هڪ جائزو هڪ تحقيق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ جائزو هڪ تحقيق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي​

    اڄڪلهه سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري بل جي هاڪ هر هنڌ ٻڌڻ ۾ پئي اچي، مگر ان جو کڙ تيل اڃان نظر ڪونه ٿو اچي جنهن لاء اسان کي پنهنجون ڪوششون اڃان به تيز ڪرڻ گهرجن، ۽ سنڌي قوم جاڳي جدوجهد ڪري پنهنجا حق حاصل ڪري ورنه . ٻي صورت ۾ پوءِ وقت ويندو نڪري ۽ پوءِ ويلُ وقت واپس ناهي ايندو۔۔۔۔۔ ادا اسان سنڌي هر ڳالهه کي تمام لائيٽ وٺندا آهيون جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا حق سدائين ماريه ويا آهن ۔۔ ادا ڌاريا ته آهن ڌاريا انهن ۾ اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، مگر مون کي افسوس ان ڳالهه جو ٿيندو آهي ته اسان جا سنڌي حڪمران هٿ وس هوندي به سنڌين جي حقن واري ڳالهه تي خاموش هوندا آهن، خبر ناهي ڇو،؟ ادا عام چوڻي آهي ته۔۔۔ پاڙو ۽ وطن نبين کي به پيارو۔۔۔ سو ادا پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي، اسان جا ڪجهه مذهبي ماڻهون ان ڳالهه تي ڪجهه عتراض اٿاريندا آهن ته زبان جي يا وطن جي ڳالهه ڪرڻ اسلام ۾ منع آهي سو ان لاء عرض ته وطن جي محبت يا قوم جي زبان جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪو به عتراض ڪونهي، اگر عتراض هجي هان ته سنڌ جي هڪ مذهبي عالم ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب ڪڏهن به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي وارو درجو ڏيڻ جي حمايت نه ڪن هان۔ ادا قومن جي به هڪ پنهنجي حيثيت آهي، ۽ قرآن ۾ فرمايو ويو آهي ته۔۔۔۔ اسان هر قوم( ٻولي وارن تي ) پنهنجو پيغمبر نازل ڪيو آهي۔ سو ادا پنهنجي قوم سان يا پنهنجي ٻولي سان محبت هڪ فطري عمل آهي، اسان جا ڪجهه عالم اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جا ساٿي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي واري درجي ڏيارڻ لاء ڪوشش وٺي رهيا آهن ۽ انهن جو اهيو عمل قابلِ تعريف آهي مگر مان خاص اپيل ڪندس سنڌي وس وارن حڪمرانن کي ته ٻيلي ڪجهه سنجيده ٿيو ۽ هن وقت مهل آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو وڃي، ورنه پوء شايد اسان کي اهڙو موقعو آساني سان نه ملي سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن ته هندستان ۾ سنڌي ادبي سنگت جي باني دادا گوبند مالهي سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ان ٽه مورتي ڪيرت، اتم ۽ مالهي ايتري ته جدوجهد ڪئي جو ان نتيجي ۾ هندستان اندر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو، جڏهن ته اتي هندستان ۾ سنڌين جي ڪا ايتري سنڌ جيتري اڪثريت به نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء ڇو نه اسان انهن عالمن اديبن جي عمل تي عمل ڪري سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ممتاز علي وگهيو۔
    انگريز ڪمشنر جو سنڌي ٻولي لاء حڪم نامي جو عڪس​
    ۔

    [​IMG]

    ۔
    سنڌي ٻولي جو مختصر تعارف ​

    سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ ٻولي آهي، ۽ ڪجهه ٿاريخي حوالا اهي به ملن ٿا ته بريصغير هند ۾ قرآن جو پهريو ترجمو به سنڌي ٻولي ۾ ٿيو، هن وقت سنڌي ٻولي سنڌ جي مک ٻولي آهي، ۽ پوري سنڌ ۾ ڳالهائي ۽ لکي پڙهي وڃي ٿي، . ان کان سواءِ ڪيترا ئي سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جا ٻين صوبن ۾ پڻ پنهنجي سنڌي ٻولي سان محبت جي لڳاءُ سان ڳالهائيندا رهن ٿا، پاڪستان کانسواء ، هندستان، دبئي، سعودي عرب، سريلنڪا، برطانيه، آمريڪا جون گڏيل ‏رياستون، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ملڪ وسائي ويٺا آهن. جتي پڻ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، سنڌ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو تعداد ساڍا 4 ڪروڙ ۽ سموري دنيا ۾ ‏سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 6 ڪروڙ کان مٿي آھي
    سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ​

    پُڻي ۾ چيٽي چنڊ جو ميلوسنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ لسانيات جي عالمن جا مختلف رايا آهن. هڪ خيال اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. عربن جي دور کان پوءِ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ يعني رسم الخط ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دَور (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي رح ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو.جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي خط مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.۔۔پر ان کانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ، جيستائين = جيستاءِ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره.۔۔نيٺ 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جون پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.
    ۔
    سنڌي ٻوليءَ سان دشمني وارو رويو ۽ تعليم کاتو( تاج جويو ) ​

    سنڌي ٻولي گذريل ڪيترين صدين کان سنڌ جي سرڪاري ۽ تعليمي زبان رهي آهي، پوءِ سنڌ جي ڌار ملڪ واري حيثيت رهي هجي يا انگريز دور ۾ ان جو بمبئي سان هڪ پرڳڻي طور الحاق رهيو هجي، يا پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ان جي هڪ صوبي واري حيثيت رهي هجي. ايوبي مارشل لا دوران نام نهاد ”شريف تعليمي ڪميشن“ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ تدريس پنجين ڪلاس پرائمري تائين محدود ڪرڻ جي سازش ڪئي، پر سنڌ جي سجاڳ ۽ سڄاڻ استادن، شاگردن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل اديبن ”تاريخي جدوجهد“ ڪري 14 آڪٽوبر 1962ع تي سنڌي ٻولي جي ساڳي تعليمي حيثيت برقرار ڪرائي ورتي. ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو حيدرآباد جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٽڪا خان ۽ ڪمشنر مسرور حسين به سنڌي ٻولي خلاف سازشون ڪيون. علامه آءِ آءِ قاضي جي وائيس چانسلرشپ تان استعيفيٰ ان جو رد عمل هئي ۽ 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجهد ان جو عروج. 1 جولاءِ 1969ع تي ون يونٽ جي خاتمي، 1970ع جي چونڊن ۽ 1971ع ۾ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ 1972ع ۾ سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي. پ پ جي حڪومت دوران اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪن ڌرين پنهنجي مستقل مفادن (Vested Interests) لاءِ سنڌ جي مستقل آباد ماڻهن (سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن) جي وچ ۾ ”ٻوليءَ وارا جهيڙا“ ڪرايا. نتيجي طور پ پ حڪومت 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان ”سنڌي ٻولي جو بل“ منظور ڪرايو، جنهن کي سنڌ جي گورنر 16 جولاءِ تي بحال ڪيو ۽ ان جو 17 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽري جمال ابڙي، اسپيڪر صوبائي اسيمبلي جي حڪم هيٺ نوٽيفڪيشن ڪڍيو. ان بل کي ”سنڌ (سنڌي ٻولي جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ائڪٽ 1972ع“ سڏيو ويو ۽ ڄاڻايو ويو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري آئين جي آرٽيڪل 267 موجب سنڌي ٻولي کي (قومي ٻولين جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ) سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي طور استعمال ڪيو ويندو. ان ائڪٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته جيئن ته سنڌي ٻولي سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ استعمال ٿي رهي آهي ۽ جيئن ته سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ لاءِ لازمي مضمون هئي، پر ان کي مارشل لا اختيارين جي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو ۽ جيئن ته اها صوبي سنڌ جي فطري آرزو ۽ خواهش آهي ته سنڌي ٻولي جي سکيا ۽ استعمال کي ترقي ڏني وڃي، تنهنڪري هي قانون ٺاهيو پيو وڃي. ان ائڪٽ ۾ سنڌي ٻولي جي سکيا لاءِ فقري 4-15 ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته، ”اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پيئي وڃي، سنڌي ۽ اردوءَ کي لازمي مضمون جي حيثيت هوندي ۽ فقري 4 (2 ) ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سنڌي جي شروعات هيٺين سطح يعني چوٿين ڪلاس کان عمل ۾ آندي ويندي ۽ درجي بدرجي مٿين درجن ۾ ٻارهين ڪلاس تائين رائج ڪئي ويندي. ان ائڪٽ تي ٻيهر گوڙ ڪيا ويا، نتيجي طور وفاقي سرڪار سنڌي ۽ اردو دانشورن کي اسلام آباد گهرايو ۽ طئي ٿيل ڳالهين جي بنياد تي 22 جولاءِ 1972ع تي ”سنڌ آرڊيننس يارهون“ لاڳو ڪيو، جنهن موجب ٻارنهن سالن جي عرصي تائين سنڌي يا اردو جي ڄاڻ نه هئڻ جي بنياد تي سول آسامي يا نوڪري تي تقرر ۽ ترقيءَ جي اهل شخص سان فرق نه رکيو ويندو.۔۔نتيجي طور سنڌي ٻارن کي چوٿين کان يارهين ڪلاس تائين گذريل 34 سالن کان آسان اردو جو مضمون پڙهايو پيو وڃي. پر اردو ٻار چوٿين ۽ ڏهين ڪلاس تائين آسان سنڌي جو مضمون پڙهندا ۽ امتحان ڏيندا اچن ٿا. سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع ۾ ترميمي آرڊيننس يارهين 1972ع موجب، 1984ع کان اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي جو مضمون پڙهڻو هو. پر گذريل حڪومتن خبر ناهي ڪهڙي مصلحت هيٺ يا شايد سنڌ جي مستقل آباد رهواسين جي وچ ۾ ويجهڙائي پيدا نه ٿيڻ جي خيال کان ان تي عمل نه ڪرايو. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ سپلا لڳاتار تعليم کاتي سنڌ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کان يارهين ڪلاس جي غير سنڌي ٻارن لاءِ آسان سنڌي جي نفاذ جو مطالبو ڪندي آئي آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي گذريل ٻن سالن واري مدي دوران مون سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ پنهنجو فرضِ منصبي سمجهي ان مسئلي تي سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي سهڪار ۽ گڏو گڏ سپلا جي مشاورت ۽ سهڪار سان پنهنجي ٽينوئر جا ٻئي سال مطالبن، بک هڙتالن، مظاهرن، سيمينارن ۽ تعليمي ڪانفرنس ذريعي مسلسل جدوجهد هلائي، جيڪا اپريل 2004ع کان 16 فيبروري 2006ع تائين هلندي رهي. ان وچ ۾ سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي ڪاليجز ڪراچي به هن جدوجهد ۾ شروع ٿي وئي. 1 جولاءِ کان 18 جولاءِ 2005ع تائين سپلا حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سنڌي ۽ اردو استادن جي سهڪار سان بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ”آسان اردو“ جي امتحاني پيپرن جي چڪاس جو 32 ساله پراڻو طريقو بحال ڪرڻ ۽ يارهين ڪلاس جي سنڌي نه ڄاڻندڙ شاگردن لاءِ آسان سنڌي جو مضمون لاڳو ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا. هي بک هڙتال ڪامياب وئي ۽ گورنر سنڌ جي سيڪريٽريٽ مان 16 جولاءِ 2005ع تي ٻه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٻنهي مسئلن جي حل بابت سمورن تعليمي بورڊن ۽ سيڪريٽري تعليم کي هدايتون جاري ڪيون. 18 جولاءِ تي سيڪريٽري تعليم غلام علي پاشا ۽ وزير تعليم جي او ايس ڊي منصور قادر جوڻيجو سپلا قيادت سان ڳالهيون ڪري بک هڙتال ختم ڪرائي ۽ ٻئي مطالبا مڃڻ جو واعدو ڪيو. 29 جولاءِ 2005ع تي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي وفاقي وزارت تعليم (ڪرڪيولم ونگ) کي يارهين ڪلاس ۽ ٻارهين ڪلاس جي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ سنڌي ۽ اردو جي اسڪيم آف اسٽڊيز جاري ڪرڻ جي گهر ڪئي، جنهن تي وفاقي وزارت جي ڪريڪيولم ونگ پنهنجي 22 آگسٽ 2005ع جي نوٽيفڪيشن نمبر F-6-5/2005-SSG موجب سنڌ صوبي جي 11 هين ۽ 12 هين ڪلاس جي شاگردن لاءِ هيٺين اسڪيم آف اسٽيڊيز جاري ڪئي.۔۔سنڌي ڳالهائيندڙ شاگرد: (1 )آسان اردو 100 مارڪون، يارهون ڪلاس.(2) سنڌي لازمي،100 مارڪون ٻارهون ڪلاس.اردو ڳالهائيندڙ شاگرد: (1) آسان سنڌي 100 مارڪون، يارهون ڪلاس (2) اردو لازمي 100 مارڪون ٻارهون ڪلاس.وفاقي وزارت تعليم جي ان فيصلي تي عمل ڪندي تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري غلام علي پاشا ساڳي اسڪيم آف اسٽيڊيز تي عمل ڪرڻ لاءِ 27 سيپٽمبر 2005ع تي نوٽيفڪيشن SO(B&U)2-25/2000 جاري ڪري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن کي ان تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. 28 سيپٽمبر 2005ع کان حيدرآباد ۽ ٻين DOE (ڪاليجز) سمورن ڪاليجن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون ته يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي پڙهايو وڃي. سيپٽمبر 2005ع جي ابتدا ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ آسان سنڌي جو ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻي به ڇڏيو، پر ڪراچي ۽ ميرپورخاص بورڊن جي رٽائرڊ ۽ متعصب چيئرمين رئيس علوي ۽ انوار احمد زئي ان تي عمل نه ڪيو. ڪراچيءَ جي ڪجهه متعصب پرنسپالن سان گڏ انگريزي ۽ اردو اخبارن جي ڪجهه ڪالم نگارن سنڌ حڪومت جي ان فيصلي جي مخالفت ڪئي، جنهن تي 14 آڪٽوبر 2005ع تي گورنر سيڪريٽريٽ سنڌ مان سيڪريٽري تعليم کي 27 سيپٽمبر واري نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جنهن تي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم 27 سيپٽمبر 2005ع جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ جي ناڻي واري وزير سردار احمد يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي لاڳو نه ڪرڻ جو بيان ڏنو. ان دوران سنڌ جي وڏي وزير بروقت مداخلت ڪري گورنر سنڌ ۽ وزير تعليم جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪري 27 سيپٽمبر واري نوٽيفڪيشن 1972ع جي ٻولي واري ايڪٽ تي عمل ڪرڻ جو جرئتمنداڻو بيان ڏنو. ان وچ ۾ سنگت ۽ سپلا پاران متحده جي سربراهه الطاف حسين کي خط فئڪس ڪيا ويا ته هن مسئلي تي مداخلت ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيل ڀائپي وارو ماحول خراب ٿي سگهي ٿو، ان تي الطاف حسين پاران اعلان ڪيو ويو ته 1972ع واري ٻولي واري ايڪٽ ۾ ترميم نه ڪئي ويندي ۽ يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي لاڳو ڪئي ويندي.هئڻ ته ائين گهربو هو ته وڏي وزير ۽ الطاف حسين جي بيان کان پوءِ وزير تعليم ۽۔۔سيڪريٽري تعليم کي نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ گهرجي ها، پر هنن اهڙو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪري مسئلي کي منجهائي ڇڏيو. جنوري 6 0 0 2 ع ۾ حيدرآباد تعليمي بورڊ آسان سنڌي جو ماڊل پيپر تيار ڪرائڻ لاءِ ڇهن ڪاليجي استادن کي گهرايو، جن ۾ آئون به شامل هوس، پرجڏهن اهو ماڊل پيپر ڪاليجن ۾ نه پهتو ته شڪ وڌڻ لڳا. 11 فيبروري 2006ع تي سنگت مرڪز پاران پڌرو ڪيو ويو ته حڪومت سنڌ جي واضح پاليسي نه هئڻ ڪري ڪيترن ڪاليجن ۾ شاگردن کان امتحاني فارمن ۾ آسان سنڌي بدران اردو ”ون“ لکايو پيو وڃي ۽ ان مسئلي تي 16 فيبروري 2006ع تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.هينئر جڏهن شاگردن جا فارم ڀرجي چڪا آهن، ان وقت اوچتو حڪومت سنڌ ۽ ان جي ڪامورڪي لڏي جو اصل چهرو منظر عام تي اچي ويو آهي. هنن سنڌ جي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ پئي وڌي، جڏهن ته ڳجهه ڳوهه ۾ 8 نومبر 2005ع تي حڪومت سنڌ جي اجازت سان سيڪريٽري تعليم هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري، وفاقي وزارت تعليم (ڪريڪيوليم ونگ) جي 22 آگسٽ واري نوٽيفڪيشن ۽ ان جي تسلسل ۾ 27 سيپٽمبر 2005ع تي تعليم کاتي سنڌ جي نوٽيفڪيشن کي به رد ڪري ڇڏيو. اهو نوٽيفڪيشن هڪ وڏي عرصي تائين ڳجهو رکيو ويو ۽ مارچ جي پهرين تاريخن ۾ سمورن تعليمي بورڊن کي موڪليو ويو، جن ڪٿي فونن ذريعي ڪاليجن جي پرنسپال کي هدايتون موڪليون ۽ تازو 8 مارچ 2006ع تي جڏهن بورڊ آف انٽرميڊيٽ سکر جي سيڪريٽري جي صحيح سان اهڙو ليٽر ڪاليجن کي پهتو، تڏهن وڃي ڦاٽ ڦاٽو ته سنڌ جو تعليم کاتو سنڌي ٻولي دشمني ۾ ڪيتري اڳڀرائي ڪري چڪو آهي. پهرين ڳالهه ته گورنر سنڌ کان وٺي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم سان گڏ ڪنهن کي به وفاقي وزارت تعليم (ڪريڪيولم ونگ)جي اسڪيم آف اسٽڊيز کي رد ڪرڻ جو اختيار نه آهي ۽ ٻيو ته سيڪريٽري تعليم ان سلسلي ۾ فيصلي جو مجاز نه آهي. آئون هن موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي مداخلت ڪرڻ جي اپيل ڪريان ٿو، متحده جي سربراهه الطاف حسين کي سنڌي ميڊيا آڏو سندس واعدو ياد ڏياريان ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته يارهين ڪلاس تائين آسان سنڌي پڙهائي ويندي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر نثار کهڙي ۽ ڊپٽي ليڊر مخدوم جميل الزمان کي به گذارش آهي ته آواز اٿارين ته جيئن سنڌ ۾ ٻوليءَ جي بنياد تي ڪامورڪي سازش ناڪام ٿي سگهي. هن وقت سنڌ جي مستقل رهاڪن. سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ جيڪا اتحاد، ڀائپيءَ ۽ ويجهڙائيءَ واري فضا پيدا ٿيل آهي، ان کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي شاگرد ۽ اردو شاگرد طئي ٿيل تعليمي پاليسي ۽ 1972ع واري سنڌي ٻولي ايڪٽ موجب آسان اردو ۽ آسان سنڌي جا مضمون، چوٿين کان يارهين ڪلاس تائين پڙهندا رهن، ڇو ته نئون نسل ئي مستقبل جي سنڌ ۾ محبت ۽ اتحاد جي ماحول کي قائم رکڻ ۾ سڀ کان سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نئين چونڊيل قيادت لاءِ پڻ هيءَ مسئلو هڪ ٽيسٽ ڪيس ۽ چئلينج طور اڀري آيو آهي. مون کي پڪ آهي ته اها هن مسئلي تي پنهنجي ڀرپور حڪمت عملي پڌري ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.۔۔۔۔ نوٽ ياد رهي ته هي ڪالم پوئين دورِ حڪومت ۾ لکيو ويو آهي،
    ۔
    سنڌي ادبي سنگت جون سنڌي ٻولي قومي ٻولي لاء ڪڍيل ريليون۔​

    http://www.youtube.com/watch?v=vyHuc9Eo210
    تاج جويو سنڌي ٻولي قومي ٻولي هڪ تقرير ​

    http://www.youtube.com/watch?v=pW7foDYsVLo
    http://www.youtube.com/watch?v=dk44VSrc2sU

    ادبي ادبي سنگت گلشن حديد ڪراچي جي ريلي ​

    http://www.youtube.com/watch?v=VcTwNr3pFDQ
    http://www.youtube.com/watch?v=mR2m-rsDvUc
    ادبي ادبي سنگت سکر جي هڪ ريلي ​

    http://www.youtube.com/watch?v=XqzQ_OhUq6g
    سنڌي ٻولي ڊاڪٽر قادر منگسي جي هڪ تقرير ​

    http://www.youtube.com/watch?v=UqoGcTHQhH8
    http://www.youtube.com/watch?v=R3HD_S2L0pQ
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي سانگهر هڪ گڏجاڻي ​

    http://www.youtube.com/watch?v=sjyYZFSp7RA
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي بشير خان قريشي جا الفاظ۽ تاثرات ​

    http://www.youtube.com/watch?v=kzJ-Wk4jEdY
    http://www.youtube.com/watch?v=-pDjepG30Ls
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي بيدل مسرور جي آواز ۾ هڪ لولي ​

    http://www.youtube.com/watch?v=r_X_SayEji0
    نئين آهي نت ناز وارن جي ٻولي سنڌي ٻولي قومي ٻولي​

    http://www.youtube.com/watch?v=rP3HgkczXAU
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۔۔ ڪي ٽي اين سهڻو وڊيو گيت​

    http://www.youtube.com/watch?v=qIiib6AxeiQ
    سنڌي ٻولي ..گفتگو۔۔ ڊاڪٽر الانه،عجاز قريشي،ڊاڪٽر فهميده ​

    http://www.youtube.com/watch?v=OWSbRLqZdyY&playnext=1&list=PLF4BC91C3EA9FE204
    http://www.youtube.com/watch?v=gwv-xYrzFig&playnext=1&list=PLF4BC91C3EA9FE204
    http://www.youtube.com/watch?v=wIPxoDd94qQ
    http://www.youtube.com/watch?v=wIPxoDd94qQ&playnext=1&list=PLF4BC91C3EA9FE204
    بشڪريه گوگل، وڪيپيڊيه، عوامي آواز، ڪاوش، يوٽيوب، ۽ ذاتي ممتاز وگهيو جي ڊائري۔۔
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي مضمون تياري جي مرحلي ۾ آهي۔

    ماشاءالله تمام بهترين پيرائي ۾ مضمون ڄوڙيو ويو آهي ، اوهان جي محنتن کي سلام

    الله اوهان کي صحت و عافيت ڏي
     
  3. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هي مضمون تياري جي مرحلي ۾ آهي۔

    واهه سائين
    لاجواب ونڊ۔۔۔
    اوهان جو هر ونڊ هڪ سبق هوندو آهي۔۔
    مهربانيون
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هي مضمون تياري جي مرحلي ۾ آهي۔

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري هن ليک ۾ ممتاز هميشه جيئان تمام گهڻن پاسن کان روشني وجهي مضمون کي انتهائي مانائتو ۽ ڄاڻ وارو ٺاهي ڇڏيو آهي ۔۔۔

    هن ليک کي هر طرح سان مڪمل ڪري ممتاز اسانجي مٿان قرب ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔

    هن ليک ۾ ڪنهن جا تي هي لفظ به لکيل آهين ته هاڻ وقت ڳالهين جو نه پر عمل جو آهي، سنڌي قوم کي هاڻ پنهنجن حقن وٺڻ لا هڪ هڪاڻي ڪرڻي پوندي نه تي ٻي صورت ۾ وقت تيزي سان گذري ويندو ۽ اسين پاڻکي لعنتون ڏيندي رهجي وينداسون۔۔۔ اچو ته سڀ سنڌي، ڪهڙي به فرقي ڪهڙي به مذهب يا ڪهڙي به سياسي ڌر سان واسطو رکندڙ هجون گڏ ٿي جدوجهد ڪري پاڻ ملهايون۔

    سلام ممتاز تنهنجي سنڌ دوستي تي، سلام اوهانجي سنڌي ٻولي سان پيار جي اظهار کي ۽ سلام اوهانجي هن ڪاوش تي۔

    ممتاز سائين کي هٿ ادب جا ٻڌي هڪ ٻيو به سهڻو مضمون سنڌ جي آدمشآري تي لکڻ جي گذارش ڪجي ٿي، ڇاڪاڻ ادي سليمان وساڻ خبر ڪئي آهي ته اپريل ۾ آدمشاري ڪرائي پئي وڃي۔۔۔

    هي پڻ سنڌين لا هڪ اهم مرحلو آهي ۔۔۔ اچو ته سڀ سنڌي پنهنجا اختلاف ختم ڪري هي مرحلو به سهڻي نموني پار ڪريون۔۔۔۔ ۽ سنڌ جي ٻچي ٻچي کي هن ڳڻپ ۾ ڳڻائي سنڌي هجڻ جو حق نڀايون

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔آمين
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا افتخار چوهاڻ صاحب سنڌي ٻولي قومي ٻولي لاء منهنجو لکيل ۽ ونڊ ڪيل مقالو ۽ ونڊ ۔۔۔ هڪ جائزو هڪ تحقيق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي۔۔۔ پسند ڪرڻ لاء توهان جي مهرباني، ادا افتخار صاحب اگر سنڌي ٻولي جو بقاءُ رهندو ته اسان جو بقاءُ رهندو سو مان ته اهيو چوندس ته هيئر اهو وقت آهي جنهن ۾ سنڌ جي عالمن اديبن سياستدانن توڙي عام ماڻهن کي هڪ ٿئي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي، تاڪ وقت آهر اسان پنهنجي ٻولي لاء ڪجهه ڪري سگهون،.....اسان کان ته هندستان جا عالم اديب گوهه کڻي ويا جو هنن هيڏي وڏي ملڪ ۾ به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا آهن اسان کي به انهن جي عمل تي عمل ڪرڻ گهرجي،ته اسان جي ٻولي کي به اسان جي ملڪ ۾ قومي ٻولي جو درجو ملي سگهي ٿو۔ ادا پنهنجي وطن ۽ ٻولي سان محبت هڪ فطري عمل آهي، ادا اسلامي ڪجهه ڪتابن ۾ ته اهيو به اچي ٿو ته پنهنجي شهر ۽ پنهنجي وطن سان ته اسان جي رسول پاڪ کي به محبت هئي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ جائزو هڪ تحقيق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي

    ادا ممتاز مهرباني

    هڪ اهم مسئلو آهي سنڌي ٻوليء جي قومي ٻولي هئڻ وارو پر مان افسوس سان چوندس ته ان مسئلي لاء هڪ مسلسل ۽ نه کُٽندڙ تحريڪ جي ضرورت آهي۔

    لک شاباسون آهن دوستن کي ، قومي سچڻن کي، ادبي سنگت وارن کي پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪجه ڏينهن کانپوء ان ۾ ٺاپر اچي ويندي ۽ وري ايندڙ سال هنن ئي ڏينهن ۾ اها ياد ايندي ، احتجاج ٿيندا، ڦوٽو سيشن ٿيندا، مضمون لکبا ۽ وري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مان دوستن جي هر ليک ، هر ڪوشش ، هر عمل کي سلام ٿو ڪيان پر افسوس سان چوندس ته نه کُٽندڙ تحريڪ شروع ڪانه ٿي آهي۔ سنڌي ٻوليء جي بقا لاء ٿيندڙ ادبي سنگت جي سڏ تي مان پاڻ به ڪراچيء واري احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي پر مونکي مايوسي ٿي ته لکين ماڻهن جي ميڙ کي آڻيندڙ بشير قريشيء سان گڏ ڪي 40 يا 50 ماڻهو هئا، ترقي پسند جا اٽڪل 20 يا 25 دوست هئا، صفدر سرڪي سان گڏ به ڪي چند دوست هئا ۽ محاذ جوڻيجو گروپ سان به ڪجه ساٿي هئا، ادبي لڏو به گهٽ نظر آيو ؟؟

    هي تحريڪ نه هئي پر مون کي ته ڪا فارملٽي لڳي رهي هئي۔ يار تحريڪ هلائڻ لاء هڪ اڻ کُٽ ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد جي ضرورت آهي۔

    بحر حال اوهان کي سلام ، اوهان جي سوچ کي سلام ۽ اوهان جي جذبن کي سلام
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هي مضمون تياري جي مرحلي ۾ آهي۔

    ادا ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ننڍڙي محنت کي پسند ڪيو آهي،، سائين بس توهان وانگر منهنجي به سنڌ ۔ سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي سان ٻٽيهه دليون آهن ۽ انشاءالله اهيا محبت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، بس پوء انهيء محبت ۾ پيا رنڊا روڙيندا آهيون، ۽ پوء مٿان وري توهان جهڙا محبتي دوست منهنجي انهيء محنت کي پسند ڪري جڏهن داد ڏيندا آهن ته دل جبل جيڏي وڏي ٿئي ويندي آهي، ادا توهان سچ ٿا چئو ته هي وقت ڳالهيون ڪرڻ جو نه آهي، پر عمل ڪرڻ جو آهي، ۽ هيئر به اسان ٺلهيون ڳالهيون ڪري پنهنجو وقت وڃايو ته پوء اسان جو ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو،۔۔۔۔۔۔۔ ادا افسوس ته اهيو آهي ته اگر اسان جي معاشري ۾ ڪتن جي بڇ ۽ ڪڪڙين جي ويڙهه هوندي ته ان ۾ به هزارين ماڻهون شرڪت لاء پهچي ويندا آهن ۽ اهو ماڻهن جو مجموعو ڏسڻ وٽان هوندو آهي مگر جڏهن سنڌ يا سنڌي ماڻهون ۽ ٻولي جي حقن لاء ڪو آوز اٿاريو ويندو آهي ته ان ميڙ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهون هوندا آهن اسان سنڌين جو اهيو ته حال آهي،۔۔۔۔۔ اسان جو اگر هاڻي به اهيو حال رهيو ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي نه سڌاريو ته پوء ڪٿي ايئن نه ٿئي ته۔۔۔۔ الا! ايئن مَ هو، جو ڪتابن ۾ پڙهجي ،ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارين جي ٻولي!!۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=xuemDTVb2Co
    http://www.youtube.com/watch?v=5j9zpJ-A1pk
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هي مضمون تياري جي مرحلي ۾ آهي۔

    ادا آرزو صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو ۽ مون کي مان ڏنو، ادا اگر سنڌي ٻولي زندهه آهي ته اسان جو به وجود زندهه رهندو، ۽ جيڪڏهن هاڻ به اسان پنهنجون اکيون نه پٽيون ته هي جيڪا اسان سنڌي لکي پڙهي رهيا آهيون الله نه ڪري انهيء عمل کان به محروم ٿئي وينداسين، سو ادا هاڻي سوچڻ ڇڏي ڏيون ۽ ڪو عملي ڪم ڪري ڏيکاريون، ادا ڪوشش ۽ دل جي خلوص سان ڪيل جدو جهد آخر رنگ لائيندي آهي، توهان ڏسو ته جڏهن ته هندستان ۾ سنڌي ادبي سنگت جي باني دادا گوبند مالهي سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ان ٽه مورتي ڪيرت، اتم ۽ مالهي ايتري ته جدوجهد ڪئي جو ان نتيجي ۾ هندستان اندر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو، ته پوء ڇا اسان جي دلي لڳاء ۽ سچي ڪوشش سان اسان جي پياري ٻولي جنهن ٻولي ۾ اسان جي ماء ڏني آهي لولي ان کي قومي درجو ڏياري نه ٿا سگهون، ادا همت وارن جي اڳيان ته جبل جهڪي پوندا آهن، جنهن جا دنيا ۾ ڪيترائي مثال آهن۔اٿو سنڌ جا وارسو ۔۔ ۽ استاد بخاري وانگر پنهنجي سنڌ سان محبت جو نالو لکرايو،
    http://www.youtube.com/watch?v=UEaIneL9geM
    http://www.youtube.com/watch?v=AbinP9LqVFQ
    http://www.youtube.com/watch?v=cOlK5o_YfcQ
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ جائزو هڪ تحقيق۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ٻولي قومي ٻولي

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جي مضمون کي پسند ڪرڻ لاء مهرباني، اميد ته اهڙي نظر رکيو ايندا، ادا توهان جي ڳالهه بلڪل سوُ سيڪڙو درست آهي ته اسان کي سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ هلائڻ لاء هڪ اڻ کُٽ ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ڪو به وقفو نه هجڻ گهرجي ۽ اڻ ٿڪ محنت ۽ جدو جهد ضرور رنگ لائيندي آهي جنهن جو تازو مثال مصر جي تبديلي آهي، مگر ان لاء اسان سڀني سنڌين کي هڪ ٿيڻو پوندو پوء اهو سنڌ ڇا پر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڇو نه رهندو هجي، يا هن جو ڪهڙو به مذهب يا فرڪو يا مۡتبِ فڪر هجي، ۔۔۔ادا افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان دنيا جي ٻين ڳالهين ۾ جهڙوڪ ڪتن ڪڪڙين جي بڇ ۾، گڏهن جي ميل ۾، ملاکڙن ۾، ميلن ۾ قبيلائي جهيرڻ ۾ ته هڪ هوندا آهيون مگر اگر ڌار ڌار آهيون ته سنڌ جي گڏيل مفاد ۾ ڌار آهيون جنهن ڳالهه جو مون کي ته تمام گهڻو ڏک ۽ تڪليف ٿيندي آهي، پر صرف واڪا ڪرڻ جي ٻيو ڇا ڪجي، پر بقول شاهه صاحب ته اهي واڪا ڪرڻ به چڱي ڳالهه آهي،۔۔۔۔۔۔ بس ادا سليمان دعا ڪريو ته اسان تمام سنڌين کي ڪو سنڌ جي گڏيل مفاد لاء ڪا سوچ جاڳي، آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو