي ان ڳالهه جي حامي رهي آهي ته پاڪستان جي وفاق اندر سنڌي ٻولي جي حيثيت ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معتبر ۽ آڳاٽي آهي ڇاڪاڻ ته ان جي پنهنجي لکت آهي ان لحاظ کان ۽ قديم تهذيبي حوالي سان به سنڌي ٻولي اهو لهي ٿي ته ان کي پاڪستان جي ٻين ٻولين سان گڏ قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، ڇو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومي ٻوليون آهن، ان ڪري سنڌي ٻولي کي به قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو ته ان سان وفاق جي سالميت کي ڪو به خطرو ناهي ۽ نه ئي ٻين ٻولين جي ڪا تق تلفي ٿيندي. ادبي سنگت شروع ۾ صحيحن واري مهم شروع ڪئي هئي، جنهن کي 40 سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي ان کانپوءِ لڳاتار اهو مطالبو سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٿيندو رهيو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر، اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل مختيار ملڪ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ بابت ٻڌايو ته سنڌي ٻولي جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت شروع کان وٺي ترقي لاءِ ڪوشان رهي آهي، ان ڏس ۾ 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ سيڪريٽري جنرل جي عهدي دوران مون سنڌي ٻولي جو هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ 11 اپريل کان وٺي 17 اپريل تائين سڄي سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت نه رڳو سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ سيمينار ۽ ٻيون ادبي ويهڪون ڪرايون پر مرڪز پاران سنڌي ٻولي سان وچن جي عنوان سان سڄي سنڌ ۾ هڪ اقرارنامو جاري ڪري هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کان صحيحون ورتيون ويون، اهڙي ريت سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ پائيدار ترقي لاءِ اپاءُ وٺڻ جون ڪوششون هميشه ٿينديون رهيون آهن هن وقت ادبي سنگت پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوشش حقيقت ۾ سنڌي ٻولي کي پنهنجو جوڳو مان ۽ مرتبو ڏيارڻ جي صحيح آهي. هن ڏس ۾ هاڻي اها سياسي ڌرين جي ذميواري آهي ته قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ بل لاءِ ٻين صوبن کان به حمايت حاصل ڪن. سنڌي ادبي سنگت جي هاڻوڪي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل ٻولي بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ جي اديبن، دانشورن جو گڏيل موقف آهي ته سنڌ کي پنهنجي هڪ الڳ تهذيب ۽ ثقافت آهي ان جي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي ننڍي کنڊ جا سمورا ماڻهو گهڻ ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن ۽ انهن جي سڃاڻپ ئي ٻولين جي بنياد آهي، افسوس ته 7.5 سيڪڙو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو ۽ اسان ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ ئي بنگالي ٻولي کي به قومي ٻولي تسليم ڪيو ويو ته ٿيڻ ته ائين کپندو ته ساڳي فارمولي تحت چئين صوبن جي اڪثريتي ٻولين کي قومي ٻولين طور تسليم ڪيو وڃي ها. هاڻ پاڪستان کي ٻولين جي حوالي سان اڳ ۾ به خراب صورتحال مان گذريو آهي ۽ اهو ئي سبب هو جو ملڪ جي وحدت کي نقصان ٿيو. سنڌي ماڻهو به پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي حوالي سان گهڻا بيچين ۽ جذباتي رهيا آهن. سنڌي ادبي سنگت واضح ٿي ته اسان کي ڪنهن به ٻولي سان ڪا به نفرت ناهي ۽ اسان پنهنجو آئيني اخلاقي ۽ فطري گهر ڪري رهيا آهيون، وفاق جي چئني علامتن جي اصلوڪين ٻولين سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. اسان جي ٻولي ادبي ۽ ميڊيا ڪميونٽي سان پنهنجو عزم قائم رکي ٿي ۽ سنڌي ٻولي جون پاڙون ڌرتي ۾ کتل آهن، اسان جي ٻولي کي ترقي پسند ۽ سائنس ادب به ڀرپور نموني سان لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ۽ اسان وٽ تمام گهڻي انداز ۾ سنڌي اخبارون به شايع ٿي رهيون ۽ سنڌي ٽي وي چئنل به ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ماڻهن جي بيچيني کي ختم ڪندي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته جئين پنهنجائپ، رواداري ۽ سهپ جو ماحول پيدا ۽ ملڪ ٻولين کي اهميت ملڻ سان اڃا به ترقي ڪندو، اها اسان جي فطري گهر آهي ته اسان جي ماءُ جي ٻولي کي اهميت ڏئي اخلاقي ۽ قومي قدرن جي پاسداري ڪئي وڃي. اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ممتاز بخاري چيو ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجي سمورن دورن ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور نموني سان جدوجهد ڪئي آهي، جڏهن 95ع 96ع ۾ مرحوم شمس سومرو ۽ ان کانپوءِ مان سيڪريٽري جنرل هئاسين ته تڏهن به ساڳي طريقي سان ٻولي جي حوالي سان جدوجهد ڪئي وئي، 16 آگسٽ تي ٻولي جو ڏينهن ملهايو ويو ۽ 15 سئو کان وڌيڪ اديبن جون صحيحون ڪرائي تڏهن 1996ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ڏانهن موڪليون ويون ته مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. ناليواري شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال چيو آهي ته 21 فيبروري سڄي دنيا مادري ٻولين جي ڏينهن طور ملهائي رهي آهي اسان کي فخر آهي ته اسان جي سنڌي زبان دنيا جي سڌريل زبانن مان هڪ آهي، نيويارڪ مان ٻولين تي شايع ٿيل ڪتاب لينگويجز آف دي ورلڊ ۾ سنڌي زبان جو تفصيل موجود آهي ۽ ان ڪتاب ۾ 57 ، 58 دنيا جون زبانون موجود آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هزارين زبانن مان سنڌي زبان دنيا جي ڪجهه انهن زبانن جي برابر آهي جنهن کي اسان ترقي يافته زبانون چئون ٿا. سنڌ ۾ مغلن جي دور کان به اڳ ۾ سنڌي زبان رائج هئي جنهن کي پوءِ انگريزن الفابيٽ ڏئي 1857ع ۾ سرمارٽل فرئير ان کي سنڌ جي سرڪاري زبان بنائڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو. پاڪستان کان اڳ سنڌي زبان سنڌ جي روينيو ۽ پوليس کاتي ۾ لاڳو هئي جيڪا اڄ به اهڙي ئي نموني سان لکي وڃي ٿي سنڌي زبان جا اکر ان ڳالهه جو دليل آهن ته سنڌي زبان ڳالهائيندڙ دنيا جي هر زبان ڳالهائي سگهي ٿو. جڏهن ته عربي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي لفظ اهڙا آهن، جيڪي ٻين زبانن ۾ اچاري نٿا سگهجن، سنڌي زبان ۾ تعليم، صحت، ٻولي، ادب ۽ قانون جو تمام وسيع ۽ پراڻو رڪارڊ موجود آهي. موهن جي دڙي جي زبان جيڪا اڃا باضابطه خود سواليا نشان آهي، جيڪڏهن ان جي تحقيق ٿي ته يقينن ان ۾ به سنڌي زبان جو بڻ بنياد هوندو. اسان وٽ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي تي جيڪو ڪم ٿيڻ گهربو هو اهو اڃا ان انداز ۾ نه ٿيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ون يونٽ کانپوءِ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي مهم هلائي جنهن جا نتيجا اهي نڪتا ته اسان کي هڪڙو جديد نصاب اخبارون ۽ رسالا مليا ادبي سنگت ٻولي جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي جو چوڻ آهي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي ۽ اڄ انهيءَ جدوجهد ۾ وفاق پرست ۽ قومپرست پارٽيون به شامل ٿي ويون آهن، اها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، ڇوته هاڻي اهي ادبي سنگت جي جدوجهد کي پنهنجي جدوجهد سمجهن ٿا، هن چيو ته جڏهن آئون سيڪريٽري جنرل هئس ته اسان سڄي سنڌ مان صدر کي هڪ لک پوسٽ ڪارڊ موڪليا هئا جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، هن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ادبي سنگت جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ان جو ڪردار واضح آهي، جڏهن ته شمشير الحيدري جي دور ۾ به ادبي سنگت ٻولي جي جدوجهد ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي، ساڻس رابطو ڪري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو. سنڌي،بلوچي،پشتو، پنجابي ۽ سرائڪي کي قومي ٻولين جو سان وفاق ۽ صوبن ۾ رابطا بهتر ٿيندا ايم بي سومرو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ سنڌي ميمبرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سگهجي ٿو ۽ اهڙا مثال دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود آهن، سنڌي، بلوچي، پشتو ، پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ سان وفاق ۽ صوبن ۾ اعتماد جي فضا قائم ٿيندي، انهن ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ سان قومي ترقي ۾ واڌ ٿيندي، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جنهن ٻين ميمبرن سان گڏجي سنڌي، سرائڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل به جمع ڪرايو آهي، ان جو چوڻ آهي ته سنڌي سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولي وارو درجو ڏيڻ وارو بل قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ آهي، مون اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ميمبرن سان ان بل تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڌار ڌار ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، هن چيو ته ڪنهن به اشو بابت ڪو به موقف اختيار ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر اهو درست ناهي ته هڪ کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو مليو ته مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ٿيندا. ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته اردو کانسواءِ ٻين ٻولين کي به قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، هن چيو ته ٻولين وارين بل بابت اڪثريت قائل نه ٿي آهي پر ڪوششون جاري آهن ۽ آئون پر اميد آهيان. مسلم ليگ (ق) جي ايم اين اي ماروي ميمڻ جنهن جي ٻولي بابت بل کي قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ماروي ميمڻ نواب يوسف ٽالپر سان گڏجي ٻيهر ٻولين جو بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو آهي، ماروي جو چوڻ آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته هڪ کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو مليو ته مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ٿيندا پر حقيقت اها آهي ته سنڌي، سرائڪي، بلوچي ، پنجابي ۽ پشتو کي جيڪڏهن سرڪاري سطح تي بل پاس ڪري عزت ڏني وئي ته صوبن ۽ وفاق وچ ۾ هم آهنگي جو ماحول پيدا ٿيندو. هر صوبي ۾ اڪثريت سان ڳالهائي ويندڙ ٻولي کي جائز مقام مليو ته ڪروڙين ماڻهو ان فيصلي کي پاڻ لاءِ عزت وارو فيصلو محسوس ڪندا. هن چيو ته ٻولين جي بل جي مخالف ڪندڙ اصل ۾ پاڪستان جي حق ۾ ڳالهه نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مون چئني صوبن جي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي خط لکيا آهن ته اهي پنهنجي پنهنجي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلين ۾ قراردادون منظور ڪرائين، هن چيو ته مون ٻولين جي بل تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ چئني صوبن جي دانشورن ۽ اديبن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جتان زبردست موٽ ملي آهي هن چيو ته مان صدر آصف علي زرداري مان اها اميد ڪريان ٿي ته اهو بل بابت جلد واضح فيصلو ڪندو، اهڙي طرح پيپلز پارٽي جي ايم اين اي گل محمد جکراڻي چيو آهي ته سنڌي، سرائيڪي،پنجابي ، بلوچي ۽ پشتو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ سان صوبن ۽ وفاق ۾ رابطا بهتر ٿيندا. ٻولين کي جائز حق کان محروم رکڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي، هن چيو ته بنگالي ٻولي کي نظر انداز ڪيوويو ته ملڪ اندر ان ڪري ئي شڪ پيدا ٿيا هئا ان ڪري هاڻ وقت گهڻو گذري چڪو آهي ٻولين کي هاڻ جائز مقام ملڻ کپي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنل آهي ۽ هتي به اها تاريخي حيثيت مڃڻي پوندي ته پاڪستان گهڻ قومن جو ملڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان کي قائم ٿئي 64 سال ٿي چڪا آهن پر سنڌي ٻولي ۽ ان جي ثقافت هزارين سالن تائين ٻڌل آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي چئني صوبن جي جماعت آهي، اها ٻولين واري بل جي حمايتي آهي، ٻولي واري پيش ٿيل بل تي 42 ميمبرن صحيحون ڪيون آهن ۽ ان بل جي جي حمايت ۾ 172 ميمبرن جي حمايت جي ضرورت آهي، اسان بلوچي، پنجابي، سرائڪي ۽ پشتو ميمبرن سان به ان حوالي سان رابطو ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهو بل منظور ٿي سگهي. ق ليگ سنڌ جي صدر ۽ ايم اين اي غوث بخش مهر چيو ته مان ٻولين جي بل تي صحيح ڪندڙ ميمبر آهيان، پاڪستان ۾ سنڌي سميت سرائيڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ کپي، ان سان مامرن ۾ بهتري ايندي ۽ ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيندو. جڏهن ته نواز ليگ جي ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لال چيو آهي ته سنڌي، سرائڪي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي ٻولي جو درجو ڏيڻ کپي مان ان بل جو حمايتي آهيان، مان ان بل جي ذاتي طور تي ته حمايت ڪندس پر پنهنجي پارٽي ميمبرن سان به حمايت لاءِ ڳالهيون ڪندس. ان کانسواءِ جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌي، سرائيڪي. پشتو، پنجابي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ گهرجي. هر صوبي جي وڏي ٻولي کي صوبي ۾ سرڪاري ٻولي ۽ مرڪزي سطح تي قومي ٻولي جو درجو ملڻ کپي. جيڪو بهتر عمل ٿيندو. ٻين ملڪن ۾ به هڪ کان وڌيڪ قومي ٻوليون آهن جنهن جو سوئيٽزرلينڊ جو مثال سامهون آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انگريزي ۽ عربي کي لازمي سبجيڪٽ قرار ڏئي پڙهايو وڃي، هن چيو ته جي يو آءِ ان بل جي حمايت ڪري ٿي مون سينيٽ ۾ پڻ ٻولين جو بل جمع ڪرايو آهي ۽ هاڻي جلد جيئن سيشن شروع ٿيندو ته مان پنهنجي ميمبرن سودو ٻين ميمبرن کان ان بل تي صحيحون وٺندس. سنڌ جا ٻولي ماهر ۽ اديب چون ٿا ٻولين وارو مسئلو سياسي نه پر علمي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجي سکر لاشاري ٻولين جي ماهر محمد قاسم ٻگهيو جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ٻولين جي مسئلي تي ڪڏهن به ڌيان ناهي ڏنو ويو، تنهن ڪري هتي تعليمي نظام تمام گهڻو پوئتي پيل آهي، هن چيو ته ٻولين وارو مسئلو سياسي نه پر علمي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ چئني صوبن جي ثقافت ۽ قدرن کي سمجهندڙ ماڻهن تي مشتمل ٻولي ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا ڪميشن قومي ٻوليون قرار ڏنل ٻولين جي درجابندي طئه ڪري سڀ معاملا واضح ڪري، جنهن سان ڪوبه تڪرار يا قومن وچ ۾ نفرتون پيدا نه ٿينديون. هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ٻولين جا مسئلا سياسي بنيادن تي حل ناهن ڪيا ويا ۽ نه ئي سياسي ماڻهن کي ٻولين بابت گهربل ڄاڻ هوندي آهي، تنهن ڪري ٻولين جو معاملي کي نج علمي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جا اديب، دانشور پنهنجي وس حيثيت جيتري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. . سنڌ جي ناليواري اديب حميد سنڌي چيو آهي ته سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه توڙي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي ڪڏهن به حڪومت جي سپورٽ ناهي ملي، تنهن هوندي اديب، شاعر ۽ ليکڪ پاڻ ڪتاب ڇپرائڻ، ريليون، سيمينار ڪوٺائڻ ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪرائي پاڻ نڀايو آهي، جنهن تي کين جس هجي، هن وقت ٻولي واري معاملي تي سنڌ حڪومت جي سپورٽ حاصل آهي، سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ ۾ ايم اين اي ماروي ميمڻ جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو مليل آهي ۽ انهن ٻولين کي سرڪاري طور پڙهايو وڃي ٿو ته پوءِ هتي چئن وحدن جي سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڇو نٿو ملي سگهي؟ هن چيو ته ٻولين واري بل کي بنا دير منظور ٿيڻ گهرجي.سنڌ جي جڳ مشهور شاعر امداد حسيني جو چوڻ آهي ته سنڌي، پنجابي ۽ ٻين صوبائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيل بل جي پ پ، (ق) ليگ، (ن) ليگ ۽ ٻيون پارٽيون سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي منظور ڪرائين. هن چيو ته ڀارت ۾ سنڌين جي ڌرتي به ناهي، اتي سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو مليل آهي ته پوءِ هزارين سالن جي تهذيب و تاريخ رکندڙ سنڌي ٻولي کي پنهنجي ڌرتي تي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته انگريزن جي غلامي واري دور ۾ جيڪي سنڌي ٻولي کي حق مليل هئا، هاڻ اهي به ناهن مليل. هن چيو ته ون يونٽ جي دور ۾ سنڌي ٻولي تي وار ڪيو ويو، اديبن، شاعرن، ليکڪن جدوجهد ڪري حق بحال ڪرايا. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. جڏهن ته سنڌ جي نامياري شاعره پروفيسر سحر امداد چيو ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ ليکڪ سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ جمع ٿيل بل جي مڪمل حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته هن وقت 18هين ترميم جي منظور ٿيڻ کانپوءِ صوبائي خودمختياري ملڻ ۽ ڪيترائي کاتا صوبن حوالي ٿيڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان ۾ سنڌي، پشتو، پنجابي، بلوچي ۽ ٻين صوبن جي ٻولين کي پنهنجا حق ملڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ هميشه جدوجهد ۾ رهيا آهن. هن چيو ته ايوب جي دور ۾ سنڌي ٻولي تي حملو ڪيو ويو، جنهن خلاف سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن هڪ آواز ٿي جدوجهد ڪئي، سنڌي شاعرن اديبن، ليکڪن، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لکڻ جي سگهه رکڻ باوجود انهن سنڌي زبان کي پنهنجي روح جي آواز سمجهندي سڄي زندگي سنڌي ۾ لکندا رهيا آهن. سرائيڪي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي مخالفتپنجاب جا اديب به مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي حق ۾ آهن سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٻولي بل جمع ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جيان پنجاب ۾ پنجابي ادبي سنگت پاران به جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي آهي، جاڳرتا مهم سان گڏ ٻولي بل کي منظور ڪرائڻ لاءِ ايم اين ايز سان رابطا ڪرڻ جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي، ان حوالي سان پنجابي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عباد نبيل شاد ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ اڪثريت ۾ پڙهندڙ شاگردن جي مادري زبان پنجابي آهي پر شاگردن کي مادري زبان پنجابي ۾ تعليم کان محروم رکيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌي، پنجابي سميت چئني صوبن جي مک ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ملڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته ٻولين واري معاملي تي ملڪ کي ڪو خطرو ناهي، سياسي پارٽين کي بهادري جو مظاهرو ڪندي ٻولي بل کي منظور ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ٻولي کي منظور ڪرڻ لاءِ پنجابي ادبي سنگت جا ضلعي عهديدار پنهنجي لاڳاپيل علائقن جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان رابطا ڪري کين بل جي حمايت لاءِ قائل ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اڄ لاهور ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته ٻولي بل جي حمايت ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٻولين واري معاملي تي سنڌي ادبي سنگت جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، پنجابي، سنڌي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين کي پنهنجو جائز حق ڏئي کين قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. پنجابي ٻولي جي ناليوارن ليکڪن چوڌري نذير مهوٽ، شفقت تنوير مرزا، شيري مسعود، ڪوثر تنوير ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ صرف هڪ ٻولي آهي ۽ اها پنجابي آهي، سرائيڪي هڪ لهجو آهي ان کي ٻولي چوڻ زيادتي آهي، سرائيڪي کانسواءِ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، چوڌري نذير مهوٽ واضح لفظن ۾ چيو ته پاڪستان ۾ قومي ٻوليون صرف سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتون آهن جيڪي چئني صوبن ۾ اڪثريت سان ڳالهايون وڃن ٿيون، هن چيو ته اسان سنڌ ۽ پنجاب جي سلامتي خلاف ڪو به قدم برداشت نه ڪنداسون ۽ قومي ٻولين ۾ جيڪڏهن چئني ٻولين کي رکيو وڃي ته اسان ان تحريڪ ۾ شامل رهنداسون. سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي:بلوچستان جا اديب ۽ دانشور علي گراماڻي بلوچستان جي اديبن توڙي دانشورن به اهو مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي، بلوچي، پنجابي،پشتو ۽ سرائيڪي سميت ملڪ جي سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ تعليمي نصاب به مادري ٻولين ۾ هجڻ گهرجي، انهيءَ سان گڏوگڏ سرڪاري آفيسن جو ڪم به مادري ٻولين ۾ ٿيڻ گهرجي، جيڪو سڀني قومن جي ٻولين جو بنيادي حق آهي ، ان حوالي سان بلوچ اڪيڊمي جي چيئرمين ۽ بلوچستان جي اديب واحد بنديگ جو چوڻ آهي ته پاڪستان چار وحدتن تي بڻيو آهي پاڪستان هن وقت پنجن زبانن جي زمين آهي، سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائيڪي هن سرزمين جون ٻوليون آهن تنهن ڪري سمورن زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي واحد بنديگ ٻولين بابت ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌي زبان پوءِ به ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪافي اڳتي آهي، جيڪا پرائمري کان وٺي يونيورسٽين تائين پڙهائي وڃي ٿي اهڙيءَ ريت بلوچستان جي اديبن توڙي دانشورن جي پڻ اها ڪوشش آهي ته بلوچستان ۾ رهندڙ بلوچن کي به ان جي مادري زبان ۾ پڙهايو وڃي ۽ تعليمي نصاب به مادري ٻوليءَ ۾ هجڻ گهرجي ۽ سمورن مادري ٻولين کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو وڃي ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪار به مادري ٻولين ۾ ٿيڻ گهرجي جيڪو سمورين ٻولين جو حق آهي پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته بلوچي زبان سان سڀ کان وڏو ظلم اهو آهي ته پرائمري ۾ بلوچي زبان نه ٿي پڙهائي وڃي ۽ وري يونيورسٽي ۾ بلوچي پڙهائي پئي وڃي جيڪو ڪنهن به زبان سان هڪ وڏو مذاق آهي هن وڌيڪ چيو ته اسين حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته سمورن مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي، اهو سڀني قومن جو حق آهي، جڏهن ته علي ڪميل قزلباش جو ٻولين بابت چوڻ آهي ته ٻولين بابت بل قومي اسيمبلي ۾ گهڻو وقت اڳ ۾ اچڻ گهرجي ها پر جيڪڏهن بل هاڻي آيو به آهي ته انهيءَ کي پاس ڪرڻ ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته خيبر پختونخواه ۾ پشتو زبان جو اڄ به رواج آهي، سنڌ ۾ ته سنڌين پنهنجي زبان لاءِ وڏي قرباني ڏني جنهن سبب سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائي ۽ پڙهائي وڃي ٿي، بلوچستان ۾ به ماضيءَ ۾ اهڙو سلسلو شروع ڪيو ويو هو پر بدقسمتي سان بلوچي زبان کي تعليمي ادارن مان ڪڍيو ويو، براهوي ادب سان تعلق رکندڙ منظور بلوچ جو ٻولين بابت چوڻ آهي ته ٻولين جو مسئلو هميشه هڪ حساس مسئلو رهيو آهي سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي تاريخ به ڏسو ته اردو ۽ هندي ٻولي جو جهيڙو ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد بنگالين جو جيڪو بنيادي اختلاف هو، اهو به زبان تي هو، جڏهن اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو ته بنگالين اهڙي قدم جي سخت مذمت ڪئي ۽ پوءِ اها ئي تحريڪ اڳتي هلي آزاديءَ جي تحريڪ بڻجي وئي پر افسوس ته جڏهن بنگالي ٻولين بابت پنهنجي جدوجهد ڪري رهيا هئا ته اسان جي اديبن ،دانشورن،پنهنجن ٻولين بابت ڪا به مهم نه هلائي جيڪڏهن انهيءَ دوران ٻولين بابت جدوجهد ڪئي وڃي ها ته اڄ اسان جي ٻولين سان اهڙو حشر نه ٿئي ها، اهڙي طرح سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوئيٽا جي صدر اختر علي جو چوڻ آهي ته سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريو وڃي، اسين پنهنجن ٻولين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، بلوچستان جي هڪ ٻئي اديب ۽ دانشور ناطق جو چوڻ آهي ته مادري زبان ئي انسان جي اصل پئدائشي زبان آهي دنيا جي سمورن ترقي ڪندڙ قومن پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڪم ڪندي ترقي حاصل ڪئي آهي، تنهن ڪري اسان جي حڪمرانن کي به گهرجي ته ملڪ جي سمورن مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درج ڏيندي سمورين ٻولين کي اسڪولن ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ کي يقيني بڻايو وڃي حڪومت ٻولين واري بل کي منظور ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي: سسئي پليجو ثقافت واري صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ جمع ٿيل ٻولي بل هڪ بهتر قدم آهي، پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر ۽ ٻين ميمبرن پاران جمع ڪرايل بل کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۽ اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ وڏي پئماني لابنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته نامياري اديب ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ جوڙيل ٻولي ڪاميٽي جمع ٿيل بل مان ڪمزوريون ختم ڪري ان کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ترميمي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي، جنهن کي سندس سربراهي ۾ جوڙيل سب ڪاميٽي اسلام آباد پهچي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا سان ملاقات ڪري ترميمي ڊرافٽ پيش ڪندي، جنهن بعد (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سميت سمورن پارٽين جي سربراهن ۽ ميمبرن کي ترميمي ڊرافٽ ڏيڻ کين ٻولي بل منظور ڪرائڻ لاءِ قائل ڪيو ويندو. هن چيو ته کيس اها اميد آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبر بل جي حمايت ڪندا، جڏهن ته ٻين ميمبرن کي بل جي حمايت ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته پ پ جي جمهوري حڪومت ٻولين واري بل کي منظور ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته ٻولي بل منظور ٿي ويندو. سسئي پليجو چيو ته اڄ ٻولي اٿارٽي پاران ٻولي واري معاملي تي ڪوٺايل سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي اديبن، دانشورن کي پڻ ٻولي ڪاميٽي پاران تيار ڪيل ترميمي ڊرافٽ بابت اعتماد ۾ ورتو ويندو. سسئي پليجو چيو آهي ته اڄ ٿيندڙ سيمينار ۾ ٻولي ڪاميٽي طرفان تيار ڪيل ترميمي ڊرافٽ پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر حوالي ڪيو ويندو. صوبن کي 1940ع واري قرارداد تحت رياستون قبول ڪري انهن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي: ابراهيم جويو سنڌيءَ سميت چئني وحدتن جي مک ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ هلندڙ مهم ۽ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي نامياري اديب ۽ دانشور ابراهيم جويو سان روزاني ”ڪاوش“ پاران ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ابراهيم جويو جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سمورين سياسي سماجي جماعتن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، شاگردن، هارين، مزدورن کي هم آواز ٿي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو موقف چٽي نموني پيش ڪرڻو پوندو، سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو هر ضلعي ۾ پنهنجي ايم اين ايز ۽ ٻين چونڊيل نمائندن آڏو سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ بابت موقف سندن آڏو رکن. ابراهيم جويو چيو ته قومن جي جديد تسليم ٿيل تربيتي جزن ۾ ٻولي ۽ علائقي کي اولين حيثيت مليل آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ تاريخي روايتن ۾ گڏيل معاشي توڙي ثقافتي قدرن کي پڻ هڪ قوم ۾ شامل سمجهيو ويو آهي، اهي سڀ خوبيون هڪ قوم جي حيثيت ۾ سنڌي قوم ۾ آهن، ان اعتبار کان اها قوم جي جديد قوم جي تسليم ٿيل نظريي تي پورو لهي ٿي، تنهن ڪري سنڌي قوم سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ واري مطالبي ۾ حق به جانب آهي، هن چيو ته وقت جي تقاضا اها آهي ته موجوده صوبن کي 1940ع واري قرارداد تحت رياستون قبول ڪري انهن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته اردو قوم نه هوندي به اردو ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي ته ملڪ کي ٺاهيندڙ حقيقي ايڪتائن جي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ ڪهڙي ڏکيائي آهي؟ هن چيو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ۽ گهڻ ثقافتي ملڪ آهي، انهيءَ ڪري ان ۾ شامل قومن کي تسليم ڪيو وڃي، ورهاڱي کان وٺي ٻولي جو مسئلو اڻ نبريل رهيو آهي، جنهن کي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو آهي، انهي مسئلي تان بنگال جي ورهاڱي وارو واقعو پيش اچي چڪو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته ٻوليءَ وارو معاملو ڪيتري حساس نوعيت جو آهي. محمد ابراهيم جويو چيو ته ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته چئني صوبن جي ٻولي ماهرن تي مشتمل هڪ ٻولي ڪميشن جوڙي وڃي ها، جيڪا ملڪي سطح تي ٻولين جون حد بنديون ڪري مسئلو حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ها. ڀارت ۾ 800 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، سنڌي سميت 22 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو مليل ڀارت جي مختلف رياستن ۽ علائقن ۾ مختلف 800 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جيتوڻيڪ ڀارت ۾ هندي سميت 22 ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ۽ دفتري ٻولي جي حيثيت مليل آهي ۽ اهي ٻوليون حڪومتي ڪمن ڪارن ۾ استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته عام طور تي آفيسن ۾ هندي ۽ انگريزي ٻولي استعمال ٿئي ٿي، جن 22 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو مليل آهي، جڏهن ته انگريزي ايسوسيئيٽ آفيشل لئنگويج يعني دفتري استعمال ۾ مددگار ٻولي طور استعمال ٿئي ٿي، جن 22 ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو مليل آهي انهن ۾هندي، ماني پوري، مراٺي، آسامي، بنگالي، بوڊو، ڊوگري، گجراتي، ڪناڊا، ڪشميري، ڪونڪاني، نيپالي، آريا، پنجابي، سنسڪرت، سينٽالي، سنڌي، تامل، تيلگو، ملايلم، ميٺئي ۽ اردو شامل آهن، آسامي ٻولي آسام رياست جي دفتري ٻولي آهي، بوڊو ٻولي به آسام ۾ ئي استعمال ٿئي ٿي، جڏهن ته بنگالي ٻولي تريپورا ۽ اولهه بنگال ۾ آفيسن ۾استعمال ڪئي وڃي ٿي، ڊوگري ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻولي آهي، گجراتي ٻولي گجرات، ڊيو، نگر حويلي، دامن ۽ دادرا ۾ استعمال ٿئي ٿي، هندي ٻولي لڳ ڀڳ سمورين رياستن ۾ استعمال ٿئي ٿي پر اترپرديش ، اتر آنچل، راجسٿان، مڌيا پرديش، جهارکنڊ، هماچل پرديش، دهلي، هريانا، چنديڳڙهه، ڇتيس ڳڙهه، بهار ۽آنچل پرديش ۾ هندي ٻولي جو وڌيڪ استعمال ٿئي ٿو، مراٺي ٻولي مهاراشٽر رياست ۾ دفتري ٻولي بڻيل آهي، جڏهن ته آريا اڙيسا رياست ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، سنڌي ٻولي سنڌي برادري ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي جن جو وڏو انگ ممبئي، الهاس نگر، راجسٿان، پونا ۽ ٻين هنڌن تي رهائش پذير آهي، اردو ٻولي ڄمون ڪشمير، آندرا پرديش، دهلي ۽ اتر پرديش ۾ استعمال ٿئي ٿي، ان کانسواءِ ٻين ڪجهه علائقن ۾ ٻيون مقامي ٻوليون به استعمال ٿين ٿيون جيئن تري پورا ۾ ڪوڪ بوروڪ، ميگهاليا ۾ کاسي ۽ گارو ٻولين کي دفتري ٻولي جي حيثيت مليل آهي، ڀارت ۾ بهاري ٻولي ڳالهائيندڙ 50 لک ماڻهو آهن، ان کانسواءِ ڀوڄپوري، ميگادي، انگيڪا، مارواڙي، ميواري، شيکاوتي، ڪڇي، گوندي، ڀيلي ۽ ڪيتريون ئي ٻوليون به مختلف علائقن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. پختون اديب قومي ٻولين بابت چون ٿا: قومن جي اصل سڃاڻپ ته سندن مادري ٻولين ۾ ئي هوندي آهي خدا ڏنو شاهه توڙي جو هن وقت پاڪستان ۾ رهندڙ قومن جن ۾ سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي ۽ پختون قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور انداز ۾ تحريڪ جاري آهي، هجڻ ته ائين گهرجي ها ته پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي ملڪ ۾ رهندڙ پنجن ئي قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي ها پر اها ملڪ جي بدقسمتي چئجي يا وري قومن جي بدقسمتي چئجي ته ملڪ ۾ رهندڙ پنجن قومن مان ڪنهن قوم جي مادري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملي سگهيو آهي، هن وقت ملڪ ۾ جيڪا ٻولي قومي ٻولي جي حيثيت رکي ٿي، اها ٻولي ملڪ ۾ رهندڙ پنجن قومن مان ڪنهن به قوم جي مادري ٻولي نه آهي، چيو وڃي ٿو ته ٻولين جون ڪي به سرحدون نه آهن، ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي اردو ٻولي سان به اوترو ئي پيار آهي، جيترو اسان کي پنهنجي مادري ٻولي سان لڳاءُ آهي پر ملڪ ۾ رهندڙ قومن جي ٻولين مان ڪنهن به قوم جي مادري ٻولي قومي ٻولي وارو درجو حاصل نه ڪري سگهي، اردو جيڪا رابطي واري ٻولي جي حيثيت رکي ٿي، ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ رهندڙ وڏين قومن جن ۾ سنڌي، پنجابي، پختون، سرائيڪي ۽ بلوچ قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي وارو درجو نه ملڻ جي ڪري ٻولين جي وڏي پيماني تي ترقي نه ٿي سگهي آهي، هن وقت ملڪ ۾ پنجن قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور انداز ۾ تحريڪ هلي رهي آهي، هلندڙ تحريڪ جو زور ته فقط سنڌ ۾ ئي نظر اچي ٿو، هتي اسين خاص طور تي صوبي خيبر پختونخواه ۾ پنجن قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جي ڌارا ۾ به شامل ڪرڻ بابت تفصيلي جائزو وٺنداسين ته هن وقت صوبي خيبر پختونخواهه ۾ ڪهڙي صورتحال آهي، جيتوڻيڪ خيبر پختونخواه جي سمورن پشتو ٻولي جي دانشورن توڙي حڪمران پارٽي عوامي نيشنل پارٽي جي مک اڳواڻن جو اهو خيال آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ پنجن ئي قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي پر هن وقت تائين عملي طور تي ڪجهه به نه ٿيو آهي، خاص طور تي هتان جي ادبي لڏي پنهنجي مادري ٻولي پشتو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، مون جڏهن هتان جي سڌسماءَ واري وزير ميان افتخار حسين کان سوال ڪيو ته ميان صاحب توهان قومپرست آهيو ۽ اوهان جي پارٽي هن ڀيري صوبي ۾ اقتدار ۾ هجڻ سان گڏوگڏ مرڪز ۾ وڏو اثر رکي ٿي، ان ڪري پشتو سميت قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ عملي طور تي ڪجهه ڇو نه پيا ڪريو؟ ان سوال جي جواب ۾ وزير موصوف فرمايو ته ملڪ ۾ سنڌين جي حڪمراني آهي، سنڌ اسيمبلي ڇو اهڙو ٺهراءُ پاس نه پئي ڪري، حاڪميت به سنڌين جي آهي ۽ اهي ئي سڀ ڪجهه ڪن، هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته سنڌين کان ٿيندو ڪجهه ڪو نه، اهي فقط پنهنجي گهرن تائين محدود آهن، ٻاهر به نه ٿا نڪرن، ميان افتخار حسين جي جواب جي هڪ حصي کي حقيقت سمجهجي ته واقعي سنڌ توڙي وفاق ۾ سنڌين جي حاڪميت آهي، سنڌ جو ووٽ وٺي اقتدار ۾ پهتل همراهه به سنڌي ٻولي لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪن، پوءِ ٻين تي ڪهڙي ميار آهي پر مون ميان افتخار کي سندس جواب جي ٻئي حصي جو جواب ڏيڻ انتهائي ضروري سمجهيو ۽ چيومانس ته ميان صاحب اسان جي شهرن لاڙڪاڻي کان ويندي بدين تائين، جهڏي کان ويندي ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ تائين، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ توهان کي دڪانن تي سائن بورڊ سنڌي ۾ لڳل ملندا پر توهان جي اپردير ضلعي کان ويندي مردان ۽ پشاور تائين مون کي دڪانن جا توڙي سرڪاري سائن بورڊ ڪٿي پشتو ۾ لکيل ڏيکاريو، اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ شاهڪار ڪنهن جي ٻولي آهي؟ بهرحال ٻولين جي حوالي سان خيبرپختونخوا جي ناليواري اديب پروفيسر راج ولي خٽڪ جو چوڻ آهي ته قومن جي اصل سڃاڻپ ته سندن مادري ٻولي ۾ ئي هوندي آهي، ملڪ ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين جي تاريخ قومن تي ظلم ڪرڻ جي تاريخ آهي، ڪنهن به قوم جي مادري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ قوم کان ترقي جو حق کسڻ برابر آهي ۽ اردو ته آهي ئي رابطي جي ٻولي، جڏهن اردو ڪنهن قوم جي مادري ٻولي ئي نه آهي ته پوءِ ان کي قومي ٻولي بڻايو ويو آهي ۽ قومي ٻولين کي وري علائقائي ٻولي سڏيو وڃي ٿو، جيڪا ننڍين قومن سان سراسر زيادتي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي اصل سڃاڻپ ته ان ۾ آهي ته سمورين قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، پروفيسر راج ولي خٽڪ چيو ته افسوس آهي ته مادري ٻولين کي اڃا تائين اهو مقام نه ڏنو ويو آهي، جيڪو ملڻ گهرجي ها، هن چيو ته پشتو کانسواءِ اسان جي ڪا به سڃاڻپ نه آهي، جڏهن پوري دنيا مڃي ٿي ته ٻار کي تعليم ان جي مادري ٻولي ۾ ملڻ گهرجي پر اسان وٽ اڃا تائين ائين نه ٿي سگهيو آهي، خيبر پختونخواهه جي هڪ ٻئي اديب جيڪو سينيٽر آف پشتو لٽريچر ۽ لئنگويج جو ڊائريڪٽر به آهي، پروفيسر اسرار گوهر چوي ٿو ته پاڪستان اندر جيڪي به وڏيون ٻوليون آهن، انهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي تعليم جو ذريعو بڻايو وڃي، رياست جي ٻولي جيستائين اسان جي ٻولين کي نه بڻايو ويندو، ان وقت تائين ترقي ممڪن نه آهي، جيستائين ٻولين کي سرڪاري ٻولي طور طاقت نه ڏني ويندي، ان وقت تائين ترقي ممڪن ئي نه آهي، پشتو ٻولي جي ناليواري اديب پروفيسر حڪيم الله جو چوڻ آهي ته حڪومت ملڪ ۾ رهندڙ پنجن قومن جي ٻولين کي اهميت ڏي، ڇاڪاڻ ته ٻولين کي اهميت ڏيڻ قومن کي اهميت ڏيڻ جي برابر آهي، هن اعتراف ڪيو ته اسان جي صوبي ۾ ٻولي تي ايترو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جيترو ڪم سنڌ ۾ ٿيو آهي، ناليواري اديب ۽ پشتو ٻولي جي ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر احمد علي عاجز ٻولين کي قومي ٻولي جي درجي ڏيڻ جي حق ۾ دليل ڏيندي چوي ٿو ته هي مسئلو اڄ جو مسئلو نه آهي، اسان جي قوم ته 4 هزار سال پراڻي آهي، سنڌي قوم 8 هزار سالن جي تاريخ رکي ٿي، پر انهن قومن جي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ اسان کي ترقي کان روڪڻ جي برابر آهي، هن ٻڌايو ته اسان وٽ پشتو جو ڪو به ڪيڊر موجود نه آهي، هتي اردو، انگريزي، عربي، اسلاميات جا ڪيڊر ته موجود آهن، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو شاگرد پشتو ۾ ايم اي ڪري ٿو پر هتي ڪيڊر نه هجڻ ڪري هو بيروزگار ٿي رهجي وڃي ٿو بشڪريه ڪاوش.
جواب: مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن هميشه جيئان جامع ليک ۽ تمام گهڻن ليکڪن جا رايا گڏ ڪري پيش ٿيل آهي ۔۔۔ جيئن ته ليک انتهائي ڊگهو ۽ ڄاڻ وارو آهي انڪري آرام سان ويهي پڙهبو ۽ اوهانجا ٿور مڃبا ۔۔۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۔۔۔ جيجل ڏني جنهن ۾ لولي لک ٿورا ممتاز سائين۔